اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ 9 مئي واقعن سان لاڳاپيل ڪيسن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر اعجاز چوڌري ۽ فرحت عباس جون ضمانتون هڪ هڪ لک رپين جي مچلڪن عيوض منظور ڪري ڇڏيون. جسٽس نعيم اختر افغان جي سربراهيءَ ۾ ٽي رڪني بينچ ضمانت واري درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. اسپيشل پراسيڪيوٽر موقف اختيار ڪيو ته اعجاز ماڻهن کي ڀڙڪايو ۽ سازش جو حصو رهيو. جسٽس نعيم اختر افغان رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اعجاز خلاف ڪيس ايترو مضبوط هو ته کيس خاص عدالت ۾ وٺي وڃن ها، هاڻ بس به ڪريو، ڪيترو گهليندا؟، عدالت چئي ڇڏيو ته ضمانت کي سزا طور استعمال نٿو ڪري سگهجي. پراسيڪيوٽر چيو ته فرحت عباس تي به 9 مئي جي سازش ۾ ملوث هجڻ جو الزام آهي. ساڳي بينچ جي ميمبر جسٽس هاشم ڪاڪڙ رمارڪس ڏنا ته سازش جو الزام ته امتيار شيخ تي به هو. پراسيڪيوٽر عدالت کان ٽرائل چار مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جي درخواست ڪئي. جسٽس نعيم افغان چيو، الله ڪري چار مهينن ۾ ئي ٽرائل مڪمل ٿي وڃي، پر هاڻ بس به ڪريو. عدالت فرحت عباس جي ضمانت به منظور ڪري ورتي.