اشو آف دي ڊي … ڪشمور واري چڻنگ سڄي سنڌ ۾ باهه ٿي ڀڙڪي، سمورا مغوي بازياب ڪرايا وڃن، وانا وزيرستان جا دهشتگرد ختم ٿي سگهن ٿا پوءِ سنڌ مان ڌاڙيل ڇو نه؟ عوام

0
43

مغوين جي بازيابي لاءِ ڪشمور ۾ ڌرڻي واري معاملي تي ڪشمور پروٽيسٽ ٽرينڊ سوشل ميڊيا تي ڪالهه به جاري رهيو، سمورين مغوين جي بازيابي جو مطالبو ڪيو ويو، جڏهن ته مختلف شهرن ۾ احتجاج جو سڏ پڻ ڏنو ويو، سوشل ميڊيا تي به احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته ڪشمور واري چڻنگ سڄيءَ سنڌ ۾ شل باھ ٿي ڀڙڪي، سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته اچو ته پنھنجن جي مالڪي ڪريون، پوليس ۽ سردارن جي پاليل ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڪري سمورا مغوري بازياب ڪرايا وڃن، وانا وزيرستان ۾ آپريشن ڪري دھشتگردن مان ڇوٽڪاڙو حاصل ڪري سگھجي ٿو ته پوءِ سنڌ جو امن تباهه ڪندڙ ڌاڙيلن جو خاتمو ڇو نٿو ٿي سگهي؟ ان حوالي سان  الفت حسين پتافي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سموري سنڌ جا جوڌا جوانو، پنھنجي مطالبن ۾ پريا ڪماري ۽ پروفيسر نوتن لال کي نه وسارجَو، جنهن تي جاويد حالتي لکيو ته مسنگ پرسن کي به نه وسارڻ گهرجي، اياز پيرزاده لکيو ته الا سچ ٿا چئو الائي ڪھڙي حال ھوندا آھن بي قصورن جي آزاديءَ جو مطالبو ڪيون ٿا، منظور ميمڻ لکيو ته ڪشمور ڌرڻي سان ڪو انقلاب ڪونه ايندو. ان کان ڪئي دفعا وڌيڪ پرزور ڌرڻا ۽ مظاهرا ته قاهره ۾ تحرير اسڪوائر ۾ ۽ تيونس ۾ ٿي چڪا آهن. گذريل مهيني پيرس ۾ ٿيندڙ مظاهرا به اوهان ضرور ڏٺا هوندا. سوشل ميڊيا جي ذريعي اٿندڙ ڪو به احتجاج ائين ختم ٿي ويندو آهي جيئن ڦوڪڻي مان هوا. ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ جي مظاهرين کي ڌمڪي مڙئي گدڙ ڀڀڪي آهي. سنڌ کي درپيش سمورن مسئلن جو حل مظاهرن ۽ ڌرڻن ذريعي نه، فقط سياسي طريقي سان ئي ممڪن آهي. جنهن جي لاءِ سنڌ جي سڄاڻ ڌرين کي سرجوڙي تدبيرون سوچڻيون پونديون جنهن ۾ ٻرندڙ مسئلن جي ترتيبوار لسٽ ٺاهي هر مسئلي جا ڪارائتا ۽ عمل جوڳا حل تجويز ڪرڻا پوندا ۽ حڪومتي ڪارندن سان سندن آفيسن ۽ وڏيرن سان سندن اوطاقن ۾ ملاقاتون ڪري کين باور ڪرائڻو پوندو ۽ راضي ڪرڻو پوندو ته اهي سڀئي سهڪار ڪن. جنهن تي ايم بي لاشاري، وحيد اوڳاهي، ،حمد ياسين ڀيو، الطاف انصاري، رميش لال، عابد لغاري، جئي پرڪاش، گلشير پليجو، موتي رام، عابد لغاري، خالد لغاري، غلام نبي بهراڻي ۽ ٻين به ردعمل ڏنو. عرفان علي گوپانگ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪشمور واري ڌرڻي کانپوءِ حيدرآباد جي شعور جو نسيم ننگر چونڪ تي ڌرڻو جاري آهي، برڪت جهنڊير پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ ۾ بدامني ۽ ڌاڙيل ڪلچر خلاف مزاحمت،ڪراچي ۽ ڪشمور کانپوء پنوعاقل ۾ به قومي شاهراه بلاڪ ڪيو ويو آهي، جنهن تي حامد علي لکيو ته زبردست نااھل سماج کي ھلائيندڙ انتظاميا کي ڪو حق ناھي ته معصوم ماڻھون اغوا ھجن ۽ اھا سڪون ۾ ھجي، رستم انڍڙ، ظهير حسين ڪٽپر، عبدالرشيد چاچڙ به ردعمل ڏنو. جاويد کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جيڪڏهن ڪشمور پوليس ۽ سردارن ڌرڻو ختم ڪرايو ته ٻٻرلوءِ بائي پاس تي ڌرڻو هنيو ويندو.