اضافي خرچ پارليامينٽ منظوري سان مشروط: گئس، ڀاڻ، زرعي دوائون مهانگيون، زراعت تي جنوري کان ٽيڪس: آءِ ايم ايف جا شرط

0
47
اضافي خرچ پارليامينٽ منظوري سان مشروط: گئس، ڀاڻ، زرعي دوائون مهانگيون، زراعت تي جنوري کان ٽيڪس: آءِ ايم ايف جا شرط
اضافي خرچ پارليامينٽ منظوري سان مشروط: گئس، ڀاڻ، زرعي دوائون مهانگيون، زراعت تي جنوري کان ٽيڪس: آءِ ايم ايف جا شرط

اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس سيد نويد قمر جي صدارت هيٺ ٿيو. ناڻي وزير محمد اورنگزيب چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي گهٽجڻ شروع ٿي وئي آهي، هاڻي عوام کي ان جو فائدو پهچائڻ چاهيون ٿا. جيڪڏهن عالمي قيمتون گهٽ ٿيون ته ملڪ ۾ به شيون سستيون ٿيڻ گهرجن، اقتصادي رابطا ڪاميٽي هاڻي قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، اقتصادي رابطا ڪاميٽي دال ۽ مرغي جي اگهن جو جائزو ورتو. ناڻي وزير چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام اچڻ سان سمورا مسئلا حل نه ٿي ويندا، آءِ ايف ايف پروگرام جا هدف حاصل ڪرڻا پوندا. معاشي ۽ توانائي جي سڌارن تي عمل درآمد ڪري ڏيکارڻو پوندو. آءِ ايم ايف جا هدف نجڪاري متعلق حاصل ڪرڻا پوندا. ناڻي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته رائيٽ سائيزنگ جا حدف حاصل ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، معاشي ڪمزورين ۽ خامين کي دور ڪرڻ ۾ وڌيڪ دير جي ڪا گنجائش ناهي، اسان 25هين آءِ ايم ايف پروگرام ۾ داخل ٿياسين پر ڪيترن ئي پروگرامن ۾ ڪرڻ وارا ڪم نه ڪيا. ملڪ ۾ وڌندڙ آبادي جو بار هر معاشي حڪمت عملي کي ناڪام بڻائي رهيو آهي. جيڪڏهن ٻار غذائي عدم تحفظ جو شڪار هوندا ته معاشي ترقي مستحڪم نه ٿي سگهندي. ٻار اسڪول نه ويندا ته معاشي مستقبل اونداهو ٿي ويندو، عالمي بينڪ سان 10 سالن جي موسمياتي تبديلي جي پروگرام جي آڻي رهيا آهيون.  جڏهن ته قومي اسيمبلي جي ناڻي ڪاميٽي کي وفاقي ناڻي وزارت پاران آءِ ايم ايف جي شرطن بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو آھي ته آءِ ايم ايف جي شرطن تحت ڊسمبر 2024 ع جي آخر تائين 12 ارب ڊالر ، مارچ 2025 ع جي آخر تائين 10 ارب 20 ڪروڙ ڊالر ۽ جون 2025ع جي آخر تائين 8 ارب 65 ڪروڙ ڊالر مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا رکڻ جو حدف آھي، جڏهن ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت ڊسمبر جي آخر تائين 235 ارب ، مارچ 2025ع تائين 415 ارب ۽ جون 2025 ع تائين 599 ارب رپيا جاري ڪرڻ جو شرط به شامل آهي، ناڻي ڪاميٽي کي اهو به ٻڌايو ويو ته جون 2025 ع جي آخر تائين آءِ ايم ايف جي شرطن تحت ساڍا چار لک نوان ٽيڪس پيئر ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ڪرڻا آھن ۽ آءِ ايم ايف جو شرط آھي ته حڪومت ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم، ڪنهن شعبي کي زيرو ريٽيڊ سهولت نه ڏئي