ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اطلاعات کاتي ۾ 7 اربن جي ڪرپشن واري ريفرنس جا پنجن سالن کانپوءِ دليل مڪمل، 20 سيپٽمبر تي فيصلو ٻڌائڻ جو اعلان، احتساب عدالت ۾ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي نيب جي دائري اختيار بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي، عدالت دليل مڪمل ٿيڻ تي ريفرنس جي دائري اختيار بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته اڄ سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمن بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿيندي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي به نظر ۾ رکڻو آهي، انهي ڪري فيصلو محفوظ ڪري رهيا آھيون، 20 سيپٽمبر تي فيصلو ٻڌايو ويندو، واضح رهي ته اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ ٻيا ضمانت تي آهن