مدئجي(ن پ ا) مدئجي ويجهو ڳاهيجا ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل ڳوٺ پنهور پليجا واسي حفيظ الله پنهور ۽ علي گل پنهور راڄوڻي ڪوششن بعد بازياب ٿي ويا، وارثن محمد يوسف پنهور طرفان تصديق ڪئي وئي آهي، ٻنهي ڄڻن چاچي ڀائٽي کي ٽي هفتا اڳ اغوا ڪيو ويو هو، هوڏانهن ايس ايچ او ڳاھيجا سرفراز ابڙو ٻڌايو ته ڏوھاري مغوين کي ڳڙھي ياسين لنڪ روڊ کان ڪراس ڪرائي رھيا ته مقابلو ٿي پيو، مقابلي بعد ٻنهي مغوين کي بازياب ڪرايو ويو آهي، ٻئي طرف علائقي ۾ چوٻول آهن ته مغوي جي وارثن ڀنگ پڻ ڀريو آهي.
باھو کوسو (ن پ ا) بلوچستان جي ڊيرامراد جمالي جي سٽي ٿاڻي جي حد باءِ پاس تان 5 ڏينھن اڳ اغوا ٿي ويل ٽرڪ ڊرائيور محمد يوسف ولد محمد ابراھيم کوسو کي ڇھٽر واري علائقي مان پوليس پاران مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.