ڪئنالن خلاف روڊن سان گڏ سوشل ميڊيا تي به ڀرپور تحريڪ جاري آهي، ڪئنالن خلاف پوسٽون شيئر ڪرڻ سان گڏ ٻٻرلوءِ باءِ پاس سوڌو مختلف هنڌن تي ٿيندڙ احتجاج جون تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪندي مظاهرين جي حوصلا افزائي ڪئي وئي، نو مور ڪئنالز آن انڊس رور هيش ٽيگ ٽرينڊ به جاري رهيو، سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته ڌرتي خاطر جنگ ڪنداسين، سنڌ پنجاب جو دنگ ڪنداسين، ڪئنال دفن ٿيندا يا اسان دفن ٿينداسين، ٽيون آپشن ناھي. ان سلسلي ۾ ممتاز بخاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته نيشنل هاءِ وي ٻٻرلوءِ ۽ انڊس هاءِ وي ڪشمور وٽ وڪيلن سان سنڌ جي خلق به ويهجي وئي. پنجاب، ڪي پي، بلوچستان صوبن جا رستا بند. جنهن تي عادل جان شيخ لکيو ته شڪارپور کان به پنجاب ويندڙ رستا بند ڪيا ويا آھن، جمشيد جعفري لکيو ته جيڪي ملڪ پاڪستان مان سک وٺن ٿا انهن مالڪن کي ٿورو سوچڻ گهرجي، انسان جانور پکي ٻوٽا وغيره وغيره پاڻي کانسواءِ هڪ ڏينهن به رهي نٿا سگهن ته پوءِ ست ڪروڙ سنڌي پنهنجو پاڻي توهان کي ڪڏهن به نه ڏيندا، سراج گڏاڻي لکيو ته اھو وڪيلن جو جذبو ۽ حوصِلو سنڌ ڌرتي لاءِ جاري رھيو ته مخالفن جون ھر اٽڪلون ۽ حربا ناڪام ويندا، علي عابد سومرو، مقبول سنديلو، مزنا، عيسيٰ انصاري، شڪور سارنگ، اشفاق چانڊيو، علي رضا ٻرڙو، ريحانه چنڙ، آڪاش اعظم، شبير ڪيريو، غلام عباس ساند، اسدالله انڍڙ لکيو ته
#NoMoreCanalsOnIndus، برڪت نوناري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ پنجاب جو دنگ ڪنداسين. پنجاب جي شهرڳ سنڌ جي پيرن ۾ آهي، اسان جو پاڻي بند ٿيندو ته پنجاب جي رستي روڪ ٿيندي.جاويد حالتي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌو درياءَ سنڌ جو شناختي ڪارڊ آ . ان ڪارڊ جي بچاءَ لاءِ روڊن تي نڪتل سنڌ جي سچن پٽن کي نمي سلام . جيڪو سنڌ ۽ سنڌو پاسي تنھن تي رحمتون وسن .صنم منگي به ڪئنالن خلاف پوسٽ شيئر ڪئي. نصير ميمڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جي وحدت، وسيلا ۽ پاڻي سنڌ واسين لاءِ ريڊ لائين نَه پر لائيف لائين آهن. انهن سان هٿ چراند جي ڪا بِه ڪوشش سنڌ واسي برداشت نَه ٿا ڪن. ڪروڙين ماڻهن جي هن ردعمل پٺيان ڏهاڪن جي ڦرلٽ ۽ زيادتين جي اوٻر آهي، جيڪا هاڻي ڦاٽ کائي اٿي آهي. جنهن تي عبدالرزاق سروهي لکيو ته بلڪل ايئن ئي آهي، امان انصاري لکيو ته ان ڪروڌ کي ڪا لائين گهرجي جتي ادراڪ نڪري، عزيز احمد لکيو ته
جھيڙو آ ته پوءِ جھيڙو ٿيندو ، ياد ڪري ڇڏ اھڙو ٿيندو
