سنڌ جي زمينن جي والار ۽ سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال جي معاملي تي سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ڏنو ويو ان حوالي سان مير الطاف حسين ٽالپر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ھي سنڌ حڪومت جي سرڪاري ويب سائيٽ تي رکيل سنڌ جو سرڪاري نقشو آھي جنھن ۾ ان ايراضي کي ظاھر ڪيو ويو آھي جيڪا حڪومت سنڌ مطابق ”سرڪاري زمين“ آھي. ان سرڪاري زمين کي سنڌ حڪومت ڳاڙھي رنگ سان ظاھر ڪيو آھي.
ٿورو نقشي تي 5 منٽ ڌيان ڏجو ۽ ”سرڪاري زمين“ واري سرڪاري اصطلاح کي ذھن ۾ رکي پاڻ فيصلو ڪجو ته ڳاڙھي رنگ سان ظاھر ڪيل ”سرڪاري ملڪيت“ اندر مقامي آبادي به رھي ٿي يا نه؟ جيڪڏھن رھي ٿي ته ان جا پنھنجي ديس جي ڌرتي تي ڪھڙا حق آھن؟ ان ”سرڪاري ملڪيت ايراضي“ ۾ زندگي گذاريندڙ جهنگلي جيوت، وڻن ٻوٽن جو ان ڌرتي تي ڪھڙو حق آھي؟
سنڌ حڪومت ”پنھنجي سرڪاري ملڪيت“ قرار ڏئي اھا ايراضي ادارن ۽ سرمائيدارن جي حوالي ڪري رھي آھي ۽ پنھنجي ان سامراجي ۽ انتھائي ظالمانه ۽ سفاڪانه فيصلي سان سنڌي قوم سميت سنڌ جي انيڪ بي زبان ساھدارن جي وجود کي تاراج ڪري رھي آھي. هڪ ٻي پوسٽ ۾ مير الطاف حسين ٽالپر لکيو ته پنھنجي ڌرتيءَ تي رھندي اسانکي پنھنجي اوسي پاسي جي خبر به ڪونھي ته پاڙي ۾ ڇا ٿو ٿئي. ڪارپوريٽ فارمنگ ھجي يا 6 ڪئنال، 99.9 سيڪڙو ماڻھن کي انھن جي باري ۾ ڪا به خبر ڪونھي. عام ماڻھن کي ته ڇڏيو پر وڏن وڏن تُرم خانن جي معلومات به صرف فيس بوڪ يا ڪنھن ٻئي پليٽ فارم تان نشر ٿيندڙ غلط ۽ ھٿ ٺوڪين فليش خبرن تائين محدود ھوندي آھي. ڪنھن به پوسٽ رکي ته ٻيا ان کي جيئن جو تيئن اڳتي شيئر ڪندا ۽ پو سڀئي غصي يا افسوس جا نشان ٽڪ ڪري ڪمينٽ ۾ پرزور يا سخت مذمت يا لعنت ملامت جا ڪمنٽ ڪري پنھنجو فرض مڪمل ڪري وٺندا آھن.
اھو سڀ ڪجھه انٽر نيٽ ۽ ان سان گڏ موبائيل فون يا ڪمپيوٽر ليپ ٽاپ کان بغير ته ممڪن ئي ڪونھي جو ڪير به سوشل ميڊيا ھلائي سگھي، ان جي باوجود به اسان جا ماڻھو انھن ئي اوزارن ۾ موجود برائوزر جو 5 منٽ استعمال ڪندي اھڙين خبرن جي باري ۾ ڪا معمولي ڇنڊ ڇاڻ به ڪرڻ پسند ڪونه ڪندا آھن. حالانڪ ڪنھن به اھڙي فيس بوڪي خبر جا پيرا کڻڻ ڪو وڏو مشڪل ڪم به ڪونھي نه ئي ان تي ڪنھن جا پئسا خرچ ٿيندا آھن.
