پي ٽي آءِ جي اسلام آباد ۾ احتجاج جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي پوسٽون شيئر ڪيون ويون، صورتحال مختلف تبصرا ڪيا ويا، سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته ويڙھه ۾ پٺاڻ ۽ پنجابي آھي، ھجن ھا سنڌي ۽ بلوچ ته ھن وقت تائين رستا صاف ٿي وڃن ھا، پنجابي پشتون مقابلو رڳو اقتدار حاصل ڪرڻ جو ناهي پر مستقل طاقت جو توازن پنهنجي هٿ ۾ڪري فيصلائتي صورت حاصل ڪرڻ آهي. ان سلسلي ۾ فرحان تنيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پي ٽي آءِ وارا سموريون رڪاوٽون ٽوڙي ڊي چوڪ تي پهچي ويا. جميل احمد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پي ٽي آءِ واري سنگت ڊي چوڪ تي پهچي چارج سنڀاري ورتو. اياز حيدر پتافي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته نيٺ فوج ڊي چوڪ ۽ سرڪاري عمارتن جي سيڪورٽي سنڀالي ورتي. تاج محمد رند پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته طاقت صرف طاقت جي ٻولي سمجهندي آهي جيئن اسلام آباد، شڪيل رضا، شهباز گل ساهڙ، نور سنڌي، رهبر بلوچ، سهيل آرائين، ارشاد علي ڪاتيار، آر جي ميراڻي، عمران خان، فدا حسين ناهيون، گلاب خاصخيلي، عبدالعزيز پتافي، جاويد عمراڻي، وقار سومرو، نعمان غوري، راشد نهڙي ۽ ٻين پوسٽون شيئر ڪندي لکيو ته 3 ڏينهن جي مسلسل جدوجهد کانپوءِ پي ٽي آءِ جو قافلو ڊي چوڪ اسلام آباد پهچي ويو، وشنومل پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پنجابي پشتون مقابلو رڳو اقتدارحاصل ڪرڻ جو ناهي پر مستقل طاقت جوتوازن پنهنجي هٿ ۾ڪري فيصلائتي صورت حاصل ڪرڻ آهي. محسن رند پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته غيرت مند قوم جو مثال اهو آهي ته پختونستان کي پنجاب کان وڌيڪ مراعتون فنڊ حاصل آهن.پر انهن کي ليڊر گهرجي.پنجاب کي لوڏي ڇڏيو اٿن. مختيار عباسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اسلام آباد اپڊيٽ ! اسٽيبلشمينٽ جي ٻن گروپن جي جنگ اڃا جاري ! اھا جنگ ڪٿي دنگ ڪندي ؟ ويڙھه ۾ پٺاڻ ۽ پنجابي آھي ! ھجن ھان سنڌي ۽ بلوچ ته ھن وقت تائين رستا صاف ٿي وڃن ھا. جنهن تي راشد علي لکيو ته هاڻ اهي ڳالهيون پراڻيون ٿي ويون آهن، صدرالدين عمراڻي لکيو ته سنڌين ڪڏھن اسلام آباد ۾ احتجاج ڪرڻ جو سوچيو به ناهي، عباس علي ڪنڀر لکيو ته ڳالھيون ۽ ڊيل انقريب آخري مرحلي مان گزرندي نظر اچن پيون رمضان شريف تائين نيازي جيل ۾ رھندو، آھسته آھسته ساڳيو قصو روان دوان رھندو، حڪومت پنج 5 سال پورا ڪندي انکان پوءِ اليڪشن لاءِ الڳ ڳالھيون ٿينديون. مجتبيٰ ڀٽو لکيو ته تاريخ ۾ پھريو دفعو پنجاپي-پنجاپي، پٺاڻ- پٺاڻ پاڻ ۾ ٽڪريا آھن سنڌي يا بلوچ ھجن ھا ته غدار قرار ڏئي مٿن بمباري ڪئي وڃي ھا، محمد جميل لکيو ته سنڌي ۽ بلوچ واري ڳالھه صحيح آ باقي اسٽيبلشمنٽ ٽو اسٽيلشمنٽ واري ڳالھه غلط