سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل جاري آهي، سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته سنڌو سڀني سنڌين کي ميڙي گڏ ڪري ڇڏيو، سنڌ تبديل ٿي پئي، سنڌ ۾ مرڻا پرڻا قومي ڪاڄ ۾ تبديل ٿي ويا آهن، غمي، شادي، روڊ، رستي، اسڪول، ڪاليجن، مارڪيٽن، اسپتالن، جھر جھنگ واھڻ وستيون، توڙي شھرن ۾ ڪئنالن خلاف نعرن جي گونج آھي، نيون روايتون جنم وٺي رھيون آھن، سمورا سنڌي سنڌو بچائڻ لاءِ بنا ڪنهن فرق جي گڏجي ويا آهن، تحريڪ تيز ڪئي ويندي، وفاق ڪئنال رٿا واپس وٺي، ان سلسلي ۾ اسلم سومرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍي ست ڪروڙ سنڌ واسين جو عام ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪريو، پوري سنڌ سراپا احتجاج آهي، اهو عمل وفاق کي وڏو مهانگو پوندو، سنڌ واسي مرندا ماريندا سنڌو درياءَ کي بچائيندا. جنهن تي منظور علي چاچڙ لکيو ته ڪئنال سمورا نامنظور، حبيب جمالي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته درياءَ سان اسان جو ڪيترو جذباتي تعلق آهي توهان ڇا ڄاڻو، درياءَ جو نالو اسان ڌيئرن تي رکندا آهيون. جنهن تي ڪي بي ڀٽو لکيو ته هو پنهنجي ريگستان چولستان کي آباد ڪرڻ لاءِ منهنجي گلستان سنڌ کي ريگستان بڻائڻ چاهين ٿا، ايوب کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هِنن منشور ڏنو هو.. روٽي، ڪپڙا اور مڪان. وقت ۽ حالتون شاهد آهن ته شاهوڪار سنڌ کي کائي ۽ کَپائي ڇڏيائون. سنڌي آبادگار اڄ قرضي آهن. هڪڙو وڏو ماڻهن جو انگ بکيو آهي. سنڌ کي ايترو ته لُٽيو اٿائون جو ماڻهو سال ۾ هڪ دفعو جسم لاءِ نئون ڪپڙو به نٿو وٺي سگهي. هزارين ماڻهو بي گهر آهن. سنڌ کي لاقانونيت، ناانصافي، جبر، سُڃ، اُڃ، مفلسي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي مليو حق ته پري جي ڳالھه آهن. سنڌ جو روح سنڌوءَ درياهه قبضي هيٺ آهي پوءِ به هي سنڌي قوم کي بيوقوف ٺاهڻ لاءِ سرگرم آهن. تاريخي گهرج پنهنجي جياپي لاءِ اڻ ٿَڪ همت ۽ جدوجهد ئي آهي. درمحمد پٺاڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته
ڪن جي هٿن ۾ ڏنڊو ۽ ڪن جي هٿن ۾ جهنڊو،
ڪئنالن جوڙائيندڙن جو پڪ سان ڀڃندا ڪنڊو
الفت حسين پتافي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جنهن طريقي سان سنڌي پنهنجي پالڻهار شينهن درياءَ جي عشق ۽ عقيدت ۾ مِڙي مُٺ ٿيا آهن، اهڙا مثال به شايد جديد سنڌ جي تاريخ ۾ تمام گهٽ آهن. شاندار ڪاوش. جس لهو سنڌ واسيو. جنهن تي شبير احمد حسيني لکيو ته سنڌو سڀني سنڌين کي ميڙي گڏ ڪيو آهي ، درياءَ لاءِ سر تان سانگو لاهبو، محمد حنيف خاصخيلي، مير محمد ٽالپر، فريده پنهور، اصغر لغاري، راجا سنڌو، ڄام عبدالرزاق، زوهيب ڪاڪا، احمد اوٺو، عبدالڪريم جوڻيجو، عبدالغفور وڳڻ، شاهد حسين ۽ ٻين به ڪئنال منصوبي کي رد ڪيو، طارق خاصخيلي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ تبديل ٿي پئي، سنڌ ۾ مرڻا پرڻا قومي ڪاڄ ۾ تبديل ٿي ويا آهن، گلشن لغاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌو درياءَ تي ڌاڙي خلاف حيدر چوڪ تي ٿيل ايس يو پي جي جلسي ۾ شرڪت ڪيم، دل کي اطمينان ٿيو ته ھڪ وک پنهنجي مادر وطن لاءِ پنهنجي ماروئڙن سان گڏ جدوجھد ۾ کنيم، سنڌ کان دور ھجڻ ڪري ھر وقت سنڌ وطن جي درد کي محسوس ڪري دل تڙپندي آھي، پر سنڌ کي سجاڳ ڏسي اميد جاڳي آھي ته سنڌ دشمنن جا سنڌ کي بنجر بنائڻ جا منصوبا ضرور ناڪام ٿيندا. جنهن تي خالده منير لکيو ته سنڌو تي ڌاڙو نامنظور، ساقي منصور کوسو، نويد فتاح، سرور پلي، شعيب لغاري به ڪئنال منصوبي کي رد ڪيو. اخلاق بخاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ ۾ هي تحريڪ مزاهمت ۾ تبديل ٿيندي پئي وڃي، اهو ڏينهن پري ناهي ته حڪمرانن جي ڳچي ۾ عوام جا هٿ هوندا. هن تحريڪ ۾ ڪنهن به پليٽ فارم تان احتجاج هجي ته بنا فرق جي اسان سمورن کي شامل ٿيڻ گهرجي. سعيده گوپانگ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته غمي شادي روڊ رستي اسڪول ڪاليجن مارڪيٽن اسپتالن جھر جھنگ واھڻ وستيون توڙي شھرن ۾ ڪئنالن خلاف نعرن جي گونج آھي نيون روايتون جنم وٺي رھيون آھن.