ڪارپوريٽ فارمنگ کي سنڌي عوام جي نظرن کان مناسب عرصي تائين اوجھل رکڻ لاءِ 6 ڪئنالن واري بوگس اشو تي ھٿ سان واويلا مچرائي وئي ۽ اسانجا چڱا ڀلا نيڪ نيت نيڪ بخت ماڻھون ويچارا رڳو پنھنجي ان روايتي عادت سبب ان پروپئگنڊا جو شڪار بڻجي ويا. ھر طرف رڳو 6 ڪئنال تي ماتم پيو ٿئي ۽ وري مزيدار ڳالهه اھا جو اھڙا سڀئي ماتمي دستا پنھنجي سالارن سميت انھن 6 ڪئنالن جا نالا به ڪونه ٻڌائي سگھندا جن تي سڀني سنڌين کان ماتمي جهنڊا کڻايون ٿا وتن. جڏنھن ڪارپوريٽ فارمنگ جي ڪو ڳالھه ڪري ٿو ته ان کي لئي مٽي ڪرڻ لاءِ چوندا ته درياھه ۾ پاڻي ئي ڪونھي ته ھي وري ليکين ايڪڙ زمين سنڌ ۾ ڪٿان آباد ڪندا؟ يا ڪارپوريٽ فارمنگ واري اشو کي غير اھم ڪرڻ لاءِ ڪوڙا انگ اکر پيا ڦھلائيندا ۽ ماڻھن کي دلجاءِ ڪرائيندا ته زمينون اڃان ڳولھا جي مرحلي ۾ آھن، انھن جي الاٽ ٿيڻ ۾ وڏو وقت لڳندو تيستائين 6 ڪئنالن تي ”رڄ ڪي ماتم ڪرو مومنو“.
ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جون زمينون اداري جي ايسٽ انڊيا ڪمپني توھان اسانجي سوچ کان وڌيڪ تيزي سان پنھنجي قبضي ۾ آڻي رھي آھي بلڪه سالن کان وٺي انھن تي قبضا به ڄمايون ويٺي آھي. پر اڄ تائين سنڌ جي ” قومي قيادت“ ۽ ”قومي تنظيمون“ انھن کي عوام اڳيان وائکو ڪرڻ کان ڪن لاٽار ڪندا پيا اچن. سبب شايد ”خوف“ ھجي؟ يا سوديبازي ۾ حصيداري؟ … پر ان جو نقصان اجتماعي طور تي پوري سنڌي قوم کي ڀوڳڻو پوندو. قوم ۽ ڌرتي جي غدارن ۽ دلالن کي ڪڏھن به ڪٿي به سڪون ڪونه ملندو. اھو ته فطرت جو قانون آھي.
ڪنھن قومي ليڊر، قومي دانشور يا قومي پارٽي يا تنظيم اڄ تائين پنجاپي ڪمپني پاران سالن کان وٺي ڳڙھي ياسين تعلقي ۾ 7 کان 10 ھزار ايڪڙ زمين تي ھلندڙ ڪارپوريٽ فارم جي ڳالھه ڪئي آھي؟ مان ته ڪٿي به ، ڪنھن جي به زباني ان ڪارپوريٽ فارم جو ذڪر ڪونه ٻڌو آھي. حالانڪه ڳڙھي ياسين ، گولو دڙو، کيرٿر ڪئنال يا ڊکڻ يا جاڳڻ ڪنھن غير علائقي ۾ به ڪونھن نه ئي خفيه ماڳ آھن. ايندي ويندي سڀڪو اتي ٿيندڙ ”غيرمعمولي“ سرگرمين کي نوٽ به ضرور ڪندو ھوندو. بظاھر اھو ڪارپوريٽ فارم گولو دڙو فاريسٽ جي زمين تي شروع ٿيو ۽ اوسي پاسي جي نام نھاد طاقتور ڌرين جون زمينون به ڳڙڪائي ويو.
ھوائي خبرن ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ الاٽ ٿيندڙ ڪوڙن انگن اکرن ۾ جيڪي 52 ھزار ايڪڙ زمين سنڌ جي مختلف ماڳن تي سوشل ميڊيا ۾ گردش ڪندڙ آھي ان ۾ به مھنجي نظرن مان گولو دڙو – ڳڙھي ياسين واري ڪارپوريٽ فارم جو نالو ڪونه گذريو آھي.
عوام اک پٽي ته سموري سنڌ مان اھڙن سوين ھزارين ماڳن جي نشاندھي ٿي سگھي ٿي جيڪي چپ چپات ۽ لڪ چوري ڪمپني جي زير قبضه آھن.