آھي، حقيقت اھا آھي ته ھڪ طرف اسٽيبلشمنٽ ته ٻئي طرف ملڪ جي بقا خاطر ۽ ملڪ جا حامي پيا وڙھن. ولي محمد خاصخيلي لکيو ته اھڙو حشر ته سنڌ ۾ سنڌي مظاھرين سان سنڌي حڪمران به ڪندا آھن ان تي به نظر وجھو، جاويد احمد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سڄي پٺاڻ ۽ پنجابي اسٽيبلشمينٽ جي زور آزمائي آ ، ٻيو ڪجھه ناھي اگر سنڌي ، بلوچ ايترو ڪن ھا اسلام آباد ۾ ئي پوريا وڃن ھا . امر سنڌو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته صرف پنجاب ئي حقيقي طور پريشان آهي پر سنڌ ۽ بلوچستان ان ۾ خوش آهي، چڱو اسلام آباد کان اسان جو بدلو به وٺندا. نثار کوکر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عمران خان اڪيلي سر اهو ڪري ڏيکاريو جيڪو پندرنهن پارٽيون گڏجي نه ڪري سگهيون….عوامي حمايت اها چئبي آهي باقي جيڪي سنڌي هن کي اسٽيبلشمينٽ جي حمايت سمجهن ٿا ته انهن کي پنجاب ڪي پي جي ماڻهن جي نفسيات ٻيهر پڙهڻ گهرجي… پنجاب ڪي پي جو پڙهيل لکيل ماڻهون سمورا سک هوندي به نواز توڙي اسٽيبلشمينٽ خلاف نڪري نروار ٿي بيٺو آهي اسان ذلت جي زندگيءَ جا پندرنهن ويهه سال گذارڻ کان پوءِ به چئون ٿا رئيس نه هجي ها ته رلي وڃون ها….. قومون همٿ بهادري سان تاريخ جوڙينديون آهن، پنڻ تي هيرايل ماڻهون ميدان کان ٻاهر بيهي تماشو ڏسندا آهن. جنهن تي راشد چانڊيو لکيو ته قومن جي همت ناهي مالڪن جي مرضي آهي ۽ بشرا به مالڪن جي ماڻهو ٿيڻ کان پوءِ ئي آزاد ٿي، دادن مهر لکيو ته قومون پنھنجا حق ائين وٺنديون آھن ھتي زمينون يا بنجر ٿين پيون يا کسجن پيون، معدنيات کڻي ويا، پورٽ گروي ٿي ويا، سامونڊي پٽي کسجي وئي ڪوئلو ھليو ويو ۽ پيئڻ جو پاڻي کسجي پيو پر اسان جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري، ماجد تنيو لکيو ته بلڪل، حريف خان چانڊيو لکيو ته سنڌ جي عوام ضياءَ جي خلاف شاندار تحريڪ هلائي ، شهيدن جي به لسٽ ڊگهي آهي، انقلاب يا جمهوري نظام کي پنجاب توڙي ڪي پي ڪي جي شاطر دماغ طاقتور قوتن سان گڏجي اقتدار جا مزا پئي ماڻيا، هاڻي سندن گهر ۾ گهوٽالو پيو اٿن، ڏسجي اقتداري ڪاريڊور ۾ ڪنهن کي ڪيترو حصو ٿو ملي. رفيق ملاح، رياض کوکر پوسٽ سان اتفاق ڪيو، رسول بخش رسول لکيو ته ٿڌا ٿيو، جيترا سنڌي ماريا ويا آھن يا جيترا بلوچ پٺاڻ قتل ٿيا آھن ملڪ جي 75 سالن جي تاريخ ۾ ، آھي ڪنھن وٽ ان جو حساب . لطيف چنڙ لکيو ته غلط تجزيو آھي…پٺاڻ بنيادي طور جنگجو ذھن جو آ… آغا شڪيل به ردعمل ڏنو، عابد حسين لکيو ته اڳ ته چيو ويندو ھيو فيض حميد جي سپورٽ اٿن پر روڊ رستا بند ھجڻ ۽ ايڏي ظلم باوجود پي ٽي آءِ وارن آخري ڪال کي آخري سمجھي منزل تي پھچي ثابت ڪيو ھاڻ ڏسون ته ڇا پيو ٿئي باقي اسان واري قوم نه پنجن ۾ نه پنجاھه ۾، واجد گاڏهي به ردعمل ڏنو، اي وحيد لکيو ته اسان مٿان ڪو فرق نٿو پوي، طارق مصطفيٰ به پوسٽ تي ردعمل ڏنو. ظهور