مٺي ( رپورٽر ) مبينا طور اغوا ڄاڻايل ٽڪ ٽاڪر ڀاڳونتي ڀيل ڊرامائي انداز ۾ مٺي ٿاڻي تي پهتي، پ پ اڳواڻ سمترا منجياڻي، اشوڪ چوهاڻ ۽ بااثرن تي اغوا، تشدد ۽ مذهب مٽائڻ لاءِ دٻاءُ وجهڻ جو الزم خبر موجب ڏيپلو جي مشھور ٽڪ ٽاڪر ۽ فنڪارا ڀاڳونتي ڀيل ڪجھه هفتا اڳ صدام بجير نالي نوجوان سان اسلام قبول ڪري شادي ڪئي هئي ۽ سندس اسلامي نالو صائمه رکيو ويو هو، جيڪا شادي بعد مڙس صدام بجير سان گڏ مٺي جي اوڀر بجير محلي ۾ مسواڙي جڳھه واري رهائش تان 4 ڏينهن اڳ پرسرار نموني گم ٿي هئي ۽ مڙس ٿاڻي تي سندس اغوا جي الزام هيٺ درخواست ڏني هئي، جنهن ۾ باثرن ۽ زال جي رشتيدارن مٿان اغوا جو الزام لڳايو هو پر مٺي پوليس ڪابه ڪارروائي ڪرڻ جي زحمت نه ڪئي، جنهن بعد مبينا اغوا ڄاڻايل ڀاڳونتي عرف صائمه صدام بجير ڊرامائي انداز ۾ مٺي ٿاڻي تي پهچي، بااثر سياسي ماڻھن ۽ رشتيدارن مٿان اغوا ۽ زبردستي بيان تبديل ڪرائڻ لاءِ وحشياڻي تشدد جو الزام هڻي ڇڏيو آھي، هن مٺي ٿاڻي تي صحافين سان ڳالهائيندي الزام هنيو آھي ته مون اسلام قبول ڪري صدام بجير سان پسند جي شادي ڪئي ۽ مڙس سان گڏ ترسيل هئس ته مونکي پ پ پ ليڊيز ونگ اڳواڻ سمترا منجياڻي، اشوڪ چوهاڻ، منهنجي سئوٽن ۽ والد سان گڏجي اغوا ڪيو، جوابدارن منهنجي سهيلي پوڄا ڀيل کان مونکي فون ڪرائي چيو ته توسان ملڻ آئي آھيان، آئون جيئن دروازي تي آيس ته جوابدارن مون کي زبردستي اغوا ڪيو، مونکي اغوا بعد مختلف هنڌن تي منتقل ڪرڻ سان گڏ سمترا منجياڻي ۽ اشوڪ چوهاڻ پاڻ سان گڏ کڻي وڃي ڪراچي جي ڪنهن فليٽ ۾ قيد ڪيو، بااثرن جبري طور ٻيهر مذھب تبديل ڪرائي صدام بجير کان الڳ ڪرائڻ لاءِ وحشياڻو تشدد ڪري گن پوائنٽ تي سندن مرضي جو وڍيو بيان رڪارڊ ڪرائي سوشل ميڊيا تي وائرل پڻ ڪيو، ڪراچي مان بااثرن جي قيد مان آئون موقعي جو فائدو وٺي فرار ٿي مٺي ٿاڻي تي پهتي آھيان، صدام مڙس آھي، انکان الڳ نٿي ٿي سگهان، اغواڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، مون اسلام قبول ڪري صدام سان مرضي ۽ خوشي سان شادي ڪئي آھي، واپس مذھب تبديل نه ڪندس، اسانجي زندگين کي خطرو آھي، مونکي اغوا ڪندڙن خلاف ڪيس داخل نه ڪيو ويو ۽ تحفظ کي يقيني نه بڻايو ويو ته احتجاج ڪنداسين ۽ انصاف لاءِ عدالت جو در کڙڪائينداسين، ھوڏانهن مڙس صدام بجير صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مٺي پوليس بااثر اغوا ڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان لنوائي رهي آھي، اسان کي جوابدارن مان خطرو آھي ڪااروائي نه ڪئي وئي ته عدالت ۾ وينداسين، ٻئي طرف اغوا جي الزام هيٺ آيل مک جوابدار پ پ پ ليڊيز ونگ جي ضلعي صدر سمترا منجياڻي سان رابطو ڪرڻ تي سندس رابطي جو نمبر مسلسل بند هو، انڪري انجو موقف معلوم ٿي نه سگهيو.