اظهر مشواڻي جي گم ڀائرن جو ڪيس، گهرو سيڪريٽري ۽ آءِ جي اسلام آباد عدالت طلب

0
37
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ  تحريڪ انصاف جي سوشل ميڊيا انچارج اظهر مشواڻي جي گم ٿيل ٻن ڀائرن جي بازيابي لاءِ داخل درخواست تي دفاع واري سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري، ڊي جي ايف آءِ اي ۽ آءِ جي اسلام آباد کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو

 جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب اظهر مشواڻي جي والد طرفان داخل درخواست تي ٻڌڻي هلائي، وڪيل سردار مصروف، آمنه علي ۽ مرتضيٰ طوري عدالت ۾ پيش

 اسسٽنٽ اٽارني جنرل عظمت بشير تارڙ عدالت کي ٻڌايو ته دفاع واري وزارت ۽ گهرو وزارت جي رپورٽ اڳواٽ  فائل ٿي چڪي آهي، سڪيورٽي ادارن جي رپورٽ موجب اظهر مشواڻي جو ڀاءُ پروفيسر مظهر الحسن ۽ پروفيسر ظهور الحسن بابت ڪا به خبر ناهي

 جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ڏنا ته هاڻي سمورن ڌرين خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪنداسين

عدالت دفاع، گهرو سيڪريٽريز، آءِ جي اسلام آباد ۽ ڊي جي ايف آءِ اي کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪندي چيو ته ڇو نه توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪئي وڃي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 15 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي