اشو آف دي ڊي … ڪنهن جي حڪومت ويندي ۽ ڪنهن جي حڪومت ايندي؟ بحث

0
168

 پي ٽي آءِ ۽ نواز ليگ اڳواڻن جي بيانن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو آهي ته ملڪ ۾ ايندڙ حڪومت ڪنهن جي هوندي ۽ ڇا هڪ ڀيرو ٻيهر پنجاب ۾ حڪومت جي تبديلي ٿيڻ واري آهي. ان حوالي سان نواز ليگ اڳواڻ حنيف عباسي جو بيان سوشل ميڊيا تي هلي رهيو آهي جنهن ۾ حنيف عباسي چيو آهي ته خوشخبري ڏئي رهيو آهيان ته ايندڙ مهيني پنجاب ۾ ٻيهر نواز ليگ جي حڪومت هوندي، اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي احمد علي بلوچ لکيو ته صحيح ٿو چوي، امير بخش وگهيولکيو ته حڪومت پيا ڪيو يا ڇڪو راند پيا ڪيو، نثار علي ابڙو لکيو ته اهو اسمگلنگ ۾ ملوث رهيو آهي، صابر حسين منگي لکيو ته عمر قيد سزا يافته اهڙي ڳالهه پيو ڪري، راشد بخاري به راءِ جو اظهار ڪيو، علي زيدي چيو آهي ته ايندڙ حڪومت پي ٽي آءِ جي هوندي، اهڙي بيان تي به مختلف تبصرا ڪيا ويا، عبدالمجيد کوکر لکيو ته ۽ علي زيدي پاڪستان جو صدر هوندو، عمران گل سومرو لکيو ته جن اوهان کي عزت بخشي هاڻ اهي عزت بچائڻ ۾ پورا آهن، سراج حاجاڻو لکيو ته زيدي ڀائي خوابن تي ڪوبه ٽيڪس نه آهي اهو توهانجو بنيادي حق آهي ڀلي پيا ڏسو ڏينهن رات، عطاءُالله جمالي لکيو ته پهريان ئي هنن ملڪ کي تباهه برباد ڪري ڇڏيو، امتياز علي لکيو ته دل وندرائڻ جو خيال سٺو آهي، بشير احمد سومرو لکيو ته هاڻي سوچيو ئي نه، سيده ايمي لکيو ته خدا اسان تي رحم ڪندو، ڪي بي ڏنگر لکيو ته عمران پي ٽي آءِ، ڪامران قاسم لکيو ته انشاءَالله پي ٽي آءِ زنده آباد، عرفان لاشاري لکيو ته انشاءَالله، سنڌي امتياز علي ۽ فاروق احمد به لکيو ته ايندڙ حڪومت پي ٽي آءِ جي هوندي انشاءَالله، ساجد مستقيم لکيو ته ھا اعتبار ڪونهي ھاڻي انهن جي مرضي آ جنهن کي ويھارين چور ھجي ڪرپٽ هجي ڪير به هجي، پنهور طفيل لکيو ته ڏينهن جو خواب ٿا ڏسو، غلام قادر اعواڻ لکيو ته انشاءَالله پي ٽي آءِ حڪومت ايندي، محمد انس لکيو ته ٻلي کي خواب ۾ ڇيڇڙا، عبدالسلام بلالي لکيو ته اسان لاءِ سڀ هڪجهڙا آهن جيڪو به آيو، سرفراز احمد لکيو ته چورن پي ڊي ايم جي ٽولي کان ته بهتر آهي، توفيق الرحمان لکيو ته انشاءَالله پي ٽي آءِ جي حڪومت ايندي، راجيش ڪمار لکيو ته جيستائين پاڪستان جي عوام آزمائڻ بند نه ڪندي تيستائين خان ۽ خانه بدوش حڪومت ڪندا رھندا… سفير سيال، مير ڪريمداد خان مري لکيو ته پي ٽي آءِ حڪومت ئي ايندي انشاءَالله، منٺار علي بروهي لکيو ته ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي، اظهر جان بروهي لکيو ته ھينئر وري ڪهڙو آمريڪا جي آھي سڀ گڏ ويٺا آهيو . زينب حيدر، رانا خان به لکيو ته ايندڙ حڪومت پي ٽي آءِ جي هوندي، اسلم نهڙيو لکيو ته خواب…ساجد مري، محسن سهتو به راءِ جو اظهار ڪيو. سيد نواز لکيو ته ڪوڙا آهن انهن کي شرم اچڻ گهرجي، فتاح ميمڻ لکيو ته اوهان  جي مٿان هاڻي هٿ ناهي، اعجاز سومرو لکيو ته جيئن سنڌ ۾ ھنن انقلاب اندو ائين ئي پاڪستان ۾ هنن جي حڪومت هوندي،  معظم علي سروري لکيو ته الله بچائي، عزيز رانجهاڻي، طاهر حسين، ريحان سومرو، ايم امين دادا رميز، احمد علي بلوچ، شائسته قريشي به راءِ جو اظهار ڪيو.