اشو آف دي ڊي … ڪئنال نه ٺهندا، تحريڪ ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي، ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف جنگ جاري رهندي: سوشل ميڊيا تي تبصرا

0
21
اشو آف دي ڊي ... ڪئنال نه ٺهندا، تحريڪ ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي، ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف جنگ جاري رهندي: سوشل ميڊيا تي تبصرا

 سي سي آءِ پاران سنڌو تي نوان ڪئنال نه اڏڻ واري اعلان بعد سوشل ميڊيا تي جتي خوشي جو اظهار ڪيو ويو اتي ڪارپوريٽ فارمنگ رد ڪرائڻ جو به مطالبو ڪيو ويو، سوشل ميڊيا تي ڪئنال رٿا واپس ڪرڻ واري اعلان جي آجيان سان گڏ ان تي سوال به اٿاريا ويا، اهو به چيو ويو ته “سنڌ بچايو تحريڪ” ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي آهي ۽ اميد ته ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف جنگ ڪاميابي تائين جاري رهندي. ان سلسلي ۾ ممتاز بخاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پنڊال ۾ وري ماڻهن جو انبوهه گڏ ٿي ويو، ڪاپوريٽ فارمنگ نه کپي جا نعرا، وڪيل اڳواڻ جعفر شاهه چيو آهي ته جيستائين اسان کي يقين نه ڏياريو ويندو ڌرڻو ختم نه ٿيندو، جنهن تي اشفاق چانڊيو لکيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ نامنظور، عبدالقدير ميمڻ لکيو ته چولستان ڪئنال جي تلوار به اڃان ٽنگي پئي آهي. محمد ابراهيم مهر لکيو ته اگر سنڌ حڪومت زمين جيڪا ڏني آهي اگر ان کي رد يا لکت نه ڏني ته ڪالاباغ ڊيم جيئان ڪئنالن واري ترار به لٽڪندي رهندي، حسين بخش خاصخيلي لکيو ته جنگ جاري رهندي، اسدالله انڍڙ، غلام مجتبيٰ سرڪي لکيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ نامنظور نامنظور، عائشه ڌاريجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ ڪارپوريٽ فارمنگ کي رد ڪري ٿي، جشن اڳتي ملهائبا جڏهن گرين پاڪستان جو منصوبو رد ٿيندو ،اڃا هڪ مطالبو منظور ٿيو آ ٻيو رهيل آهي ان لاءِ متحد ٿيو، ذوالفقار چانڊيو ايڊووڪيٽ لکيو ته سموري سنڌ متحد آهي ڪئنالن سميت ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبو هميشه لاءِ ختم ڪيو وڃي، نسرين گل پوسٽ سان اتفاق ڪيو، سورج پليجو لکيو ته جشن هن وقت نه ملهائڻ گهرجي، عوام کي لالي پاپ ڏنو ويو آهي، عبدالرحمان شيخ لکيو ته سي سي آءِ جي گڏجاڻي کانپوءِ جي صورتحال، حقيقت اھا آھي ته سي سي آءِ جي ميٽنگ ۽ نوٽيفڪيشن اچڻ کانپوءِ ڪنهن جي به چھري تي رونق، حقيقي ۽ دلي خوشي نظر نٿي اچي. ڇو ته سڀ سمجهن ٿا ته وفاق ھڪ دفعو ٻيھر سنڌين جي اکين ۾ ڌوڙ وجھي ويو. سمورو نوٽيفڪيشن بدنيتي ۽ ڦرلٽ جي فارمولي تي ٻڌل آهي، سنڌ جي باشعور عوام ھن نوٽيفڪيشن کي واضع طور رد ڪري ٿو، باقي ڪجھه ماڻھو ڀاشڻ ته اھڙا ٿا ڏين جھڙو