اشو آف دي ڊي … ڪئنال رٿا ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي خلاف تحريڪ: سوشل ميڊيا تي بحث

0
24
اشو آف دي ڊي ... ڪئنال رٿا ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي خلاف تحريڪ: سوشل ميڊيا تي بحث

ڪئنال رٿا ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي خلاف هلايل تحريڪ بابت سوشل ميڊيا تي بحث هلي رهيو آهي، مختلف سوال اٿاريا پيا وڃن، جدوجهد ڪندڙن کي ڀيٽا به پيش ڪئي پئي وڃي، ان سلسلي ۾ وارث رضا پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هيرو بڻائيندڙن جو سنڌ جي سياست کي بي اعتبار ڪرڻ بعد ممڪنه ايندڙ حملو، لياري ۾ وزيراعظم عامر وڙائچ جي شديد نعريبازي، جنهن تي امجد علي پتافي لکيو ته سنڌ ۾ وڏا وڏا برج عامر وڙائچ لوڏي ڇڏيا، ڪيترن ئي ماڻهن جي روزي روٽي بند ٿي، شاهنواز علي لکيو ته اوهان ڃاڻو ٿا ته پارلياماني سياست ۽ وڪيل سياست ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، پر سمورين پارٽين ۾ وڪيل موجود آهن، وڙائچ ته فيبروري 2023ع جي اليڪشن ۾ آزاد اميدوار طور پنهنجي حيثيت ڏيکاري چڪو آهي، عبدالباسط جاگيراڻي پوسٽ سان اتفاق ڪيو، سيد مسعود زيدي لکيو ته هاٿي جا ڏند ڏيکارڻ جا هڪڙا کائڻ جا ٻيا، ماريا اسماعيل لکيو ته اسان ته پهريون ڀيرو ٻڌو آهي ته هن جو تعلق لياري سان آهي، ابراهيم صالح محمد لکيو ته هي هڪ وقتي ڪردار آهي، جنهن کي سنڌ دوست وڪيلن جي اجتماعي سوچ اڳيان آندو، جيئن قومپرستي کي شڪست ڏئي سگهجي، هر نسل ۽ ٻولي واري کي گڏ ڪري سگهجي، سنڌي ڳالهائيندڙ وڪيل ڪنهن نه ڪنهن قومپرست يا وفاق پرست پارٽي سان سلهاڙيل هو، انهن کي اڳيان ڪرڻ سان مخصوص پارٽي جو ٺپو لڳي ها ۽ ٻيا گڏ نه ٿين ها، اجتماعي مفادن جي هن تحريڪ ۾ سڀني کي هڪ آواز ڪرڻو هو، هڪ هڪ تجربو هو جيڪو ڪامياب ٿيو، نثار ٻرڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اڄ ڪنھن ماڻهوءَ پڇيو ته وڪيلن وارو ڌرڻو ڊرامو ھيو نه؟ چيم ته ان ڌرڻي کي ڊرامو تسليم ڪجي ته به ان ڊرامي ته پنجاب وارن کي ڏينھن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا آھن. جي ان ڊرامي بدران پوري فلم ھلي ھا ته پوءِ پنجاب جو ڪھڙو حشر ٿئي ھا؟ سنڌين جي ڊرامي به پنجاب جي فطري ڪمزورين کي وائکو ڪري، سندن دماغن مان طاقتور ھجڻ جو ڀوت ڪڍي ڇڏيو آھي. جنهن تي سڪندر صنم جهنڊيل لکيو ته  1-پنجاب جي مڳي کي ٽوڙيو ويو، 2-سنڌ جي پر امن مزاحمت، 3-ڪنهن گاڏي جو شيشو به ڪون ڀڳو، 4-سنڌ جي مهمان نوازي جو تاريخي، مثال قائم ڪيو ويو،. 5- دنيا ڏٺو ته اھڙي طرح سنڌ جو شعور جاڳيو. -6 سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافي خلاف پنجاب ۾ به ان ڏاڍ خلاف احتجاج ٿيا. باقي ڌرڻو ڪامياب ٿيو يا نه ٿيو پر اسٽيبلشميٽ پاران پهريون دڙڪا ۽ پوءِ دانهون ضرور ٻڌڻ ۾ آيون، ڪارپوٽريٽ فارمنگ نامنظور، سنڌ جي زمينن تي قبضا نامنظور، سنڌ ڌرتيءَ تي ڌاڙا نامنظور، منور جتوئي لکيو ته اها حقيقت آهي، گل حسن سومرو لکيو ته حق سچ جو آواز هو، ڊرامو چوڻ وارا غلط آهن، عاقب حسين لکيو ته سنڌ سان محبت جو دم ڀريندڙن جي ڪافي اڪائونٽن تان عامر وڙائچ جي خلاف ڪجھه پوسٽون پڙهيون ڳالھه سمجھ ۾ نه آئي ته عامر وڙائچ جي جدوجھد جي خلاف ھنن کي ايترو بخار ڇو آھي؟ حبيب الرحمان ڇڄڙو لکيو ته وڪيلن جي محنتن کي سلام ، ايم شريف ٻرڙو به پوسٽ سان اتفاق ڪيو، ايڊووڪيٽ عنايت کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اعتبار ان وقت ٽٽي ٿو جڏهن اندروني طور خبر پئي ٿي ته سنڌ سان ڪوئي ناهي بيٺل ڪوئي مخلص ڪونهي. پر ان باوجود سنڌ جي مفاد ۾ کوڙ ساريون شيون وڃن ٿيون، جيئن يارهن ڏينهن احتجاج سان تمام گهڻيون شيون سنڌ جي مفاد لاءِ پيدا ٿيون آهن، ته اهي ايڪسيڊنٽلي  ٿي گذرن ٿيون فائدي ۾ ھليون ٿيون وڃن ۽ جتان ٿين ٿيون انهن کي خود اها خبر ناهي هوندي ته اسان جي ڪري سنڌ فائدي ۾ هلي وئي آهي جيڪي خد اڻواقف آهن پنهجي پنهجي خيالن ۾ گم آهن جيڪي کڻي ڪري نڪتا هوندا آهن، ٻي خبر کي ناهي خبر ته اسان جي هن قدم کڻڻ سان بدلائو اچي ويندو…ماڻهن جي روين ۾، انهن جا خيال مٽبا ، نئين چڻنگ ٻري پوندي، بيداري جو جهان جڙي پوندو، سڀ بي خبر آهن انهن ڳالهين کان ۽ بس ماحول جڙي ٿو وڃي. ته جڙي ٿو وڃي.. پوءِ  پبلڪ انهن مٿان قربان وڃي ٿي پئي… ۽ آسمان تي ويهاري ٿي اچي.  پنهجي پاڻ کي اسٽيبلش ڪرڻ لاءِ… پر سنڌ جو ڀلو به ٿيو وڃي ٿو. ماحول انقلاب تائين جڙي وڃي ٿو، پر حقيقت ۾ سنڌ لاءِ ڪو نٿو نڪري وڏو فقدانِ آهي ليڊر شپ جو…  جيڪو حقيقي هوندو مارجي ويندو.  ان ڪري اتفاق جا لڏون کائيندا رهو ۽ وقت جو انتظار ڪريو ته ڪڏهن ٿو حقيقي  ليڊر اچي  جنهن جو مقصد پنهجي قوم سان بيهڻ هوندو. جامي چانڊيو پوسٽ شِئر ڪندي لکيو ته

