ٿر ۾ ميگهواڙ استاد کي پٽ تي ويهاريو ويو، پاڻي پيئڻ لاءِ گلاس به نه ڏنو ويو، ان معاملي تي سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو آهي، ڪجهه ماڻهن چيو ته استاد سان نا انصافي ٿي آهي، ان جو نوٽيس ورتو وڃي، ڪجهه ماڻهن وري چيو ته استاد ڊرامو ڪيو آهي، جاچ ڪري حقيقتون سامهون آنديون وڃن، ان حوالي سان مقصود چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٿر جو ميگھواڙ استاد پني کائڻ واري کان وڌيڪ عظيم آھي ، ھن ميگھواڙ استاد کي ٻڪ ۾ پاڻي پيئڻ ۽ پٽ تي ويھي ٻار پڙھائڻ جا حڪم ڏيڻ واري عمل جي مذمت ڪريون ٿا، مظفر بلوچ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سوشل ميڊيا تي بحث هيٺ هي تصوير آهي، هن تصوير ۾ زمين تي ويٺل شخص جيڪو جڳ مان ٻڪ ۾ پاڻي پي رهيو آھي اهو گوتم مينگواڙ پرائمري استاد آھي، چيو ٿو وڃي ته استاد گوتم ميگھواڙ کي گورنمينٽ اسڪول مصري شاھ ۾ مقرر ڪيو ويو ته ڳوٺ جي چڱن مڙسن فرمان جاري ڪيو ته تون ميگھواڙ آھين ڪرسي تي ويهي نٿو سگھين ۽ نه وري گلاس ۾ پاڻي پي ٿو سگھين.! هي تصوير دل ڏکائيندڙ آھي، حڪومت کي فل فور نوٽيس وٺڻ گهرجي، دين محمد ٻٻر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته تون ميگهواڙ آھين، ڪرسي تي ويھي نه پڙھاءِ، پاڻي ٻُڪ ۾ پي. ٿر جي ڳوٺ مصري شاھ ۾ استاد گوتم ميگهواڙ سان پيش آيل واقعي جي مذمت ڪجي ٿي. جنهن تي سارنگ رام لکيو ته بي تڪي، بيھودي مھم، افسوس… امداد راهوجو لکيو ته مونکي ماستر ڊامي باز ٿو لڳي پاڻ کي مشھورڪرڻ لا۽ ڊارمو ڪيو اٿئين اجايو لفظ استاد کي ھن لڄايو آھي مونکي گوسڙو ۽ بيوقوف ٿو لڳي ھن جي خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي جڳ منھن جي پاسي ۾ رکي پيئي ٿو پاڻي، ٿرماس گڏ پيل اٿس شيشي جو گلاس نما ڪپ ۾ چانهه پئي اٿس باقي ھن کي گلاس ڪو نه ٿو ملي، حقيقتون جلدي سامھون اچي وينديون، غلام رسول بجير لکيو ته جيڪڏهن ايئن هجي ها ته پوءِ چانهه ايئن ڪيئن مليس ها، صفيع الله سومرو لکيو ته ڊرامي باز ٿو لڳي، خان محمد هاليپوٽو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ننگرپارڪر ڳوٺ مصري شاهه وارو استاد……!!!! بااثرن جا ڪم ڏسو……!!! جنھن کي پاڻي ٻڪ ۾ پياري ان جي تذليل ڪري وڊيو رڪارڊ ڪيون ويون……!!! جنھن ڪوپ ۾ چانهه ڏني وئي سو ڪوپ ٽٽل آھي…..!!! هن استاد سان انصاف ٿيڻ گهرجي، جنهن تي فقير شوڪت راڄپر لکيو