ڌرتي خاطر جنگ ڪنداسين، سنڌ پنجاب جو دنگ ڪنداسين
درياءَ تي ڌاڙو نا منظور، جانوري ڏهر لکيو ته وڪيل جيڪي سنڌو درياءَ تي ڪئنال جي اڏاوت خلاف ويٺا آھن، اھي رڳو وڪيلن جو مسئلو ناھن، اھو پوري سنڌ جو مسئلو آھي. سڀني ماڻھن کي گهرجي ته ھنن سان گڏ ويهن ۽ ساٿ ڏين، اطهر علي ڪهيري لکيو ته دکي دکي ٻري پئي آ، فرزانه ٻرڙو، ميمڻ اي وحيد، زبيده جوڻيجو، راجو قريشي، رشيد چانڊيو، اياز گاد، سرفراز حيدر، جمال شورو، قربان علي شاهه، حامد علي مگسي، سڪندر راهو، ابڙو امينه، حبدار ابڙو، عمير ابڙو، عنبرين چانڊيو، اسد جتوئي، غلام سرور پنهور، اياز احمد به نو مور ڪئنالز آن انڊس رور جو هيش ٽيگ استعمال ڪندي ڪئنالن کي رد ڪيو. الفت حسين پتافي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ واسي سنڌو تي ڌاڙي خلاف شاندار ڌرڻي تي جس لهن. پر هڪ ڳالھه ذهن ۾ رهي ته گذريل ٻن هزار سالن کان سنڌي جڏهن ڪاميابي جي ويجهو پهتا ته کين دوکي ۽ دولاب سان هارايو ويو. هن وقت به دشمن هر قسم جو داءُ هڻڻ لاءِ تيار ويٺو آهي، هوشياري ڪجو. جنهن تي هاشم کوسو لکيو ته 20 اپريل تي ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سنڌيو ريگل چوڪ ڪراچي تي گڏ ٿيو، منور تبسم لکيو ته درست ٿا چئو تاريخ ۾ اھڙيون ويساگھاتيو ٿيون آھن سامراج جو اھو حربو پراڻو آ، نور حسن مهيسر، عبدالقدير ميمڻ، سرفراز مهر، ملزم سومرو، حبيب ملاح، مولابخش ٿيٻو، عبدالڪريم جوڻيجو، سعيد چانڊيو، نثار احمد ابڙو، ايڊووڪيٽ هاتم سولنگي، نجمه ويراڳ مهيشوري، بخشل باغي، مڪيش ڪمار، محمد الياس، شمس الدين هليو، محمد حنيف عباسي، شاهد مگسي ۽ ٻين به ڪئنالن کي رد ڪيو. سرمد ادل سولنگي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته
تون پريانءَ لوءِ ڏٺي ناھي، تون ٻٻرلوءِ ڏٺي ناھي.
او انڌ نگر جا رھواسي، تون سنڌ نگر مان ڄاڻين؟ (ادل سولنگي)
انور جوڻيجو، چندر لال، وقار لاکو، علي پٺاڻ، عارف نائچ، دلاور چنا، دليپ ڪمار به ڪئنالن کي رد ڪيو، مختيار عباسي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته ٻٻرلوءِ باءِ پاس ڌرڻو، 50 ڊگري سينٽي گريڊ لڱ ڪانڊاريندڙ گرمي ، تتل روڊ ، شيخ اياز جو شعر ياد پيو اچي
جيئن لڪ لڳي تيئن رڪ ٿيا ، ھي جي ماڻھو وھه جو ڍڪ ٿيا
ڪئنال دفن ٿيندا يا اسان دفن ٿينداسين ٽيون آپشن ناھي ، سيد خليل احمد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سموري رات سفر ۾ بغير ھڪ پل ننڊ جي ٻٻرلوءِ پھتاسين پر پنھنجي ماڻھن جي محبت ڏسي سڄا ٿڪ لھي ويا.ڪئنالن مان رياست ھٿ ڪڍڻ تي مجبور ٿي ويندي. ويجھا ساٿي لازمي ڌرڻي ۾ اچو.