اشو آف دي ڊي /ڪارونجهر مان گرينائيٽ وڪڻي ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو: صوبائي وزير شبير بجاراڻي جي صلاح تي عوام جو ردعمل

0
55
اشو آف دي ڊي /ڪارونجهر مان گرينائيٽ وڪڻي ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو: صوبائي وزير شبير بجاراڻي جي صلاح تي عوام جو ردعمل

معدنيات واري صوبائي وزير شبير بجاراڻي پاران سنڌ اسيمبلي ۾ صلاح ڏني وئي ته ڪارونجهر جي ڏيڍ لک ايڪڙن مان گرينائيٽ وڪڻي ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو، ننگرپارڪر ۾ واقعي ڪارونجهر جي ٻه لک ايڪڙ زمين ۾ 20 ارب ٽن گلابي ۽ ڪارو گرينائيٽ موجود آهي، ڪارونجهر جي رڳو 50 هزار ايڪڙ ايراضي تي تاريخي ماڳ، مندر ۽ عبادتگاهون آهن، ڏيڍ لک ايڪڙن جي کوٽائي ڪري ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو، حڪومت چاهي ته گرينائيٽ جي کوٽائي لاءِ ليزون ڏنيون وڃن ته جيئن ناڻو ڪمائڻ سان گڏ مقامي ماڻهن کي روزگار مهيا ٿئي، ٿر واسين جي خدشن سبب کوٽائي جو ڪم بند آهي. صوبائي وزير جي اهڙي تجويز کانپوءِ سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ظاهر ڪيو ويو، ڪارونجهر جي تحفظ جو مطالبو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ سيو ڪارونجهر جو هيش ٽيگ به هلندو رهيو،دانش پرمار پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته خريدار ۽ وڪرو ڪندڙن کي ڪارونجهر ۾ صرف ناڻو نظر اچي ٿو،پيپلز پارٽي ڪارونجهر جهڙي فطرت سان لڳاتار هٿ چراند ڪري پئي، پ پ اسان جي تهذيبي ورثي جي قاتل ثابت ٿي آهي، شبير بجاراڻي، قاسم سومرا ڪارونجهر ۾ پيل 20 ارب ٽن گلابي ۽ ڪارو گرينائيٽ اوهان جي ذاتي ملڪيت ناهي جو جيئن وڻي تيئن تين وال ڪريو، ڪارونجهر بچائڻ لاءِ اسان ڪنهن به حد تائين وڃي سگهون ٿا، سنڌ سرڪار کي شرم اچڻ گهرجي، ٿر جا ماڻهو هن معاملي ۾ تمام حساس آهن اسان ڪاورنجهر بچائڻ ڄاڻون ٿا. جنهن تي مڪيش ڪمار لکيو ته ڪارونجهر سنڌ جو حسن ۽ تاريخ آھي ..ڪارونجهر جي فطري حسن سان کيڏڻ بند ڪيو وڃي .

