اشو آف دي ڊي … پي ٽي آءِ وارا هاڻ ڪٿي ۽ ڪيئن حڪومت ٺاهيندا ؟ سوشل ميڊيا تي سوال اٿاري ويو

0
40

 پي ٽي آءِ وارا آزاد حيثيت ۾ کٽي آيا آهن اهي هاڻ ڪٿي حڪومت ٺاهيندا، ڪيئن حڪومت ٺاهيندا؟ ان بابت آئين ڇا ٿو چوي اهڙو سوال سوشل ميڊيا تي اٿاريو ويو، ان حوالي سان علي رند پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته خيبرپختونخوا جي 110 سيٽن مان 92 سيٽون تحريڪ انصاف جي حمايت رکندڙ آزاد اميدوارن کٽيون آھن. آئيني ماھر ٻڌائن ته ھاڻ اتي حڪومت ڪير ٺاھيندو؟ جنهن تي مختيار علي ٻٻر لکيو ته پيپلزپارٽي حڪومت ٺاهيندي، صدرالدين جتوئي لکيو ته هن ملڪ ۾ سڀ ڪجهه ممڪن آهي، ڄام صادق ۽ ارباب رحيم جون حڪومتون ڪيئن ٺهيون، ماجد سمون لکيو ته پي ٽي آءِ کي اهڙو سوگهو ڪيو اٿن جو آئين ۾ به ڪا گنجائش نٿي بچي، الطاف پيرزادو لکيو ته آئيني ماھر ته بروبر موجود آھن پر اصل مسئلو آئين تي عمل ۽ ان کي مقدس دستاويز سمجھڻ ۽ مڃڻ جو آھي، احمد گاڏهي لکيو ته ھي اھو ملڪ آھي جتي شراب کي ماکي ٿيندي ڏٺو آھي رات جو کٽيندڙن کي صبح جو ھارائيندي ڏٺو آھي…اھي حڪومت ٺاھيندا جنھن سان ماما ولو رازي ھوندو..نويد نعمان لکيو ته اتي حڪومت فضل الرحمان ٺاهيندو، نثار شيخ لکيو ته سنڌين وانگر ڇڙوڇڙ نه ٿي ڪري KP وارا ڪو رستو گڏيل صلاح سان ڪڍي ھلندا، شفيع الله ميمڻ لکيو ته آئيني ماھرن چيو آھي ته نه گھر جا، نه گھاٽ جا.. ھٿ سان کٽائي انھن کي مڙئي خوار ڪرڻو آھي. يا پاڻ ٻي پارٽيءَ ۾ ويندا يا وري استعيفا ڏئي ڀڄندا. ضمني اليڪشن ۾ نئين حڪومت آساني سان ٺهندي. رياض احمد لکيو ته پي ٽي آءِ کي جلد انٽراپارٽي چونڊ ڪرائڻ گهرجي، عبدالستار جمالي لکيو ته پي ٽي آءِ تي پابندي ناهي ان ۾ شامل ٿي سگهن ٿا، لال خان ڪٽو لکيو ته نئي سوچ باقي ڪهڙي آ؟ جڏهن لطيف کوسو، اعتزاز احسن ۽ ٻيا پي ٽي آءِ جي آزاد ميمبرن ۾ شامل آھن، ايم خان ٻٻر لکيو ته مالاڪنڊ مان کٽيل اميدوار وحدت المسلمين ۾ شامل ٿيندا باقي ايم ڪيو ايم جي ڪراچي ۾ جي ڊي اي جي حمايت جن کي کٽرايو ويو آهي، سليم ٻٻر لکيو ته جتي خلائي مخلوق چوندي اتي ويندا، امر سحر لکيو ته پ پ ۽ نواز ليگ ۾ ويندا، ممتاز علي لکيو ته ايم ڊبليو ايم ۾ ويندا، آغا اعجاز پٺاڻ لکيو ته پي ايم ايل اين ۾ ويندا.