جنهن تي محبوب ڀٽي لکيو ته ڌرڻو ڪنھن به صورت ۾ ختم ناھي ڪرڻو ڀلي ڇا به ٿئي دوستو ھمت ڪيو ھاڻي سڀ سردار ڀوتار وڏيرا آفيسر سھڪي پيا آھن، نور احمد باجڪاڻي، مهراڻ ڪلوڙ، نصرالله سومرو، واجد چاچڙ به ردعمل ڏنو، ويراڳ مل مهيشوري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ,جاري آھي جاري جاري رھندي جنگ اسان جي جاري رھندي، پريا ڪماري ، مکي جگديش، ڊاڪٽر منير نائيچ ، ساگر ڪمار جنديپ ڪمار ۽ ڪشور ڪندڪوٽ مان اغوا ٿيل مغوين جي بازيابي جي لاءِ ڪراچي ٽي تلوار تي ڌرڻو هنيو ويو، اچو ته پنھنجن جي مالڪي ڪريون سردارن جي پاليل ڌاڙيلن کي رد ڪريون قانوني ادارن کي ٻڌايون ته ھي اغوا ٿيل مغوي سموري سنڌ جا آھن انھن جا وارث جاڳيا آھن سمورا سياسي اختلاف فائده سائيڊ تي رکي پنھنجن جي وارثي ڪريون جڏھن ته وانا وزيرستان ۾ آپريشن ڪري دھشتگردن مان ڇوٽڪاڙو حاصل ڪري سگھجي ٿو ته پوءِ ھي پوليس وڏيرن جا پاليل ڌاڙيل جيڪي سنڌ جو امن تباهه ڪري امن پسند ماڻھن جو جيئڻ جنجال ڪري ويٺا آھن انهن جو خاتمو ڇو نٿو ڪري سگهجي بدامني کي سنڌ جو نصيب ڇو بنايو ويو آھي مذھبي ٿورائي جي ماڻھن کي تحفظ ڏيو جيئڻ ڏيو. مجيب ٽوٽاڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪشمور ڌرڻو، ڌاڙيلن بجاءِ ڌرڻو هڻندڙن کي گوليون هڻڻ جون ڌمڪيون ڏيندڙ ايس ايس پي امجد شيخ  کي ڌرڻي ۾ ويٺل عوام جواب ڏئي ڇڏيو. امجد شيخ 24 ڪلاڪن جي مھلت گهري. چيو ته مغوي 24 ڪلاڪن ۾ اچي ويندا. پر احتجاج ڪندڙ عوام جواب ڏنو ۽ چيو پهريون مغوي ماڻهو بعد ۾ ڌرڻو ختم ڪيو ويندو. جنهن تي نوريز چانڊيو لکيو ته ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ جي شعور کي سلام، سجاد حسين بلوچ لکيو ته سنڌ پوليس کي سخت آپريشن ڪرڻ گهرجي سمورا مغوي بازياب ڪرايا وڃن، تاج سنڌي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪشمور ڌرڻو: مهيني اندر اسان 25 ماڻهو بازياب ڪرايا( ssp)، تاڙيون! گريبان پڪڙي نه ٿا چئو ته اهي ماڻهو اغوا ڇو ٿيا!؟  جنهن تي منظور لاشاري لکيو ته ادا اسان ڌرڻي ۾ موجود آھيون اڄ ھن جي تقرير ۾ڪنھن بہ تاڙيون ناھن وڄايون عوامي ردعمل تي پنڊال ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويو، سردار علي لکيو ته پئسن لا۽ اغوا ٿيا ٻيو ڇا جي لاءِ ٿيا، جميل احمد لکيو ته بازياب ڪرايائين ته اها ان جي ڊيوٽي آهي ڪو احسان ناهي ڪيو، محسن رند پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته حيدرآباد جي شعور طرفان ڪشمور ڌرڻي جي حمايت ۽ ڌاڙيلن جي چنبي ۾ قيد مغوين جي بازيابي لاءِ حيدرآباد ۾ واڌو واهه وٽان نيشنل هاءِ وي بند ڪري ڌرڻو هڻي ڇڏيو، ڪشمور ڌرڻي کانپوءِ ڪنڊيارو ۾ نيشنل هاءِ وي کي بند ڪيو ويو آهي، سنڌ جا روڊ رستا مڪمل بند ڪيا پيا وڃن، رياض سولنگي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪشمور تحريڪ راڻيپور واقعي کان به وڌيڪ مضبوط ٿيندي پئي وڃي ائين سنڌ واسي هڪ آواز ٿين ته پنهنجا حق وٺي سگهن ٿا، اخلاق بخاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪشمور جي ماڻهن وانگر اگر سموري سنڌ پنهنجي حقن لاءِ روڊن تي اچي وڃي