اشو آف دي ڊي … چونڊيل نمائندن کي به انگريزي سمجهه ۾ نه آئي هوندي، سنڌي ۾ ڳالهائڻ ۾ ڇا ٿو ٿئي؟ مخدوم فخرالزمان جي تقرير تي تبصرا

0
16
اشو آف دي ڊي ... چونڊيل نمائندن کي به انگريزي سمجهه ۾ نه آئي هوندي، سنڌي ۾ ڳالهائڻ ۾ ڇا ٿو ٿئي؟ مخدوم فخرالزمان جي تقرير تي تبصرا

 مخدوم فخر الزمان جي سنڌ اسيمبلي ۾ انگريزي ۾ تقرير بابت سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو، تنقيد سان گڏ دلچسپ تبصرا به ڪيا ويا، مخدوم فخرالزمان پنهنجي تقرير ۾ چيو ته سنڌ جي موٽروي جا پئسا پنجاب ۾  ڇو لڳا؟ وفاق سنڌ جا روڪيل 282ارب جاري ڪري: سوشل ميڊيا تي اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي آفاق علي مهيسر لکيو ته اسپيڪر ۽ پويان ويٺل چاچو پريشان ٿي ويا ته چئي ڇا ٿو، ابڙو محمد علي لکيو ته سکر حيدرآباد موٽر وي جي پيسن ڪرپشن نه ڪن ھا ته عوام موٽر وي تي سفر ڪندڙ ھجي ھا، ضمير احمد لکيو ته انگريزي ۾….عبدالقادر سومرو لکيو ته انهن سنڌين کي برباد ڪيو آهي، علي ستار خاصخيلي لکيو ته اڳيان نڪرڻ جي چڪر ۾ لڳو پيو آهي، نثار سنڌي لکيو ته تازو تازو آمريڪا مان آيو آ، ڦاسي وياسين هنن مان، ذوالفقار علي کنڊ لکيو ته اوهان کي طاقت آهي ته پنھنجي اتحادي حڪومت کان پئسا وٺو، وسيم احمد هالو لکيو ته هي جيڪو حيدرآباد کان سکر موٽروي آ ان جو حساب ڪير ڏيندو..توهان يا وفاق.. سٺي ڳالهه آ انگريزي ۾ ٿا ڳالهايو ،بهتر اهو هو ته سنڌي ۾ احوال ڪيو ها ته سنڌ قوم کي به خبر پئي ها، مصور احمد لکيو ته سنڌ ۾ آھي برٽش سرڪار ڪونهي سنڌي ٻولي ۾ ٻڌاءِ، عبدالرئوف لکيو ته سَڀ ڳالھگ سٺي پر اڌ کان وڌيڪ موجود نمائندن کي ته هن جي ڳالهه سمجهه ۾ به نه ايندي ته فائدو ڇا ڳالهائڻ جو. سنڌي ڳالهائڻ ۾ ڇا ٿو ٿيس؟ قاضي آصف لکيو ته سائين جن کي گزارش آهي سنڌ اسمبلي ۾ تقرير سنڌي ۾ ڪن ته جيئن سنڌي عوام ٻڌي ۽ سمجهي، اعجاز علي سومرو لکيو ته سڌا سنوا اهي پاڻ ذميوار آهن سنڌ ۾ روڊ رستن شهرن ادارن جي تباهي جا، ثنا بلوچ لکيو ته جون ۾ فل سوٽ پائي آيا آهن، نبي بخش لکيو ته سنڌي ٻولي ۾ ڳالهائڻ ۾ ڇا ٿو ٿئي ؟ رئيس اظهر علي جکرو لکيو ته کائين سنڌ ڌرتي جو رھن سنڌ ۾ ووٽ سنڌين ڏنا، سنڌ اسيمبلي آيو آھين اسپيچ وري ٽرمپ واري ٻولي ۾، واهه؟ طاهر جوڻيجو لکيو ته اسان جي معصوم ايم پي ايز کي پريشان ڪري ڇڏيائين، زرياب عباس ڀٽو، علي، حبدار حسين اهڙي تقرير جي تعريف ڪئي، محمد صادق ڏيٿو لکيو ته هن کي سنڌي نٿي اچي ڇا ؟ سليم لاکو لکيو ته  ھي سنڌ جي غريب عوام جو نمائندو آهي، انتهائي گرم حال ۾ سادي پوشاڪ پاتل پنھنجي عوام جا درد  ڏکايل انداز ۾ آواز بلند ڪن پيا. مراد علي لکيو ته انھن ۾ کوڙ سارا ايم پي اي به اھڙا آھن جن کي ليڊرن جي نالي کان علاوا ڪجھه سمجھه ۾ ڪونه آيو ھوندو، انگريز ڪٿان آيو؟ فتح خان لغاري لکيو ته سنڌي ۾ ڳالهائڻ ۾ ڇا ٿو ٿئي؟ عبدالخالق لکيو ته بهترين، هڪ ته آهي سٺي انگريزي ڳالهائڻ وارو، محمد حڪيم مستوئي لکيو ته ڇا ٿو چوي، عبدالغفار ڪاڇيلو لکيو ته ڇا ٿو چوين الائي ڪير سمجهي، وسيم جاويد لکيو ته اچي اسان کي اردو سمجهه ۾ نٿي، وري انگريزي ۾ پيو ڳالهائي، سنڌ اسيمبلي نٿي لڳي، ايڊووڪيٽ امين فهيم چانديو لکيو ته سنڌي ۾ ڳالهائي ته مريد سمجهن ته مرشد ڇا ٿو چوي.