احمد چنا لکيو ته پٺاڻ ھڪ قيدي عمران خان کي آزاد ڪرائڻ لاءِ مرڻ مارائڻ تي آيا آهن ۽ اسان سنڌو ماٿريءَ کي تباھه ٿيندي ڏسي خاموش آهيون. اھوئي سبب آهي جو سنڌ سدائين عتاب ھيٺ رھي آھي. ابراهيم جوکيو لکيو ته هن ملڪ ۾ ڊوميسائل جو پاور به آھي اتي جيڪڏھن سنڌ يا بلوچستان جا ڊوميسائل هجن ها ته ڪم گيم بال ٿي وڃي ها ۽ ملڪ دشمن جو نالو ڏئي وٺ سٺ شروع ٿي وڃي ها. ابڙو محمد علي لکيو ته ڪي پي ڪي حڪومت نه ھجي ھا پشاور مان نڪري نه سگھن ھا، جبار زئور لکيو ته پنجاب جو ماڻهو ناهي نڪتو گهڻو انگ ڪي پي وارن جو آهي. نصير ميمڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ماڻهو آهن خيبر پختونخوا ۽ ڪجھه پنجاب جا. جهيڙو پهتو آهي اسلام آباد جي رستن تي. اهڙن ڀلارن ڊوميسائيلن جي هوندي قانون “لاڳو ٿيڻ” بجاءِ “رستو ڪڍڻ” جي ڪوشش ڪندو. جنهن تي حسين بخش ناريجو لکيو ته توهان حقيقت کان دور آهيو، علي حسن ڀٽو لکيو ته پنجاپين ڪڏهن جهيڙو ڪيو آهي ؟ ، بس ڪجهه پٺاڻ آهن نه ڪي نظرياتي، طاقت ۽ اقتدار جي حاصلات لاءِ جنگ آهي باقي مڙئي خير آهي، عطا محمد ڪلوئي لکيو ته ٺھيل آھن..سڀ ڪجھ پلاننگ تحت ٿئي پيو . فارم ستيتاليھه وارن کي ڪڍي فارم پنجيتاليھه وارن سان ڊيل ڪندا .في الحال ڪنٽرول پاڻ سنڀالين پيا،عبدالغفار وڪو لکيو ته سنڌي هجن ها ته سڌيون گوليون هڻن ها پر ڊوميسائل جو فرق آ،مبارڪ ٽالپر لکيو ته قانون لاڳو هميشه ڪمزور تي ٿيندو آهي طاقتور جي اڳيان رستو ئي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو آهي انھن ڀلارن ڊوميسائل رکندڙن کي اهو لقب آسمان تان ڪونه مليو آهي اسان جي قوم جي ڀيٽ ۾ اهي وڏيون محنتي پڙهيل لکيل ۽ مستقل مزاج قومون آهن جن پاڪستان کان سواءِ دنيا جي 32 ملڪن ۾ ڀلاري ڊوميسائل واري ن ليگ ۽ ان جي ڀلاري آقا جي خلاف تاريخي احتجاج ڪري ڏيکاريو آهي. ڊاڪٽر احسان الاهي لکيو ته مان پھريان به ڪافي ڀيرا لکي چڪو آھيان ته اھا سھولت رڳو kp يا پنجاب جي CM کي آھي ته مرڪز تي ڪاھه ڪري پوءِ به ڪا ڪارروائي ڪونھي جي سنڌ يا بلوچستان جو CM رڳو اھڙي ڳالھه ڪري ته حڪومت ختم ،گورنر راڄ ۽ سڌو آرٽيڪل 6…استاد خالد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اسلام آباد ۾ آرٽيڪل 245 موجب فوج جي مقرري ۽ وڳوڙين کي ڏسندي گولي ھڻڻ جي آرڊر مان لڳي ٿو ته جھيڙو خطرناڪ پاسي ڏانھن وڃي رھيو آھي ۽ معاملا سولين اٿارٽي جي ھٿن مان نڪري رھيا آھن. بھرحال رياست جو بحران رياست کي وڌيڪ ڪمزور ڪندو. جنيد انصاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٻن اقتداري ٽولن جي جهيڙي ۾ اسان ڌر ناهيون، غير ضروري طور تي پاڻ مٿان چٿرول ۽ طنز ڪندڙن کي انگريزن جي دور کان وٺي ون يونٽ، ايم آر ڊي تحريڪ ۽ تازو ئي ٻيٽن خلاف ٿيل جدوجهد ذهن ۾ رکڻ گهرجي، جيڪا به ڌر ڪامياب ٿي اوهان سان روئي ۾ فرق نه ايندو، سو پنهنجي تذليل پاڻ نه ڪريو.