ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اظهارِ جي آزادي ۽ آزاد صحافت جمهوريت جا اهم ٿنڀ آهن، پيپلزپارٽي سدائين اظهارِ جي آزادي ۽ جمهوري قدرن جي بقا لاءِ آواز اٿاريندي رھي آهي. سنڌ سرڪار بلاول ڀٽو ۽ صدر آصف زرداري جي قيادت ۾ صحافين جي حقن لاءِ ڪيترائي عملي قدم کنيا آهن. اظهارِ جي آزادي جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته سنڌ پهريون صوبو آهي، جنهن صحافين جي تحفظ وارو قانون منظور ڪيو، اھڙي ريت سنڌ انفارميشن ڪميشن جو قيام عوام جي معلومات واري حق ڏانهن اهم اڳڀرائي آهي، سنڌ سرڪار صحافي ويلفيئر فنڊ ذريعي مستحق صحافين ۽ سندن خاندانن جي مالي مدد ڪئي آهي، هن چيو ته سنڌ سرڪار اظهارِ جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪندي رهي آهي ۽ ڪندي رهندي. هن چيو ته اسان اهڙو پاڪستان چاهيون ٿا جتي هر صحافي آزادي، تحفظ ۽ وقار سان ڪم ڪري سگهي.