اشو آف دي ڊي … گريوٽيشنل سلنگ شاٽ

0
20
اشو آف دي ڊي ... گريوٽيشنل سلنگ شاٽ

 گريوٽيشنل سلنگ شاٽ ڇا هوندي آهي، خلا ۾ اسپيس پروبس جي اسپيڊ ست لک ڪلوميٽرس في ڪلاڪ تائين ڪيئن وڌائي ويندي آھي ۽ بليڪ هول جي escape velocity ڪهڙي بلا آهي؟ اچو ته سائنس جي دنيا جي انهن سوالن جو جائزو وٺون.

What is gravitational Slingshot?

                         اوهان جوئر جي فصل ۾ ٺهيل پيهي منجهان کانڀاڻي ذريعي مٽي جو ٺهيل بال يا گلولو ته اڇلايو هوندو، يا ٻين لفظن ۾ کانڀاڻي منجهان فائر ذريعي جهار يا پکين کي هڪلڻ وارو لقاء ته ڏٺو هوندو. هن طريقي سان کانڀاڻي کي گول گول ڦيرائي گلولي کي تيز اسپيڊ سان وڌيڪ فاصلي تائين اڇلائي سگهبو آهي. گريوٽيشنل شلنگ شاٽ به ڪجهه ان طريقي سان ڪم ڪندو آهي. جيئن ته ڪنهن به راڪيٽ يا خلائي جهاز کي زمين تان اڏائڻ دوران سڀني کان مشڪل مرحلو زمين جي ڪشش جنهن کي ڪشش ثقل چوندا آهن، مان آزاد ٿيڻ هوندو آهي. ان مرحلي ۾ ئي هزارين ٽن فيول خرچ ٿيندو آهي، اهو فيول جو بار ڪنهن به خلائي جهاز جي وزن جو اڌ کان وڌيڪ هوندو آهي. اوهان ڏٺو هوندو ته ڪجهه ئي منٽن ۾ خلائي جهاز مان فيول جا خالي ٿيل ٽينڪ ڌار ٿي زمين طرف ڪرندا آھن، گهڻي قدر سمنڊ ۾ ڪرندا آهن. اهوئي سبب آهي جو خلائي جهاز جا لانچنگ پيڊ گهڻي قدر سمنڊ ڪناري ٺاهيا ويندا آهن. هر خلائي جسم جيئن چنڊ، گرهه، ستاري يا بليڪ هول مان اُڏڻ لاءِ جيڪا گهربل اسپيڊ هوندي آهي ان کي اسڪيپ ولاسٽي  escape velocity چئبو آهي. زمين جي گريوٽي مان نڪرڻ لاءِ جيڪا گهربل رفتار آهي اها آهي يارنهن ڪلوميٽر في سيڪنڊ.