اهڙين پوسٽن تي ڪمينٽ ڪندي رفيق ملاح مانجهند لکيو ته باقي بچيو ڇا، رانجهن پرمار لکيو ته ٿرپارڪر سڄو ڇا چئجي، انتها آهي، ايوب کوسو لکيو ته هڪ وڏي قومي جدوجهد جي ضرورت آهي، علي محمد لغاري لکيو ته نقشي ۾ ڳاڙھي رنگ سان ڏيکاريل ۽ سنڌ سرڪار پاران سرڪاري زمين قرار ڏنل مان اکين ڏٺي حقيقت عيان آھي ته اڇي رنگ وارا ٽڪرا ڇڏي باقي سنڌ ٻين حوالي ڪئي پئي وڃي ۽ وچ ۾ رھيل سنڌ جا اڇا ٽڪر به ڳاڙھي رنگ وارن جي گهيري ۾ آھن، چئن طرفن کان اڇي ٽڪر وارن جي رستا روڪ ڪيل آھي، ٿي سگهي ٿو ته اڳتي ھلي اڇي ٽڪر تي رھندڙن جي مڪمل رستا روڪ جو پلان به ٺھي ويندو، اھو ته مستقبل ۾ سنڌ جي وحدت کي تاراج ڪري اسرائيل طرز جو فلسطين کي گهيري ڪرڻ جھڙو پلان لڳي پيو، سجهندي ئي متحد ۽ سجاڳ نه ٿياسين ته سنڌو درياهه به ھٿن مان وڃي پيو ۽ سنڌ امڙ ڌرتي به ھٿن مان نڪري ويندي، رياض احمد سنائي لکيو ته سنڌ پاڻي گهري ٿي، سنڌ جي زمين تي قبضا نامنظور، لاڙڪ احمد شميل لکيو ته اسان 250 سالن کان پنهنجي ڳوٺ ۾ رهون پيا پر حڪومت چوي ٿي ته غيرقانوني آهي، غلام عباس منگي لکيو ته سخت مزاحمت کانسواءِ ڪو چارو ڪونھي، ستار بلوچ لکيو ته سنڌ جي وسيلن ۽ ملڪيتن جي نيلامي جي مذمت ڪريون ٿا، هاشم ميمڻ لکيو ته نقشو غلط ڏنو اٿن، اولهندي پاسي جابلو سلسلو کيرٿر آهي، اوڀرندي پاسي اڇڙو ٿر ويندي اوڀر۔ڏکڻ ۾ ٿر اچي وڃي ٿو، ڏکڻ ۾ لاڙ پٽ وٽ ڪريڪ واري سامونڊي پٽي آهي، تنهن هوندي به سرڪار مڪمل طور سنڌ دشمن ۽ ڌارين جي دلال آهي ان خلاف سنڌي قوم کي بنگلاديش جي عوام جيان سجاڳ ٿي جدوجهد ڪرڻي پوندي نه ته قومي وجود تي منڌيئڙو اچي ويندو، جندل شاهه لکيو ته جي اھا سرڪاري زمين وڏي سرڪار کي ملي ته پوءِ سنڌين جي ڪھڙي حيثيت ھوندي باقي سنڌ ۾ ھي اسرائيل کان به وڌيڪ خطرناڪ صورتحال آھي، رستم علي ڪلهوڙولکيو ته سنڌ جي زمين سنڌي عوام جي ملڪيت آھي، لياقت سومرو لکيو ته ان جي مذمت ڪريون ٿا، بادل لغاري لکيو ته ھڪ وڏي بغاوت کي ھوا ڏي رھيا، باقر علي ابڙو لکيو ته ڇا جو اسان جي زمينن، درياھن، ڍنڍوھن وسيلن تي قبضو ڪندا اسان کان سواءِ هي ڪجھه به نه آهن سنڌي قَوم محتحد ٿي ته بنگال وارن کان به برو حشر ٿيندو هنن جو، معشوق بلوچ لکيو ته باقي بچايو ڇا اٿن، صدام علي لکيو ته اھو سنڌ حڪومت وٽ اختيار ئي ناھي ڇو ته ھي زمين سنڌي قوم جي آ نه ڪنھن سرڪار جي، ظهير خان لکيو ته باقي ڇا بچايو اٿن، وشنو مل به ردعمل ڏنو، احمد غازي