اختر آزاد ڏاهري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وڪيلن ڪئنال منصوبو واپس نه ٿيڻ جي صورت ۾ سنڌ پنجاب بارڊر ۽ ريلوي ٽريڪ بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جاويد قاضي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ايندڙ ھفتي پوري سنڌ ۾ وڪيل به ميدان تي لھندا، جنهن تي عرفان عالماڻي لکيو ته جاويد سومرو لکيو ته سنڌو درياءَ جو ٿيو سڏ سنڌي ھڙئي ٿيو گڏ، حسين بخش سارنگ لکيو ته ڪاميابيون ۽ خوشيون اميدن سان لاڳاپيل ھونديون آھن .ڪئنال_سمورا_نامنظور، سنڌ جو سگھارو جٽادار اتحاد، پاڻھرتيون ھلچلون گھڻو وقت ھلي ناھن سگھنديون. سنڌ جي سگھاري جٽادار اتحاد جي قيام ۽ ھلائڻ لاءِ سنڌ جي ساڃاھه کي پنھنجو دانشوراڻو ڪردار ادا ڪرڻو آھي، سنڌ جي فڪري قومي ھلچل کي غلط ثابت ڪرڻ جو وقت گذري ويو . ھاڻي مخالف ۽ دشمن قوتون اسان جي ھلچل ۾ شامل ٿي اسان جا پير ڪڍڻ ٿيون چاھن . سنڌ جي قومي ھلچل جي نئين سر نظرياتي ۽ تنظيمي صف بندي ڪرڻ جي ضرورت آھي. سنڌ جي ھاڻوڪي ھلچل مينھن وسڻ کان پوءِ ڦٽي نڪتل کنڀي ناھي جيڪا ٻن ڏينھن ۾ ختم ٿي ويندي آھي . سنڌ جو ھاڻوڪو قومي تحرڪ سنڌ جي سوين قومي ڪارڪنن جي ھزارين شعوري ڪوششن ۽ قربانين جو نتيجو آھي . انقلابي سوچ، جدت، نواڻ ۽ بدلاءٓ جون مخالف قوتون ۽ سندن نمائندا پھريان حق سچ جي مخالفت ڪندا آھن پوءِ وري انقلابي عمل ۾ منافقاڻي نموني اچي پنھنجو اصل ڪردار ادا ڪندا آھن . پاڻ قومي ڪارڪنن کي وڏي خبرداري سان پنھنجي قومي جاکوڙ کي وڌائڻو آھي .ان لاءِ گھربل اتحاد، تنظيم، تحرڪ، رابطي، ضابطي ۽ تسلسل جي ضرورت آھي.مسرور چانڊيو، جاويد سومرو، منصور سومرو، حبدار ابڙو، بشير سيلرو، سورج هريش، راڄپر غفار، نورالدين جمالي، ظفر ڏهراج، مير عبدالعزيز ٽالپر، عابد حسين مهر، محمد سليم، محمد يونس مهر، ظفر علي، مسعود قاضي، رفيق نظاماڻي، عبدالستار سولنگي، اياز لطيف، مور ساگر، نويد فتاح، ڊاڪٽر ابو اعظم بلوچ، راشد حسين کهڙو، وحيد مراد لاشاري، زاهد ڀٽو، وزير علي اوڍو، سنڌ هوشو، سعيد ڏاوڇ ۽ ٻين ڪئنال منصوبي کي رد ڪندي #NoMoreCanalsOnIndus لکيو.