اشو آف دي ڊي … ڪارونجهر جبل مان مليل مورتي ڪنهن جي آهي ؟ سوشل ميڊيا تي بحث

0
34
اشو آف دي ڊي ... ڪارونجهر جبل مان مليل مورتي ڪنهن جي آهي ؟ سوشل ميڊيا تي بحث

 ڪارونجهر جبل مان مليل مورتي ڪنهن جي آهي ؟ سوشل ميڊيا تي اهڙو بحث شروع ٿي ويو آهي، ڪيترن ئي ماڻهن مورتي ملڻ بابت پوسٽون شيئر ڪيون، ڪجهه ماڻهن انهي کي سنڌ جي قديم تهذيب، ته ڪجهه وري ٻڌمت ۽ ڪجهه ماڻهن وري هندو فلسفي، ڪجهه ماڻهن چيني مهاڻو قرار ڏنو، ان سلسلي ۾ خالد جوڳي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪارونجهر جبل مان مورتي ندي ۾ لڙهندي ڪاڪي الهرکي کي ملي آهي جيڪا ڪاٺ جي ٺهيل آهي. جنهن تي جمشيد هاليپوٽو لکيو ته شاندار مورتي آهي. چائنيز ماهِي گِير جي مورتي لڳي ٿي. عبدالقدير ميمڻ لکيو ته واھ جي مورت ملي اٿس…..انهيءَ تي واقعي تحقيق ٿيڻ گهرجي، يحيٰ ٻپڙ لکيو ته اجهو پهتس، عالمي منڊيءَ ۾ بليڪ تي وڪڻندا جيسر برما لکيو ته سنڀالي رکجو، تمام وڏو تحفو آهي، سنڌ جي پراڻي تهذيبن جي نشاني ۽ ثبوت آ، ڪنهن کي نه ڏجو، ممتاز آريسر لکيو ته ڪمال آهي، شعيب نور لکيو ته اها چيني ماهيگير جي آهي، ناصر اعجاز لکيو ته جين مت وارن جي لڳي ٿي. ان کي ته ميوزيم ۾ سانڍڻ گھرجي، زبير ساند لکيو ته اھو ٽيمون. اپليڪيشن تي 2 هزار  جو ملي پيو، ديوداس لکيو ته اهڙيون حيدرآباد نئين پل ويجهو پٺاڻن جي دڪانن تي جتي شپنگ جو پراڻو سامان ملي ٿو اتي ملن پيون، سعيد سانگري لکيو ته هنرمند هٿن کي سلام، ڪيڏي محنت سان ٺاهي اٿائون، راٺوڙ راجوير سنگهه لکيو ته هندو فلسفي يا رشي: مورتي جو انداز ڪنهن رشي، منتر پڙهندڙ، يا يوگي جو ٿي سگهي ٿو.. جاپاني يا چيني اثر؟ ڪجهه ماڻهن کي اهو مجسمو چيني فلاسافر “لائو تزو” يا “ڪنفيوشس” وانگر به لڳي سگهي ٿو، پر ڪارونجهر واري پسمنظر ۾ ان جو امڪان گهٽ آهي. حنيف نظاماڻي لکيو ته ان مورتي کي ٻڌمت تهذيب سان سڌو سنئون جوڙڻ جو امڪان تمام گهٽ آهي، خاص ڪري جنهن انداز ۾ هي مورتي تراشيل آهي ۽ جيڪي شيون کنيو بيٺي آهي. جيتوڻيڪ ٻڌمت ۾ مڇي جي علامت آهي، پر هي مورتي جنهن انداز ۾ هڪ وڏي عمر جي ماڻهو جي صورت ۾، چيني لباس ۾ ۽ مڇي کنيو بيٺل آهي، اها سڌي طرح ٻڌ ڀڳوان يا عام ٻڌمت جي شخصيتن سان ميل نه ٿي کائي. ان جو وڌيڪ امڪان آهي ته ان جو تعلق چيني يا جاپاني لوڪ ديوتا جي نمائندگي سان هجي، جنهن ۾ خوشحالي ۽ ڊگهي عمر جا تصور شامل آهن. چيني ثقافت ۾ ٻڌمت ۽ لوڪ مذهب جا ڪيترائي عنصر پاڻ ۾ مليا جليا آهن، ان ڪري اهڙي ڪا مورتي چيني ٻڌمت جي ڪنهن ثانوي شخصيت جي به ٿي سگهي ٿي جنهن کي مقامي ثقافت جي مطابق ڏيکاريو ويو هجي. پڪ سان چوڻ لاءِ ته هي ڪهڙي مذهب يا تهذيب سان تعلق رکي ٿي، ماهرن جي وڌيڪ تحقيق ۽ مورتي جي تفصيلي مطالعي جي ضرورت پوندي.

منصور علي جروار پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪڏهن ڪڏهن اسان جي سماج ۾ “ثقافت” جو نالو وٺي اهڙيون شيون به محفوظ ڪرايون وڃن ٿيون، جن جي نه ڪا تاريخي اهميت آهي، نه وري اصل هجڻ جو ڪو ثبوت…!

اڄ مون  هڪ ڪاٺ جي مورتي بابت پوسٽون ڏٺيون، جنهن بابت ٻڌايو پيو وڃي ته اها قديم آهي جڏهن ته سنڌ جي ثقافتي وزير ان کي محفوظ ڪرڻ جو حڪم به جاري ڪيو آهي.

پر افسوس! جڏهن مون ان بابت ٿورو سرچ ڪيو ته اهو ئي مورتي eBay تي صرف 22 ڊالر ۾ عام وڪرو ٿي رهي آهي!😃

ڇا اسان جي ثقافتي ادارن وٽ ڪو ڇنڊ ڇاڻ جو نظام ناهي؟

ڇا ڪا به شيءِ جيڪا ڪاٺ جي هجي، ڏاڙهي واري پوڙهي جي شڪل هجي، بس “ورثو” قرار ڏئي محفوظ ڪرائي ويندي؟

اهو به ممڪن آهي ته ڪنهن مورتي آن لائين آرڊر ڪئي هجي، ۽ استعمال ڪرڻ بعد ڪچري طور  اڇلائي هجي 😄

 ۽ هاڻ اسان ان کي قومي ورثي جو درجو ڏيڻ لڳا آهيون!

اسان کي گهرجي ته: هر شيءِ کي “ثقافت” جو نالو نه ڏيون، سچائي سان تحقيق ۽ تجزيو ڪجي…!