لکيو ته سنڌ جي ماڻهن کي ڪو لائحه عمل اختيار ڪرڻ گهرجي، حنيف بلوچ لکيو ته منھنجي خيال ۾نقشو فيڪ آھي… ڇو ته شھرن جا شھر ڳاڙهي لڪير ۾ آھن اھو سارو شھر ڀلا ڪئين سرڪاري ٿي سگھي ٿو ؟! عابد سنڪندر لکيو ته اڌ کان وڌيڪ سنڌ جي زمين سرڪاري قبضي هيٺ آيل آھي. فتح خاص لکيو ته اڇي رنگ واري زمين وارن کي به ڪونه ڇڏيندا تنهن ڪري ڏٻري کي سوير سنبرڻ گهرجي جاڳڻ گهرجي، منير احمد جمالي لکيو ته ھڪ وڏو الميو سنڌ کي اسرائيل بنائڻ جون سازشون، امام بخش لکيو ته اسين انڪم سپورٽ پروگرام جي پئسن ملڻ لاءِ باسون باسيندڙ ۽ پئسا ملڻ تي دھل ڌمامن سان نچندڙ آھيون. اسان کان ڪا به جدوجھد ڪونه ٿيندي. نويد عباسي به ردعمل ڏنو، حماد ملڪ، اعجاز ملاح لکيو ته ڪراچي ڊويزن ڪٿي آهي؟ ظهير اي انصاري به ردعمل ڏنو. جهانگير چنا لکيو ته ڇا پاڻي ۽ ڪئنالن تي ھلندڙ ڪم/ منصوبا به صرف مڪمل ٽوپي ڊرامو آھي؟ يا ٻئي پروجيڪٽ گڏوگڏ ٿا ھلن، امجد حسين مري لکيو ته ڳڙھي ياسين جنھن ٻيلي جي زمين تي بروھي مارفاڻي جيھڙو ھيو ھڪ سو کان وڌيڪ ماڻھو مارجي ويا ھيا ان زمين تي ھاڻي اداري جو قبضو آھي اتان جي رھاڪو ماڻھن کي لڏرايو ويو آھي، مهدي شاهه لکيو ته هي گولو دڙو واري علائقي ۾ ست هزار جي لڳ ڀڳ زمينون ته آفيشلي 2016.17ع ۾ الاٽ ڪيون ويون آهن. پر ان کان اڳ به ان علائقي جي گهڻين زمينن کي وڏي سرڪار پاران هتي جا عوام لاءِ سگهارا ماڻھو آباد ڪري اپت مٿي پھچائيندا رهيا آهن. هاڻي ته وڻ وڍي، ڳوٺ لڏائي، ماڻھن جا قبضا ڇڏرائي وڏي سرڪار اتي ماحول ئي ٻيو جوڙي ڇڏيو آهي. عبدالله جروار لکيو ته انٽرنيٽ آبادي جو وڏو حصو ڪونه ٿو هلائي . جيڪو حصو انٽرنيٽ هلائي ٿو انهن ۾ به چڱو حصو وڊيو وغيره ٻين ڪمن ۾ مصروف آهي تنهنڪري اڪثريت ماڻهن کي ڪاخبر ڪونهي ته ڇاپيو ٿئي. اڳي ريڊيو خبرن جو وڏو ذريعو هو. هاڻ بي بي سي ريڊيو وغيره بند آهن. اسان جي اڪثريت اخبارون وٺڻ پڙهڻ ڇڏي ڏنيون آهن. رونشي لاءِ فون ۽ نشي لاءِ مين پڙيون بچيون آهن. جان سمير لکيو ته گولو دڙو به مان ٻه ڏينهن اتي رهي آيو آھيان علاعقو ته نوگو ايريا آهي، خادم رند لکيو ته سنڌ کي ڏينھن جي روشنيءَ ۾ ڦريو ۽ لٽيو ٿو وڃي. جيڪڏهن سنڌ جا ماڻهو اڃان به خاموش رھيا ته پوءِ تاريخ ۾ انھن جو فقط ذڪر رھندو، اجمل باجڪاڻي لکيو ته مالڪن بلوچستان ۾ پير ڦٻائڻ پئي چاهيا جتي کين سخت مزاحمت کي منهن ڏئي رهيا آهي. سنڌ ۾ وڌيڪ آساني سان والار ڪن پيا. اڳواڻ سڀ خاموش آهن،