سگهندي، جڏهن ته منظور ٿيل بجيٽ کان اضافي خرچ پارليامينٽ جي اڳواٽ منظوري کانسواءِ نه ڪري سگهبا، وفاقي حڪومت جي خرچن کي گهٽايو ويندو ۽ انهن قدمن تي ٻڌل رپورٽ آءِ ايم ايف سان شيئر ڪئي ويندي. آءِ ايم ايف جي شرطن ۾ اهو به شامل آھي ته هر صوبو زرعي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ بابت قانونسازي ڪندو، پهرين جنوري 2025 ع کان زرعي ٽيڪس لاڳو ڪئي ويندي، جون 2025 ع تائين ڀاڻ ۽ زرعي دوائن تي 5 سيڪڙو فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو ڪئي ويندي. آءِ ايم ايف جي شرطن تحت فيبروري 2025 ع تائين سول سرونٽ ايڪٽ ۾ ترميم ڪري جنهن تحت اعلي سطحي سرڪاري آفيسرن ۽ انهن جي فيملي ميمبرن جي اثاثن جي ڊڪلريشن کي يقيني بنايو ويندو، اثاثن جا تفصيل ڊجيٽلي جمع ڪرايا ويندا ۽ انهن تفصيلن تائين عوام کي  رسائي ڏني ويندي، نجي نوعيت جي معلومات کي ايف بي آر ذريعي تحفظ ڏئي سگهبو ، جولاءِ 2025 ع جي آخر ۾ گورننس ۽ ڪرپشن جي اسيسمينٽ رپورٽ جاري ڪئي ويندي . بجلي سپلاءِ ڪندڙ سمورين ڪمپنين جي نجڪاري لاءِ گهربل تمام پاليسي قدمن کي مڪمل ڪيو ويندو ، جنوري 2025ع جي آخر ۾ گيس شعبي مان ڪيپٽو پاورز کي گئس فراهمي بند ڪئي ويندي. حڪومت پاران فيبروري 2025 ع تائين ساليانه گيس ٽيرف جي تعين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. خصوصي اقتصادي زونن جي مراعاتن کي 2035ع تائين ختم ڪيو ويندو ، صحت ۽ تعليم جي شعبي تي جون 2025 ع جي آخر تائين 2863 ارب خرچ ڪيا ويندا، جون 2025 ع تائين صوبائي پرائمري خسارو 1217 ارب رکيو ويندو، ايف بي آر جون 2025ع جي آخر تائين 12 هزار 913 ارب جون ٽيڪس وصوليون ڪندو، تاجر دوست اسڪيم تحت رٽيلرن کان جون تائين 50 ارب رپيا وصول ڪيا  ويندا بجلي شعبي جي رهتن کي گهٽ ڪري  417 ارب تي آندو ويندو وفاقي حڪومت 18 آئيني ترميم تحت اعلي تعليم ، صحت ، سماجي شعبي ، علائقي مامرن جي خرچن کي صوبن کي منتقل ڪيو ويندو، عوامي بنيادي ڍانچي، سروسز تي ٽيڪس، پراپرٽي ٽيڪس، زرعي انڪم ٽيڪس لاءِ صوبا قدم کڻندا، صوبا شين جون امدادي قيمتون مقرر نه ڪندا ۽ خريداري جي عمل کي به ختم ڪيو ويندو، وفاقي حڪومت 18 ترميم تحت پنهنجو دائرو گهٽ ڪندي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون اليڪٽرانڪ پاڪستان ايڪيوزيشن اينڊ ڊسپوزل سسٽم فنڊ قائم ڪنديون، بدعنواني جي روڪٿام جا صوبائي ادارا پاڻ کي فناشل مانيٽرنگ يونٽ، نيب  سان هم آهنگ ڪندا وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گريڊ 17 کان 22 تائين جي آفيسرن جي ويلٿ اسيسمينٽ تائين رسائي لاء ضابطو جاري ڪنديون . آءِ ايم ايف سان طئه ٿيل شرطن موجب وفاقي رٿابندي وزارت جنوري جي آخر تائين ويب سائيٽ تيار ڪندي جتي منصوبن جي منظوري جا معيار اسڪور ڪارڊ سان گڏ رکيا ويندا، جڏهن ته وفاقي ترقياتي پروگرام يعني پي ايس ڊي پي ۾ شامل ٿيندڙ نون منصوبن ۽ سالياني رقم جي فراهمي جا تفصيل به رکڻا پوندا .