ڪراچي کي تباهه ڪرڻ، ايف 16 جهاز ڪيرائڻ، انڊين نيوي پاران ڪراچي بندرگاهه تي پاڪستاني نيوي جي جهازن کي نشانو بڻائڻ وارين فيڪ نيوز بعد انڊين ميڊيا پنهنجي ساک وڃائي چڪي، ڪوڙ جو ٺپو لڳي ويس. انڊيا جي وڏن ميڊيا ادارن پاڪستان بابت خبرون هلايون ته انڊيا پاڪستان ڇڪتاڻ ۾ ٿيندڙ نقصان بعد پاڪستان پنهنجي عالمي ڀائيوارن کان وڌيڪ قرض ڏيڻ ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي، اهڙي طرح هڪ ٻي خبر ۾ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ بابت چيو ويو ته پاڪستان اختيارين ڪراچي پورٽ کي پهتل نقصان جا تفصيل جاري ڪيا آهن ته پورٽ کي انڊين حملي ۾ شديد نقصان پهتو آهي، اهڙيون خبرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون، جڏهن ته پاڪستان ۾ اقتصادي وزارت ۽ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي هيڪ ٿيل آفيشل ايڪس اڪائونٽس تان ڪجهه ٽوئيٽس ڪيا ويا، وزارت اقتصادي جي پيج تان چيو ويو ته حڪومت وڌيڪ قرض جي اپيل ڪري ٿي، ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۾ به مدد ڪئي وڃي، وزارت جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته وزارت جو اڪائونٽ هيڪ ٿي ويو هو، اهڙي طرح ڪراچي پورٽ ٽرسٽ پاران به پڌرائي ۾ چيو ويو ته انڊيا پاران ايڪس اڪائونٽ هيڪ ڪري فيڪ نيوز پکيڙي وئي، پورٽ کي ڪو به نقصان ناهي پهتو. انڊين ميڊيا اهڙيون خبرون بنا تصديق جي هلائڻ شروع ڪري ڇڏيون جنهن بعد انڊين ميڊيا مٿان تنقيد شروع ٿي وئي، انڊين صارف ئي لکيو ته انڊين چينلز هاڻي آئوٽ آف ڪنٽرول ٿي چڪو آهي، هر چند منٽن بعد وڏي خبر جي نالي تي بريڪنگ نيوز هلائي پئي وڃي، جنهن ۾ نه تفصيل هوندا آهن نه ئي خبر جو ذريعو واضح ڪيو ويندو آهي. ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي مختلف پوسٽون شيئر ڪيون ويون.
علي رضا جلباڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي ويڙھه ۾ ھينئر فائدو چين کي ٿيو آھي. ھڪ ته سندن ھٿيارن، جن کي آمريڪي يا روسي ھٿيارن جي ڀيٽ ۾ ڪجھه به نه ٿي سمجھيو ويو، ان تي دنيا کي اعتماد وڌيو آھي. سندن ھٿيار گھڻي ڀاڱي جنگين ۾ آزمايل نه ھئا پر ھينئر کين وڏو موقعو به مليو آھي ته سندن ھٿيار کي جنگي ماحول ۾ آزمايو وڃي. ٻيو ته ھينئر سندن جھازن جي ڪاميابي ڏسي دنيا جا مختلف ملڪ کانئن جھاز ۽ ٻيا ھٿيار خريد ڪندا. چينين جا ٽوئيٽر اڪائونٽس ڏسجن ته سندن بيحد خوشي سندن پوسٽن مان نظر ايندي. ھي وڊيو به ھنن ڀارتي جھاز ڪرڻ تي مٿن ٺٺول طور ٺاھي آھي. گذريل رات واري رپورٽنگ سبب ھينئر انڊيا جي ٽوئيٽر اڪائونٽس تان پنھنجي ميڊيا تي تنقيد جو سلسلو وڌي ويو آھي. جڏهن انڊيا جي ڪنوينشنل ميڊيا ڏسون ٿا ته اردو ميڊيا سون ٿي لڳي.
ذوالفقار علي سولنگي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اسان سمجهو رڳو هتي ڄٽ ۽ حوالي آهن پر ڀارتي حوالي چڙهيل آهن، پوسٽ رکي اٿائين ته نيوي ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي هاڻي لاهور نه بچندو، کيس خبر ئي ناهي لاهور کي سمنڊ ڪٿان آيو؟ جنهن تي ايم صديق لکيو ته وڏا چوندا آھن ته دشمن به بھادر ھجي ڪوڙو دشمن نه هجي، نواز علي لکيو ته مار ڪا پوين آئون سڄي رات ڪونه ستون آهيان رات 12 وڳي ٻڌايئون ته صبح تائين پاڪستان سڄي تي هندوستان جو قبضو هوندو، ڪرم الله خان پهوڙ لکيو ته صفا ٽرڙا ھن ھاڻي خبر پئي، منظور علي پنهور به ردعمل ڏنو، خالد ڀٽي لکيو ته وڏا وڏا حوالي، آريسر حسين لکيو ته يار ھي ته صفا ليڪي کان لٿل آھن انڊين جون ڊاڙون ٻڌي کل ٿي اچي، ارشد سٺيو لکيو ته پاڻ به ھاڻ ائين چونداسين ته اسان ننگرپارڪر کان بارڊر ڪراس ڪري انڊيا جي تاج محل تي قبضو ڪنداسين، جهانگير ميمڻ ايڊووڪيٽ به ردعمل ڏنو، روي ڪنھيالال پارواڻي، علي جيو، محمد رمضان سولنگي به پوسٽ تي ردعمل ڏنو، شاهنواز ڀٽي لکيو ته نڀاڳا رڳو ڊاڙون ٿا هڻن، حوالي آهن، فياض علي لکيو ته اها هنن جي سازش آهي، سڀاڻي سمنڊ کي پٽي لاهور کڻي ويندا.
حبيب جمالي ڀارتي ميڊيا بابت طنزيه پوسٽون شيئر ڪندي لکيو ته ڀائي ٿورو ته ٻڌايو، ڪراچي بندر روڊ جي ڇا صورتحال آهي، مون کي ڪم سان وڃڻو آهي، ايئن ته اسان ميٽرو پوليٽن دهلي کي به تباهه ڪري سگهون ٿا، انڊين گودي ميڊيا ڪوڙيون خبرون ڏنيون اهي به اڌوريون، پورو ڪراچي تباهه ٿي ويو، امداد جي خبر نه ڏني،
فرحان تنيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڀارتي ميڊيا مطابق ڪراچي بندرگاھه ۽ هوائي اڏو ڀارتي فوج هٿان تباهه ٿي چڪا آهن، هي ته ڪوڙن جا به ڏاڏا نڪري پيا…اسان ڪراچي وارا ته بنا ڪنھن ڊپ جي چانهه پيا پيون، پاڙيسرين جو حملو ٿيو ڪٿي آ… ايڏو ڪوڙ..ڀارتي ميڊيا موجب گذريل رات ڪراچي تي قيامت جي رات هئي، اسان ته سڪون جي ننڊ ڪري سوير اٿيا آهيون. جنهن تي حيدر سنڌي لکيو ته هي نيوز وارا آهن مون کي ته مداري ٿا لڳن، مداري بلڪل ميدان ۾ ائين تاڙي هڻي ڪيڏي مهل زور سان ته ڪيڏي مهل آرام سان ڳالهائي ماڻهن جو ڌيان ڇڪائيندو رهندو آهي هي به ساڳيو ڪم ڪن پيا، مهراڻ خان لکيو ته وڏا ڊراميباز آهن، شاهد علي لکيو ته لڳي ٿو فلم جي شوٽنگ پئي هلي، ذلفي راڄپر لکيو ته ڀارتي صحافت ۾ به اهڙا جنگي جنون وارا ماڻهو ويٺا آهن. مودي جي مذهبي انتها پسندي ڀارت کي ئي نقصان ڏيندي. غلام نبي چاچڙ لکيو ته ڪوڙا ڪوڙي جا پٽ آهن، بلاول چانڊيو لکيو ته وڏا ڪوڙا آهن، ڪوڙ ۾ پي ايچ ڊي ٿيل اٿن نڀاڳن جي، رحمت الله ماڃوٺي لکيو ته ها ماڻ ٻڌو هو سڄو پاڪستان تباهه هو، بچيل پاڪستان تي حملو جاري، حڪمران جهاز ۾ ڀڄي ويا، پر انهن جي نالن جي تصديق ناهي ٿي، هل صفا شرم کان عياري، هي وڏا ڪوڙا آهن، بشير سومرو لکيو ته ٻٽاڪي آهن وڏا.
دودو چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٽن ڏينهن کان سڄي برصغير جي ميڊيا ٻڌڻ کان پوءِ پوري ذميواري سان چوان ٿو ته هن خطي ۾ اگر ڪا سنجيده ميڊيا آهي ته اها صرف سنڌي ميڊيا ئي بچي آهي، هن وقت انڊين نيوز چينلز تقريبن پورو پاڪستان تباهه ڪري چڪا آهن، صرف منهنجو گهر ئي بچيل آهي، جنهن ۾ ويهي پوسٽ ڪري رهيو آهيان. جنهن تي شگفته انجم لکيو ته اھو ان ڪري جو انڊيا پنھنجي عوام کان ڊڄندو آھي ان ڪري اھڙي نيوز ھلائي ھو انڊين عوام کي مطمئن رکڻ چاھي ٿو پر اسان وٽ سسٽم ڪجھه ابتڙ آهي جو اسان عوام ڊنل آھيون اسان کي صرف خوف ۽ حراس وارو ماحول ڏنو ويو آهي جئين ذھن ۾ ڪي به سوال نه اچي سگھن، محمد حنيف لکيو ته بالي ووڊ انڊيا جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي، وقار ملاح لکيو ته انڊيا پاڪستان جي وڏن وڏن چينلز تي ويٺل ماڻهن جا چوٻول ٻڌي ته کل به اچي ٿي ته ٽهڪ به نڪريو وڃن، نياز احمد کوسو لکيو ته سنڌي ميڊيا جي بريڪنگ نيوز به ڏيڍ ڪلاڪ کان پوءِ ايندي آھي تيستائين ڌريون پاڻ ٺھي وينديون آھن. محبوب علي چانڊيو لکيو ته اهو سچ آهي.. دنيا جا مڃيل چينل CNN BBC به جنگي خبرن متعلق ڪوڙ ڳالهائين ٿا…شير محمد سولنگي لکيو ته ھا ٻنھي پاسي ميڊيا جو مقابلو ۽ جنگي جنون آھي، مشتاق جنجهي لکيو ته خبر ٻڌڻ سان لڳي ٿو بس ملڪ تباھه ٿي ويا، منظور شر لکيو ته انڊيا جا چينل ته صفا ليڪا لتاڙي ويا.