ڪراچي( اسٽاف رپورٽر)اڳوڻي ايم پي پي اي اعجاز شاهه شيرازي جي نياڻين جو ڀائرن تي ملڪيت ڦٻائڻ جو الزام، ناهيد شيرازي ۽ آمنه شيرازي جو چوڻ هو ته رياض شاھ ۽ فياض شاھه بابا جي ملڪيت تي قبضو ڪري ويٺا آهن ۽ اسانکي حق نٿا ڏين. سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ناهيد ۽ آمنه شيرازي چيو ته ڀائر اسان جو قانوني حق نٿا ڏين، بابا جي ملڪيت ۾ اسان نياڻين جو حق آھي، رياض ۽ فياض شاهه شيرازي اسان جي ملڪيت تي قبضو ڪيو آھي. هنن چيو ته 2023 کان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس ھلي رهيو آهي پر هن مهل تائين انصاف ناهي مليو، هنن چيو ته عدالت ملڪيت ۽ بينڪ اڪائونٽن جي جائزي لاءِ ناظر مقرر ڪيو هو پر بابا جا جيڪي پيسه بينڪ ۾ پيل آهن انهن جي تصديق ٿيڻ باوجود چيو پيو وڃي ته اڪائونٽ خالي آهي.