ته چانهه ڪوپ ۾ ۽ پاڻي جڳ ۾ ۽ اهو جڳ وري هٿ ۾ آهي، هاشم کوسو لکيو ته سخت لفظن م مذمت ڪجي ٿي، الله بخش آريسر لکيو ته همراهه جڳ جهلي بيٺو آهي پاڻي نه پيو پيئي. ڊائريڪٽر ڪو چڱو هو . ويٺل مڪمل اهتمام سان آهي، باغي رحيم هاليپوٽو لکيو ته هن ڊرامي جو ڪريڊٽ جو حقدار خود استاد آهي جنهن پاڻ وڊيو رڪارڊ ڪرائي مشهور ٿيڻ پئي چاهيو، حنيف ڏيانگ لکيو ته سڄو ڊرامو ٿو لڳي جڳ کڻڻ ڏين ٿا گلاس نٿا ڏين، آرائين عامر فاروق لکيو ته سڄو ڊرامو آهي گوسڙو ماستر آهي ڳوٺ وارا چون پيا، حنيف نهڙيو لکيو ته سڀ ڊرامو لڳي ٿو، انيل ڪمار به ردعمل ڏنو، اياز خان لکيو ته ھنن ظالم ماڻھن جو ڪڏھن انت ايندو، ڊي ڪي مالهي لکيو ته لڳي ڊرامو پيو ڪيتري اطمينان سان پاڻي پيو پئي، شبير هاليپوٽو لکيو ته غلط ۽ اخلاق کان ڪريل عمل آھي، مذمت ڪجي ٿي اسان ڪافي غيرمسلم دوستن سان گڏ کاڌوآھي ڪڏھن ھنن کي اھومحسوس ناھي ڪرايوته توھان اسان کان گھٽ آھيو، پر جنھن ڪپ ۾ چانھه پيل آھي ان ۾ پھرين پاڻي به پي سگهيو پيو، غلام حسين زنگيجو لکيو ته غلط ۽ اخلاق کان ڪريل عمل آھي، مذمت ڪجي ٿي، عبدالرحمان پلي لکيو ته سڄو ڊرامو آهي، سائل مهراڻ لکيو ته پوءِ چون ٿا ته ننگرپارڪر ۾ تعليم ناهي. جيڪڏهن هي حالت رهي پوءِ پڙهيا ٻار، امتياز ڪنڀر لکيو ته ڳوٺ مصري شاھ جي استاد جي پوسٽنگ ويراواھ مان ري اوپن اسڪول تي ٿي مانيٽرنگ آفيسر جي وزٽ وقت غير حاضر ھو بدلي جي چڪر ۾ ڊرامو ڪيو ويو، خادم حسين ۽ ثريا سنڌي به ردعمل ڏنو. محمد علي جوکيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ھن ماستر ڊرامو ڪيو آھي، چانھه ڪوپ ۾ پيئي ٿو ۽ پاڻي گلاس ۾ نه ٿو پيئي، ھاڻ ھن ماستر جي نفرت پکيڙڻ واري عمل جي به مذمت ڪرڻ گھرجي، جنهن تي نياز انڙ لکيو ته ھن ماستر کي پاڻي حوض ۾ پيارڻ گھرجي، ٿي سگھي ٿو مذھبي انتھا پسندي سبب ھن کي گلاس نه ڏنو ويو ھجي تمام افسوس جي ڳالھه آهي، منور علي جسڪاڻي لکيو ته ڪوپ اهو به شيشي جو جڳ به ڀلي آ، فيضان علي لاکو به ردعمل ڏنو، غلام علي جوکيو به ردعمل ڏنو، احسان اوٺو لکيو ته چانھه به ائين ڪوسي ڪوسي ٻڪ تي پي ڏيکاري ته پوءِ مڃنداسين، مختيار علي گائنچو لکيو ته ايئن ڪونهي ٿرپارڪر ۾ ڪجھه ذاتيون اھڙيون آھن جنھن جي ماڻهن سان ٻي ذات وارا ھٿ ڏيڻ يا انھن کي پنھنجي ٿانون ۾ پاڻي پيارڻ پسند ناھن ڪندا، واجد علي راهمون لکيو ته ممڪن آهي ته کيس گلاس نه ڏنو ويو هجي.