فقير ارشاد ڪنڀر لکيو ته ڪارونجهر کي بچايو وڃي، يونس لغاري لکيو ته پ پ وارن کي شرم اچڻ گهرجي، وقاص ياسين آرائين لکيو ته ڪارونجهر سان هٿ چراند ڪندڙن جي رستا روڪ ٿيندي، سيد جعفر شاهه لکيو ته هن شبير بجاراڻي ڪنڌڪوٽ کي برباد ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي، امام سنڌي به ڪارونجهر جي ڏيڍ لک ايڪڙن مان گرينائيٽ وڪڻي ناڻو ڪمائڻ واري صلاح خلاف پوسٽ شيئر ڪئي. مصطفيٰ اياز مهيري طنزيه پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جيئن ته ننگرپارڪر ۾ شرعي لحاظ سان 40 ڏينهن تائين ڪابه سرگرمي نه ٿي سگهندي انڪري سرڪار کي گهرجي ته وڌ کان وڌ ان عرصي ۾ ڪارونجهر جو ڪم تمام ڪري. جنهن تي ساجد بجير لکيو ته شبير بجاراڻي کي گهرجي ته ٽرالر ڀرائي وٺي، ٿر وارا ميلي لڳائڻ وارن جي پويان نڪتل آهن، کوسو فيض لکيو ته ڪارونجهر بچايو وڃي، عبدالله سراز لکيو ته صلاح نيڪ آهي، لال سنگهه سوڍو لکيو ته هن وزير کي ٿائلينڊ موڪليو جتي نائيٽ ڪلب ڏسي  واپس اچي حڪومت کي صلاح ڏئي ته ڪمائي وڌيڪ ٿيندي، خادم هاليپوٽو لکيو ته ڪم گهڻو آهي ماڻهو کپن، خالد جوڳي لکيو ته اڃا ويهي ڏسجان، ڪير به اٿي چوندو ته ميلو نه ڪريو، امر شر لکيو ته پردي پويان ميلي جو مقصد ظاهر ٿي پيو آهي. غلام علي کوسو لکيو ته ميلو لڳائيندڙن جو اصل امتحان هاڻ شروع ٿيو آهي.محمد جمن مهيري لکيو ته ٿر کي ڪوئلي مان ڇا مليو آهي، يوسف جان عمراڻي لکيو ته هاڻي اچي اهو ڇڏيو اٿن، رفينه لکيو ته بکين جي نظر هميشه مال تي هوندي آھي ڪوئلو به کپائين پر سنڌ جي ترقي ته نه ٿي ۽نه وري ٿرين کي سندن حق مليا سنڌ جي ملڪيتن ۾ قارون واريون نظرون رکيو پيا هلن، مختيار امير مهيري لکيو ته ڪوئلي مان ٿر کي ڇا مليو.

ودويس سوٿار لکيو ته اهو ناڻو خرچ ڪٿي ڪندا. سوشل ميڊيا تي ڪارونجهر جي تاريخ بابت اهو لکيو ويو ته ڪارونجهر جبل اڍائي ارب سال اڳ وجود ۾ آيو. ڪي ماهر هن جي عمر ٽي ارب سال به لکن ٿا. تازو ٿر ڪول جي بلاڪ 2 جي کليل کوٽائي مان جيالاجي جي ماهرن حيرت ۾ وجهندڙ انڪشاف ڪيو آهي ته هڪ ارب سال پهرين هتي سمنڊ موجود هو. جنهن مان هڪ زلزلي دوران هڪ زير زمين ٻرندڙ جبل ڦاٽي نڪتو. جنهن جو لاوو مٿي فضا ۾ واپس لوڻياٺي پاڻي ۾ ڪري ٿڌو ٿيڻ بعد گرينائيٽ ۾ تبديل ٿي ويو. جنهن جو وڏو حصو ٿرڪول ۾ موجود آهي. وري چوڏهن ڪروڙ سال اڳي انهن پکڙيل گرينائيٽ جي تهه جي مٿان برساتي دور آيو. انهيءَ برساتي پاڻي جي سبب آيل وهڪرن انهي گرينائيٽ جي تهه کي مٽي ۽ واري سان ڍڪي ڇڏيو. ساڳئي ئي برساتي ڊگهي دور دوران انهي مٽيءَ ۾ وڻ ٻوٽا ڦٽي نڪتا ۽ گهاٽا ٻيلا ٿي ويا. انهن گهاٽن ٻيلن ۽ انهن مان پيدا ٿيندڙ آڪسيجن جي مقدار ۾ اضافو ٿيو. جيڪو اڳتي هلي ٿڌ جو سبب بڻيو. ٿڌ جي ردعمل ۾ زمين جي اندروني گرمي جي شدت وڌي وئي. جنهن ردعمل ۾ گرينائيٽ جي تهه تيزيءَ سان مٿي اڀرڻ شروع ڪيو. جيڪو ڪارونجهر جي هڪ سئو نوَ ڌار ڌار ٽڪرين جي صورت ۾ ظاهر ٿيو. هاڻي سوال هي آهي ته ڌرتيءَ تي هڪ ارب سال اڳ پاڻي موجود هو ۽ جهنگل به هئا ته ڌرتيءَ جي عمر ڪيتري وڃي بيهندي؟  آڪسيجن گئس جي گهڻائي سبب جيوت به موجود هوندي. هي سڀ شيون دنيا کي نئين تاريخ ڏئي سگهن ٿيون. دنيا جا تحقيقي ادارا انهن شين جو معائنو ڪن. هتي تاريخ ۽ جاگرافي جا ڪيئي جواب ملي سگهن ٿا.