ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪرڻ بعد پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز جي ڀرتين لاءِ بي ايڊ، ايم ايڊ ۽ ٻين ڊگرين جي بنياد تي اضافي مارڪون وٺندڙ سمورن اميدوارن جون ڊگريون تصديق ٿيڻ وارو مرحلو شروع، تعليم کاتي جي اختيارين پاران سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، قائد عوام يونيورسٽي نوابشاھه، علامه اقبال يونيورسٽي سميت سمورين لاڳاپيل يونيورسٽين کان ڊگرين جي بنياد تي اضافي مارڪون وٺندڙ پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز اميدوارن جون ڊگريون تصديق ڪرائڻ لاءِ باضابطه طور تي خط لکي جلد ڊگرين جي تصديق مڪمل ڪري رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته تعليم کاتي ۾ پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز جي ڀرتين واري عمل دوران مختلف ضلعن ۾ اميدوارن پاران ڊي آر سي ڪميٽين وٽ مبينا طور جعلي ڊگريون جمع ڪرائي اضافي مارڪون حاصل ڪرڻ وارا اسڪينڊل سامهون اچڻ کان پوءِ تعليم کاتي جي اختيارين پاران صوبي جي سمورن ضلعن ڪراچي، حيدرآباد، سکر، گھوٽڪي، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، ڪنڌڪوٽ_ڪشمور، شڪارپور، خيرپور، نوشهروفيروز، بدين، ٺٽو، دادو، ٿرپارڪر سميت ٻين سمورن ضلعن ۾ بي ايڊ، ايم ايڊ توڙي ٻين ڊگرين جي بنياد تي هڪ کان 3 تائين مارڪون کڻندڙ اميدوارن جي ڊگرين جي تصديق ڪرائڻ جو مرحلو باضابطه طور تي شروع ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان تعليم واري صوبائي وزير سردار شاھ جي هدايتن بعد تعليم کاتي جي لاڳاپيل اختيارين پاران سنڌ سميت ٻين صوبن جي لاڳاپيل يونيورسٽين کي خط لکي اميدوارن جي ڊگرين جي تصديق ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان تعليم کاتي جي اختيارين پاران يونيورسٽين جي اختيارين کي خط لکي کين هدايت ڪئي وئي آهي ته اميدوارن جي ڊگرين جي جلد کان جلد تصديق ڪري ڏني وڃي جيئن اميدوارن جي ڀرتين وارو عمل اڳتي وڌائي سگھجي. ٻئي پاسي ڄاڻ ملي آهي ته جعلي ڊگريون جمع ڪرائيندڙن جا آرڊر ڪينسل ڪرڻ کان سواءِ ڄاڻايل ضلعن ۾ ڊي اِي او خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي.
جيڪب آباد ۾ 4 اميدوارن جعلي ڊگرين تي اضافي مارڪون کنيون
ڪراچي: جيڪب آباد ضلعي ۾ 4 اميدوارن پاران جعلي ڊگرين ذريعي اضافي مارڪون کڻڻ وارو اسڪينڊل ظاهر ٿيو! تعليم کاتي پاران چئني اميدوارن جون ڊگريون تصديق ڪرائڻ دوران سندن ڊگريون جعلي نڪتيون. اميدوارن کي ڏنل آفر آرڊر ڪينسل ڪري ڊي اِي اوز خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز طور ڀرتين جي لاءِ جيڪب آباد ضلعي ۾ ڊي آر سي ڪميٽي وٽ 4 اميدوارن پاران جعلي ڊگريون جمع ڪرائي اضافي مارڪون کڻڻ وارو معاملو سامهون اچي ويو آهي. ڄاڻ موجب ته تعليم کاتي پاران پي ايس ٽي جي 4 اميدوارن جون ڊگريون تصديق ڪرائڻ بعد سندن ڊگريون جعلي نڪتيون آهن، جن جا آفر آرڊر جلد ڪينسل ڪيا ويندا. .
|
مختلف ضلعن ۾ 5 هزار اميدوارن جون ڊگريون تصديق ٿينديون
ڪراچي: ڊگرين جي تصديق واري عمل “ تعليم کاتي پاران مختلف ضلعن جي 5 هزار اميدوارن جون ڊگريون تصديق ڪرايون پيون وڃن. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته تعليم کاتي جي اختيارين پاران صوبي جي مختلف ضلعن جي مجموعي طور تي 5 هزار اميدوارن جون ڊگريون تصديق ڪرائڻ لاءِ اميدوارن جي نالن ۽ ڊگرين واري فهرست لاڳاپيل يونيورسٽين ڏانهن اماڻي وئي آهي.