ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سينيئر بيٽسمين اظهر علي ڪجهه عرصي کان خاموش آهي، هو پاڻ کي خاموش تماشائي بڻيل ڏيکاري رهيو آهي، جنهن سبب مٿس تنقيد به ٿي رهي آهي. ويسٽ انڊيز خلاف 2 ٽيسٽ ميچز جي سيريز ۾ اظهر علي جي بيٽنگ ناڪامي جي ور چڙهي وئي، اُن 4 اننگز ۾ 15.50 جي معمولي ايوريج سان رڳو 62 رنز ٺاهيون، سندس سڀ کان وڏي اننگز به رڳو 23 رنز جي رهي، مجموعي طور تي اظهر علي 7 ڀيرا بال بائونڊري جو سير ڪرائڻ ۾  ڪامياب ويو.