ڪوبه خلائي جهاز يا راڪيٽ يا اسپيس پروب يارنهن ڪلوميٽر في سيڪنڊ جي رفتار سان اڏندي زمين جي گريوٽي مان نڪري ويندو آهي ۽ ان دوران زمين جي گريوٽي جي حدن اندر جيڪا اسپيڊ حاصل ڪرڻي هوندي آهي حاصل ڪري وٺبي آهي. زمين جي حدن مان نڪرڻ کان  پوءِ خلائي جهاز جي ڪانسٽنٽ اسپيڊ هوندي آهي، اها اسپيڊ وڌائڻ لاءِ سائنسدان ۽ انجينئر جهاز جي اهڙي طريقي سان ڊائريڪشن ۽ اسپيڊ سيٽ ڪندا آهن جو جهاز يا پروب رستي ۾ ايندڙ سياري جو هڪ خاص مفاصلي تان کانڀاڻي جي گلولي وانگر چڪر هڻي اسپيڊ پڪڙي هڪ خاص ڊائريڪشن ۾ روانو ٿي ويندو آهي. ان کان پوءِ اها اسپيڊ ڪانسٽنٽ رهندي آهي. اهو به هڪ سائنس ۽ انجينئرنگ جو شاهڪار آهي ته ڪروڙين ڪلوميٽر پري بغير انساني ڪنٽرول جي اڏامندڙ جهاز ايتري زبردست طريقي سان ڊزائن ڪبو آهي جو پرفيڪٽ طريقي سان، هڪ خاص فاصلي ۽ اسپيڊ سان ڪنهن به سياري جو ويجهو اچي شلنگ شاٽ ذريعي گهربل اسپيڊ ماڻي وٺي، ائين نه جو ان سياري جي گريوٽي جو کاڄ بڻجي اتي ئي ڪري پوي. ناسا جا اسپيس پروبس جيئن وائيجر 1 ۽ 2، سياري زحل طرف ڇڏيل ڪسيني اسپيس پروب يا تازو سج جي اسٽڊي لاءِ ڇڏيل پارڪر اسپيس پروب جنهن ست لک جي اسپيڊ سياري وينس وٽان گريوٽيشنل شلنگ شاٽ ذريعي حاصل ڪري ورتي هئي. انڊيا پنهنجو پهريون مشن مريخ تي جڏهن موڪليو هو ته انهن به ائين ئي ڪيو هو، ان تي هڪ فلم به ٺهيل آهي، مشن منگل. مان اها فلم اڃا نه آهي ڏٺي.

ڳالھ پئي هلي escape velocity جي، اوهان سڀني اهو ته ٻڌو هوندو ته بليڪ هول ڪاري بلا ان ڪري آهي جو بليڪ هول جي گريوٽي منجهان روشني به نڪري نه ٿي سگهي، ان ڪري هو ڪارو هوندو آهي. بليڪ هولز جي گريوٽي ايتري قدر strong هوندي آهي جو اتان ڪنهن به شي کي ڀڄي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ بليڪ هول جي escape velocity سان نڪرڻو پوندو. بليڪ هول جي اسڪيپ ولاسٽي ڪيتري آهي، اها آهي ٽي لک ڪلوميٽر في سيڪنڊ يعني روشني جي رفتار. هاڻي روشني جي رفتار کان وڌيڪ ڪا شي ٽريول ڪري نه ٿي سگهي ان ڪري روشني سميت ڪابه شي بليڪ هول کان ٻاهر نه ٿي اچي سگهي.

اها ته اسان سڀني کي خبر آهي ته ائٽم ۾  نيوڪليئس جي ٻاهران اليڪٽرانس گردش ڪندا آهن، پر اصل ۾ سڄو ائٽم تقريبن خالي هوندو آهي. ان کي سمجهڻ لاءِ اوهان هڪ هائڊروجن ائٽم کڻو، ان جي نيوڪليئس کي ڪنهن به طريقي سان هڪ ڪرڪيٽ بال جيترو وڏو ڪيو، ته ان ئي حساب سان اليڪٽران به نيوڪليئس کان ان ئي نسبت سان دور ٿي ويندو. هاڻي جيڪڏهن هائڊروجن ائٽم کي جيڪڏهن قاسم آباد ۾ رکجي ته ان جو اليڪٽران ڄامشوري ۾ هوندو. هاڻي اندازو لڳايو ته ائٽم 99.99999999 سيڪڙو خالي هوندو آهي. مطلب هر شي جيڪا اسان ڏسون ٿا يا ٽچ ٿا ڪيون اها صرف خلا آهي، ۽ اسان پاڻ خلا آهيون. هاڻي هي ڪانسييپٽ سمجھ ۾ اچڻ جهڙو ته آهي نه، ان ڪري ئي ڪوانٽم مڪينڪس ايڏي عجيب و غريب آهي. ڪوانٽم مڪينڪس جون کوجنائون انساني ذهن پنهنجي قابليت آڌار imagine نه ٿو ڪري سگهي پر ميٿيمٽڪس چئي ٿي ته اهوئي سچ آھي.