سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي احتساب عدالت صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي صوبائي صلاحڪار عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت ڪيس جي ڄاڻايل هڪ ٻئي جوابدار عمران کي ڪيس جي ڪاپي فراهم ڪندي ٻڌڻي 4 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ۾ حاضري بعد اعجاز جکراڻي ميڊيا نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ هميشه ادارن جو احترام ڪيو آهي. اسان سياسي ماڻهن جي گرفتارين جي خلاف آهيون.