وفاق ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ وارو منصوبو مڪمل ۽ مستقل طور رد ڪيو آ. بابا ھي ميٽنگ به صرف روڊ رستا کولرائڻ جي لاءِ رکي وئي، ان ڪري سنڌ جي وسيلن جي ھي جنگ وڏي آ، ذوالفقار علي لکيو ته هي ڪم به اڌ ٿيو آهي ان ۾ صاف لکيل آهي جڏهن صوبا راضي ٿيندا صوبي وارن ته پاڻ لکي ڏنو هيو ۽ اڳتي هلي جڏهن به وري ٻيهر ٺاهيندا ته حڪومتي نمائندن کان پڇندا تو اسان کان نه پڇندا اسان اهيو ٿا چئون ته توهان حڪومتي نمائندن جي رضامندي ڇو ٿا گهرو، جڏهن توهان کي خبر به آھي سنڌ جو عوام اهڙي عوام دشمن منصوبي کي رد ڪري چڪو آھي، الفت حسين پتافي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڇھه ڪئنالن کي ڪالا باغ ڊيم وانگر دفن ڪرڻ کان پوءِ سنڌ واسي هاڻي “سنڌ بچايو تحريڪ” ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي آهي ۽ اميد ته ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف جوڌن جي جنگ ڪاميابي تائين جاري رهندي. جنهن تي مير الطاف حسين ٽالپر لکيو ته جوڌن جي جنگ اتي پوري ٿي وئي. نڪو ڪئنال دفن ٿيا آهن نه ئي سنڌو جي پاڻيءَ ۾ واڌارو ٿيندو. رهي ڳالھه ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي سنڌ جي زمينن جي والار جي ته اها هاڻي اڳي کان وڌيڪ تيزيءَ ۽ شدت سان ٿيندي. اعجاز علي خواجه لکيو ته ڇھه ڪئنال ڪٿي دفن يا رد ٿيا آهن ؟ صرف هڪ لالي پوپ ڏنو ويو آهي، سي سي آءِ پڌرنامي ۾ ڪٿي به اهو لکيل نه آهي ته جيڪي 6 ڪئنال اڳ منظور ڪيا ويا آهن اهي رد ڪجن ٿا يا آهي ڪئنال نه ٺاهيا ويندا، لکيل آهي نوان ڪئنال نه ٺاهيا ويندا هي 6 ڪئنال ته منظور ٿي چڪا آهن اهي اتفاق راءِ سان ٺهندا وديڪ نوان ڪئنال نه ٺاهيا ويندا، ظهر ابڙو، پير وسيم علي، علي نواز ڏاهري، علي ارباب، عبدالحفيظ اعواڻ، وسيم بلوچ، محبوب ڦل لکيو ته #SindhRejectCorporateFarming

حبيب جمالي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪنهن به اشو تي راءِ جو اظهار ڪرڻ هر ڪنهن جو بنيادي حق آهي ۽ راءِ سان متفق ٿيڻ يا نه ٿيڻ به هر ڪنهن جو استحقاق آهي …ڪات ڪهاڙا اڀا ڪرڻ، فتوا ڏيڻ، الزام تراشي ڪرڻ جو ڪنهن کي به حق حاصل ناهي، ماڻهپو ضروري آهي، فاروق سومرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ مرڪي پئي، ڪئنال مخالف جدوجهد ۾ کڄندڙ هر وک کي پنبڙين جي سلامي، ريحانه چنڙ لکيو ته #SindhRejectCorporateFarming ، فرحان تنيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جيڪا به سوڀ پلئه پئي آهي، ان جو ڪريڊٽ صرف ”قومي غيرت“ ڏانهن وڃي ٿو. نصير ميمڻ لکيو ته  سي سي آءِ ۽ ارسا ۾ اڪثريت بجاءِ صوبن جي رضامنديءَ سان فيصلن وارو بنياد پوڻ ڊگهي مدي ۾ سنڌ لاءِ هاڪاري ٿيو آهي. اهو سنڌ جي عوام جي شاندار جدوجهد جو نتيجو آهي. جنهن تي ايڊووڪيٽ عنايت کوسو لکيو ته رد ناهي ٿيو ۽ ڊمانڊ ڪارپوريٽ فارمنگ جي زمين پڻ آهي هي لولي پاپ آهي ته نوان ڪئنال ڪونه ٺاهيا ويندا صوبن جي مرضي کان بغير پر هنن ڇهن ڪئنالن جي ڳالھه ئي ڪانهي هنن کي ڪئنالن جا نالا وٺي يا جيڪا منظوري ڏني وئي هئي ان جي ريفرنس سان فيصلا ٻڌايا وڃن ها… پر هنن کي روڊ کولرائڻ لاءِ پيپلزپارٽي کي خوش ڪرڻو هو لولي پاپ ڏئي، گلاب علي ڀاڳت پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ نامنظور، علي ڪامران سهتو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته  “جتيون” کڻائي ڀڄائڻ جي ڌمڪي ڏيندڙ وفاق سنڌ جي شعور آڏو پاڻ “گوڏا” کوڙي ڇڏيا،  تڪراري منصوبا واپس، اڃا تحريڪ ھلندي رھي، ڪارپوريٽ فارمنگ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناھي، وڪيلن توڙي جدوجھد ۾ حصو وٺندڙ ھر ھڪ کي پھرين ڪاميابي جي مبارڪ ھجي، يوسف سيف پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ “کپي” يا “نه کپي”، جنهن تي حامد مري، صابر حسين، مانجهي محمد علي، اڪرم رانجهاڻي، اي بي ڪريم چنا، ساگر سنديلو، ايم خان شر، ايم ابراهيم سومرو، عبدالرزاق لنڊ ۽ ٻين لکيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ نه کپي، ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ نامنظور، ڪارا قانون 26 آئيني ترميم پيڪا ايڪٽ ۽ سنڌ جي وسيلن جي نيلامي نامنظور، عوامي تحريڪ جدوجھد جاري رکندي.

سنڌو حسن علي ٻپڙ لکيو ته جيستائين ڪارپوريٽ فارمنگ جا منصوبا رد نه ٿيندا جدوجهد جاري رهندي، جامي چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هن سموري جدوجهد جا خاص سبق: خوف ۽ مايوسي سان مقابلو، جدوجهد ۾ عوام جو ويساهه ۽ انهن جي ٻڌي ۽ شرڪت، سياسي موقف ۾ چٽائي، سياسي جذبن پويان دليل ۽ سياسي ساڃاهه ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ثابت قدم رڻ ورڇ پرامن قومي عوامي مزاحمت، عبدالستار رند لکيو ته سالن کان ٻڌندا اچون صوبن جي رضامندي کانسواءِ پاڻي جا منصوبا نه ٺھندا ته پوءِ ڇھن ڪئنالن جو فيصلو ڪيئن ٿيو! نويد عباس ڪلهوڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٻٻرلوءِ ڌرڻو جاري آھي، جدوجھد ٻئي مرحلي ڏانھن. ڪارپوريٽ فارمنگ نالي سنڌ جون ڪروڙين ايڪڙ زمينون نيلامي ڪرڻ خلاف ڌرڻو جاري آھي. ذوالفقار قادري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته  سرڪاري وفد سان ملڻ بجاءِ وڪيل ڌرڻو پاڻ ئي ان وچن سان ختم ڪن ها ته سنڌ دوست ڌرين سان ملي ڪارپوريٽ زمينن کي رد ڪرائڻ جي جدوجهد ڪبي. ولي ناريجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جيڪڏهن توهان سنڌو درياءَ تي ”في الحال“ ڪئنال نه پيا ٺاهيو ته پوءِ سنڌي به ”في الحال“ پنجاب جا رستا پيا کولين، فيصلو وري به سنڌ پنجاب دنگ تي ٿيندو.