ڪابه تحريڪ پاڻمرادو شروع ناهي ٿيندي، سڀ کان وڌيڪ اهم سبب انجا محرڪ هوندا آهن، ڪاميو ڏاڍي سٺي ڳالهه ڪئي هئي ته

“Albert Camus:

A revolt is not noble in itself, but what it demands makes it so.

( “بغاوت پنهنجو پاڻ عظيم هوندي پر اهي گهرجون جنهن ڪري بغاوت ٿي آهي کيس عظيم بڻائين ٿيون”: البرٽ ڪاميو: ترجمو شفقت قادري)

پوءِ ان ۾ سياسي پارٽين، راءِ عامه جوڙيندڙ ماهرن، سماج جي ٻين شعبن جي شموليت ۽ آخر ۾ وسيع تر عوام جي اٿاهه شرڪت ان کي سگهارو ۽ ڪامياب ڪندي آهي، هن ڀيري به ايئن ٿيو، هتي اهو مسئلو اهو آهي ته هر گروهه يا فرد پنهنجي داخليت تحت محدود ۽ کٽل ۽ هڪ حد تائين گروهي يا شخصي تعصب جي اثر ۾ پرک ٿو ڪري، پرک معروضي ۽ جدولي توڻي تنقيدي هئڻ گهرجي، جتي شاندار تحريڪن جي شاندار اڀار ۽ ڪاميابين تي فخر ڪجي اتي ان جي محرڪن، گهڻ طرفن اثرن، ٿوري مدي وارن توڻي ڊگهي مدي وارن نتيجن ۽ امڪاني خطرن ۽ موجود وڌيڪ موقعن تي به نج معروضي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ جي گهرج آهي. حريف چانڊيو، حڪيم زنگيجو، شفيع ملاح پوسٽ سان اتفاق ڪيو، امانت علي شيخ لکيو ته هيڏي وڏي تحريڪ اوچتو ڪيئن شروع ٿي ؟ سو تحريڪون اوچتو جنم ناهن وٺنديون ان پٺيان هڪ وڏو سياسي پراسيس هوندو آهي، علمي، فڪري ۽ ادبي محنتون هونديون آهن، بلڪه نيون تحريڪون ماضي جي تحريڪن جو تسلسل هونديون آهن، انهن کي ان پسمنظر ۾ پڻ ڏسڻ گهرجي. اسان کي شين جو معروضي، تنقيدي ۽ مادي بنيادن تي جائزو وٺڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ وڃي شخصي پسند نا پسند ۽ عقيده پرستي وڃي رهي ٿي جنهن کي پاڻ گهڻو ئي ڀوڳي چڪا آهيون. ڪبير ڀيل لکيو ته جيڪي ماڻھو سمجهن ٿا اها خدرو ۽ ليڊرليس تحريڪ آھي اهي سياسي ساڃاھه کان وانجهيل آھن، خدرو به ڪا شيءِ ٿيندي آھي ڇا؟ هي جيڪو ممڻ متو آھي ۽ عوام سالن جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو وڏي بيباڪي سان اظھار ڪيو آھي ان پويان سنڌ جي ترقي پسند سياست جو وڏو هٿ آھي. دراصل هي جدوجھد ماضي ۾ هلايل جدوجھدن جو تسلسل به آھي ته ماضي جي اهم سياسي اڳواڻن ۽ اديبن طرفان ڇٽيل ٻج جو ڪامياب سلو پڻ آھي. جدوجھدون ڀلي هڪ ڇال جي صورت ۾ اوچتيون نظر اچن پر انهن جا سبب ۽ محرڪ هڪ ارتقائي مرحلي ۾ جڙي تيار ٿي ماحول مهيا ڪندا آھن. محمد امين جمالي لکيو ته ٻارنهن ڏينهن جو ڌرڻو، پنجاب جي مڪمل رستا روڪ، ملڪي بندرگاهن کان بازارن، منڊين، ڪارخانن تائين ان جا زبردست معاشي اثر، ڀارت سان ڇڪتاڻ ۽ جنگ جي خطري جي موقعي تي ملڪ جي اندروني صورتحال ڪجهه اهڙي ٿي وڃڻ جي ڪري نيٺ حڪمران مجبور ٿي، پنهنجي هڪ اهم ايجنڊا تان پوئتي هٽيا آهن. اها به سنڌي قوم جي ڪاميابي ليکبي، باقي ٻين قومي سياسي اڳواڻن جي لاءِ وري به موقعا آهن، سڄي سنڌ ۾ ميدان سجائين، ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف اسين سڀ سنڌي ساڻن گڏ آهيون. شبيهه الحسن لکيو ته هن تحريڪ مان سڀ کان سٺي ڳالهه اها نڪتي ته شهري مرڪزن ۾ رهندڙ سنڌي جيڪي پنهنجي ثقافت کان الڳ ٿي ويا هئا انهن کي ان سان ٻيهر ڳنڍڻ جو موقعو مليو. حبيب جمالي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته  جن کي وڪيلن جي جدوجهد ۽ ان بعد احتجاج ختم ڪرڻ جي اعلان پٺيان “سازشون” نظر اچن ٿيون انهن کي ٻٻرلوءِ جي لوڪيشن ڏيکاريو، وڃي ڌرڻو هڻي اچن.