نئون ڪوٽ (ن پ ا) خبر موجب نئون ڪوٽ مان مبينا طور چاهيندڙ سان گهران نڪري مذهب مٽائي پسند جي شادي ڪندڙ ناري ڪرشما (ڪنول) جي وارثن اغوا جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ٿاڻي اڳيان احتجاجي ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي ناري جي وارثن رميش ڀيل، ڪرڙ ڀيل، ڀاڳان ڀيل ۽ ٻين چيو ته هفتو اڳ 3 ماڻهو سهيل رند، جاويد ۽ رياض رند رات جي وقت هٿيارن جي زور تي گهر ۾ گهڙي نينگري کي اغوا ڪيو، هنن چيو ته نئون ڪوٽ پوليس اسٽيشن تي رپورٽ درج ڪرائڻ لاءِ وياسين پر پوليس نينگري واپس ڪرائڻ جو دلاسو ڏئي موٽائي ڇڏيو، هنن چيو ته نياڻي نائين ڪلاس جي شاگردياڻي آهي، جنهن جي عمر 16 سال آهي، اسان هتان جي ايم پي اي، ايم اين اي وٽ به وياسين انهن به اسان کي دلاسا ڏنا، ڪنهن به نه ٻڌي، هنن تدارڪ جي گهر ڪئي، پوليس جو چوڻ آهي ته ناري اسلام قبول ڪري سهيل رند سان ميرپورخاص جي عدالت ۾ شادي ڪئي آهي، ناري پاران عدالت کي تحفظ لاءِ درخواست پڻ ڏني وئي آهي، جڏهن ته وارثن پاران ايف آءِ آر لاءِ ميرپورخاص جي عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي وئي آهي، عدالت 25 تاريخ تي ڌرين کي طلب ڪيو آهي، جنهن ڪري هن وقت ايف آءِ آر داخل نٿي ڪري سگهجي، آخري اطلاعن تائين ڌرڻو جاري هو، واضح رهي ته هفتو اڳ اغوا ڄاڻايل ھندو ناري ڪرشما ڀيل مذهب مٽائي نوجوان سهيل رند سان ميرپورخاص جي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪئي هئي.