ته ڪنهن جو پيءُ به سنڌ جو حق نه کائي سگهي. اختر شيخ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ھي ھندو ھندو جو رينگٽ بند ڪريو، ڪشمور ۾ فقط سنڌي قوم جو ڌرڻو لڳل آھي، ڌڙيلن وٽ سنڌي قوم جا معصوم ماڻھو اغوا ٿيل آھن، انھن جي وارثي بنا مذھبي تفريق جي ٿيڻ گھرجي. جنهن تي جبار ڀٽي لکيو ته بلڪل درست آھي سنڌي قوم جو ڌرڻو آھي ۽ سنڌين جو ڌرڻو آھي، بشير آريسر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته احتجاجن ۾ نظم و ضبط هجڻ ضروري آهي، ۽ احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ چند فردن يا ڪميٽي کي انائونس ڪيو وڃي . ڪشمور ۾ شاندار ڌرڻو لڳل آهي. پر نظم و ضبط جي کوٽ آهي، غير منظم احتجاجن کي منتشر ڪرڻ رياستي ادارن لاءِ سولو هوندو آهي. اميد آهي ته هن احتجاج ڌاڙيلن، انهن جي ساٿاري سردارن ۽ انهن جي ونگاري پوليس وارن جا ڪن کڙا ڪيا هوندا ته هاڻ ايڏو سولو ناهي بندوق جي زور تي ڪنهن کي به اغوا ڪري ڪروڙين روپيا ڀُنگ وٺجي. ماهنور شيخ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ پوليس سميت ھر ادارو عوام دشمن آھي ھاڻي سنڌ جي عوام کي ڪشمور وانگي ھر مسئلي تي روڊ بند ڪري ڪرپٽ سياستدانن ۽ آفيسرن جو گھيرو تنگ ڪرڻو پوندو.  ڪشمور ڌرڻي سڄي سنڌ جي ماڻھن ۾ نئون جذبو ۽ اعتماد پئدا ڪيو آھي. عبدالغفور سروهي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته منهنجي راءِ آهي ته راڻيپور واقعي کي ڪشمور ڌرڻي سان جوڙڻ گهرجي، ڇو ته اسان وٽ هڪ خبر تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ٻي خبر سامهون آندي ويندي آهي. رشيد سڌايو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪشمور ڌرڻي جي حمايت ۾ سڀاڻي 4 وڳي ملير نيشنل ها۽ وي تي ڌرڻي ۾ ملير جي ساڃاهوندن کي ثابت ڪرڻو آھي ته پنهنجن سان ساٿ ڪيئن نڀائبو آھي ؟ ثنا اعجاز سنڌو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪشمور ۾ لڳل ڌرڻي ۾ پريا ڪماري جا والدين ۽ سندس مٽ مائٽ به شامل ٿين ته سٺو آ، شاهد خاصخيلي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جنھن وقت ھي جوڳي جاڳيا، ڌاڙيل گردي خلاف ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ ڪشمور واسين پاران ھنيل ڌرڻي بعد ڪراچي ۾ ڪشمور واسين سان يڪجھتي طور ڌرڻو ويو. ميرپورخاص واسين به يڪجھتي طور احتجاج جو اعلان  ڪيو آھي. اھڙي ريت سموري سنڌ مان آواز پيا اٿن. مھانگائي خلاف احتجاج ھجن يا فاطما ڦرڙو جو اشو،  لڳي ائين رھيو ته ماڻھو ھاڻ تنگ ٿي پاڻ ئي روڊن تي اچي رھيا آھن. فقير ارسلان حبيب چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته لاڙڪاڻو جناح باغ چوڪ تي به ڪشمور ڌرڻي جي حمايت ۾ احتجاج ڪيو پيو وڃي، نظام الدين بروهي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪشمور ڌرڻي واري هنڌ مظاهرين سان ڳالهين لاءِ آيل ايس ايس پي ڪشمور جون  مظاهرين سان ڳالهيون ناڪام ٿي ويون، چيو ويو ته ايس ايس پي ڌاڙيلن جو ساٿاري بڻيل آهي، مغوين جي بازيابي تائين ڌرڻو جاري رهندو، مجاهد حسين سيد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪشمور واري چڻنگ سڄيءَ سنڌ ۾ شل باھ ٿي ڀڙڪي.