ميھڙ(ن پ ا) ميهڙ جي سيڪنڊ ايڊيشنل ۽ سيشن جج اعجاز علي شاهه جي عدالت ميهڙ جي اڳوڻي ايس ايچ او ۽ موجوده سي آءِ اي انچارج سجاول قربان علي قمبراڻي کي نوجوان فرمان چانڊيو جي اغوا واري ڪيس ۾ ضمانت رد ڪري کيس جيل حوالي ڪري ڇڏيو آهي، اڳوڻي ايس ايچ او ۽ موجوده سي آءِ اي سجاول ضلعي انچارج قربان قمبراڻي تي ميهڙ ٿاڻي تي داخل ڪيس ڪيو ويو هو، جنهن ۾ عدالت ۾ پيش ٿيو جتي عدالت پاران سندس ڪچي ضمانت رد ڪندي کيس جيل حوالي ڪري ڇڏيو آهي ميهڙ جي ڳوٺ ٿيٻا جي رهواسي علي نواز چانڊيو سيشن ڪورٽ دادو ۾ 22 اي بي هيٺ درخواست داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو هو ته تاريخ 26 سيپٽمبر 2024ع تي رات جو پوليس انسپيڪٽر قربان علي قمبراڻي، اسان جي مخالفن راشد چانڊيو، افسر چانڊيو ۽ 40 کان 45 پوليس اهلڪار ساڻ ڪري اسان جي گهر تي ڪاهه ڪري گهر ۾ داخل ٿي منهنجي پٽ فرمان چانڊيو کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويو آهي، جنهن بعد دادو جي عدالت ميهڙ ٿاڻي تي اهڙو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو جڏھن ته 18 فيبروري 2025ع تي اھڙو ڪيس داخل ڪرڻ بعد ميهڙ ٿاڻي جو اڳوڻو ايس ايچ او قربان قمبراڻي ڪچي ضمانت تي هو، جڏھن ته ميھڙ جي عدالت سندس ضمانت رد ڪري کيس جيل حوالي منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيا آهن. ميھڙ پوليس موجب ته اڳوڻو ايس ايچ او قربان قمبراڻي کي عدالتي حڪم بعد دادو جيل منتقل ڪيو ويو آھي.