اغوا ڪيو ويو هو، پوليس زبردستي بيان ڏياريو: صحافي

0
17
اغوا ڪيو ويو هو، پوليس زبردستي بيان ڏياريو: صحافي
اغوا ڪيو ويو هو، پوليس زبردستي بيان ڏياريو: صحافي

راڻيپور (ن پ ا) اغوا بعد ڊرامائي انداز ۾ بازياب ٿيل هنڱورجا جي صحافي فياض سولنگي سميت چئن ڄڻن مظهر سولنگي، شاهه دوست جعفري ۽ حنيف سولنگي کي پوليس سول جج سوڀوديرو ايٽ راڻيپور جي عدالت ۾ پيش ڪيو، صحافي فياض سولنگي عدالت ۾ روئيندي بيان ڏنو ته کيس نامعلوم ماڻھو ڳوٺ ٻاهران  اغوا ڪري ويا هئا، پوليس ڪشمور جي علائقي جمال مان بازياب ڪرايو، هن چيو ته پوليس سخت دٻاءُ وجهي بيان ڏياريو ته ڪنهن به اغوا نه ڪيو هو، مون سان انصاف ڪيو وڃي، پوليس عدالت کان 14 ڏينهن رمانڊ ڏيڻ جي استدعا ڪئي، جڏهن ته عدالت رڳو 3 ڏينهن جو رمانڊ منظور ڪيو، جاچ  آفيسر ظھور ڦل ٻڌايو ته ڪيس جو  هڪ جوابدار محمد صالح سولنگي روپوش آھي، جنهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، کيس جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.