اشو آف دي ڊي … ھر انسان عزت وارو آھي نه ڪي رڳو پيسي ۽ وڏي گاڏي وارو … ڪراچي ۾ ڀيڻ آڏو نوجوان کي تشدد جو نشانو بڻائيندڙ با اثر سلمان فاروقي مٿان شديد تنقيد

0
34
اشو آف دي ڊي ... ھر انسان عزت وارو آھي نه ڪي رڳو پيسي ۽ وڏي گاڏي وارو ... ڪراچي ۾ ڀيڻ آڏو نوجوان کي تشدد جو نشانو بڻائيندڙ با اثر سلمان فاروقي مٿان شديد تنقيد

 ڪراچي ۾ ڀيڻ آڏو نوجوان کي تشدد جو نشانو بڻائيندڙ با اثر سلمان فاروقي مٿان سوشل ميڊيا تي شديد تنقيد ڪئي پئي وڃي. نقاش خاصخيلي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته ڊِفينس ڪَراچِي ۾ نوجوان شَهرِي کي ڀيڻ جي اَڳيان تَشدد ڪَندڙ سلمان فارُوقِي کي عَدالت ۾ پيش ڪَيو وَيو آهي. عباد الرحمان شيخ جوابدار سلمان فاروقي جي عدالت ۾ پيشي واري وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچي ۾ معصوم شھري مٿان تشدد ڪندڙ سلمان فاروقي کي پنهنجي اصليت جي خبر پئجي وئي، اھو سنڌ جي گڏيل شعور جو نتيجو آ جو ھي بدمعاش پوليس ڪسٽڊي ۾ عدالت پھتو. ھنن ڪراچي کي پنهنجي پيءُ جي جاگير سمجھي معصوم شھرين سان ظلم ڪيا آھن.مدد علي سنڌي به اهڙي وڊيو شيئر ڪئي. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ وڪيل جوابدار سلمان فاروقي مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چئي ٿو ته هن کي شرم نٿو اچي، شهرين مٿان تشدد ڪري ٿو، اڪبر سهتو وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته  ڪراچي ۾ نوجوان تي ڀيڻ جي سامھون تشدد ڪندڙ سلمان فاروقي کي ڪورٽ ۾ پيشي دوران عوام پاران سٽڪو، اھا اٿو ڀينرن جي آھه،  ڀاءُ کي ڀيڻ آڏو مارڪٽ ڪندڙ دنيا آڏو خوار ۽ ذليل ٿي رهيو آهي، ڊفينس ۾ ڀاءُ کي ڀيڻ آڏو مارڪٽ ڪندڙ سلمان فاروقي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ماڻهن کي سلمان فاروقي تي ڪاوڙ آهي، ۽ اهي چئي رهيا آهن ته هن کي ماريو ماريو، ڪاوڙيل ماڻهو هن کي ڌڪا ڏين ٿا ۽ چنبا به هڻن ٿا، ڪاوڙيل ماڻهو به چون ٿا ته هڪ نياڻي هن کي هٿ ٻڌي التجائون ڪري رهي هئي هن کي شرم نه آيو، ڀيڻ جي سامهون ڀاءُ مٿان تشدد ڪري رهيو هو، پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عديل احمد سهتو لکيو ته ٽوپي ڊرامو آهي، جي ايم سومرو لکيو ته اھو اٿو ماڻھن جي ٻڌي ۽ احساس، ادڙي جي ھنن ڀائرن بدلو وٺي ڇڏيو سوشل ميڊيا زندا باد، بيوس بلالي لکيو ته اھڙن ماڻھن سان ائين ئي ٿيڻ گھرجي، سيد افسر حسين لکيو ته ڀيڻ ڀيڻ ھوندي آ، هن کي ڀيڻ ڀاءُ جي رشتي جي خبر ڪونهي، علي حيدر لکيو ته عوامي سجاڳي زنده آباد، مظفر شبير بوزدار لکيو ته پوليس وارا هن کي وٺي سڌو ڪن جيڪي هنن جو بچاءَ ڪن ٿا، نور محمد ميمڻ لکيو ته حساب ته ٿيندو  ظالم سان .ڪو دير ڪو سوير . قلندر شاهه به راءِ جو اظهار ڪيو، فرحان رانجهاڻي لکيو ته زبردست ڪٽڪو، شاهنواز مولائي لکيو ته اھڙن ماڻھن سان اهڙو ئي حشر ٿيڻ گھرجي، مشتاق ناريجو لکيو ته بهترين سبق، نور دين ٻرڙو لکيو ته ٽوپي ڊرامو گرفتاري، هي سلمان فاروقي ڪراچي جو ڪروڙ پتي ۽ فلم ميڪنگ ڪمپني جو مالڪ آھي، ڪالهه هن هڪ موٽر سائيڪل سوار کي سندس ڀيڻ جي آڏو ان لاءِ تشدد جو نشانو بڻايو جو هن ٽريفڪ جام سبب هن جي قيمتي گاڏي کي رستو نه پئي مليو، هي مغرور ڪروڙ پتي موٽرسائيڪل واري جي ڀيڻ جي ايلازن ۽ پيرين پوڻ جو به خيال نه ڪيو، اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي مجبورن پوليس هن ڪروڙ پتي کي عوام کي ڏيکارڻ لاءِ اهڙي لاڪ اپ ۾ کيس بيهاري فوٽو ڪڍيو آھي جنهن لاڪ اپ جو ڪڙو ۽ قلف بند ٿيل ناهي، پوليس کي صرف تصوير ڪڍڻي هئي تڪڙ ۾ اهو وسري ويو ته لاڪ اپ جي دروازي جو ڪڙو کليل ۽ تالو به ناهي ڏنل، سوشل ميڊيا جي ردعمل بعد کيس هٿڪڙي هنئي وئي ۽ لاڪ اپ جو در به بند ڪري ڪڙو ۽ تالو هنيو ويو. ماسٽر خالق ڀاڳت به ردعمل ڏنو، خان طلعت لکيو ته ان شخص اهو سٺو ڪيو ويو، جمشيد سهتو لکيو ته قسم سان ھي ڏسي منهنجي دل کي ڏاڍي خوشي ٿي، شايد جيڪي هن وچ روڊ تي بيهي چنبا هيا ان ڪا به وڌيڪ، منير ڀيلار، شاهد سهتو، آغا شير گل، حيدر سمون، بيگ محمد سهتو، مختيار حسين، ايس اي خان، حنيف سنڌي،اشرف علي به سلمان فاروقي سان ٿيل اهڙي ورتاءَ جي ساراهه ڪئي، زاھد حسين ڪٽوھڙ لکيو ته اھو ڏسي گھڻن کي سوچڻ گھرجي ھاڻي خيال ڪرڻ گھرجي ھر انسان عزت وارو آھي نه ڪي رڳو پيسي ۽ وڏي گاڏي وارو، اسدالله مهر وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته  هن زمين تي رهندڙ فرعونن لاءِ هڪ سبق آ ته جڏھن توهان پيسي جي طاقت جي نشي ۾ انڌا ٿي  مسڪينن سان ظلم ڪندئو ت خدا جي جلاليت حرڪت ۾ اچي ويندي آ ۽ پوءِ ائين ٿيندو آ جيئن  سلمان فاروقي سان ٿئي پيو. انسانُ انسانَ کان ڏاڍو ٿي سگهي ٿو پر خدا جي قانون کان ڏاڍو ڪڏھن به نٿو ٿي سگهي.