اشو آف دي ڊي … پيٽرول سڀاڻي مهانگو ٿيڻ جو امڪان، عوام جو اڳواٽ ئي شديد ردعمل

0
33

پيٽرول جا اگهه وڌڻ کان اڳ ئي سوشل ميڊيا تي ردعمل شروع ٿي ويو، پوسٽون شيئر ڪري چيو ويو ته پهرين سيپٽمبر کان پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ جو امڪان آهي، ان تي شديد ردعمل ڏيڻ گهرجي، ان حوالي سان اياز رند پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پيٽرول 24 روپيه مھانگو ٿيڻ جو امڪان آهي، صرف ھڪ ڏينھن مڪمل ٽريفڪ عوام بند ڪري پيٽرول ته ڇا ھي ھر شي سستي ڪندا اسان عوام ۾ حال ڪونھي. جيڪي ويچارا رڪشن تي روزي ٿا ڪن 500ڪمائين 500کائين انھن جو ڇا ٿيندو انھن غريبن جو ڇا ٿيندو جيڪي 500 ڏھاڙي ڪمائين اڄ جي دور ۾ 20 ھزار جي ويليو ناھي پنج سو مان ڇا ٿو ملي؟ جنهن تي رحيم بخش مهر لکيو ته جناب ڪاڪڙ صاحب ملڪ جو وزيراعظم آهي ! بجلي بلن بابت ٽي ڏينهن گڏجاڻي ڪرڻ بعد “ڪامورن”کيس ڪو به فيصلو ڪرڻ نه ڏنو، ٻڌايو اسان غلام ٿي ويا سون نه آءِ ايم ايف جا، يا الله پاڪستان تي رحم ڪر ، عثمان چنداني لکيو ته ماڻهو الئي ڇو ماٺ آهن، عابد حسين لغاري لکيو ته هي ستل عوام پنهنجي حق لاءِ اڳيان ڪڏهن به نه ايندو انقلاب نه ايندو صديون گذري ويون مجال جو اٿن، بک مرندا، خودڪشيون ڪندا پر اڳيان ڪونه ايندا، نور مبيجو لکيو ته عوام ختم آهي، سرمد انور ميمڻ لکيو ته ٿوري همٿ ڪريو هر شيءِ آسان ٿي ويندي، راجا علي لکيو ته هڪ ڀيرو 400 رپيا في لٽر ڪري قرض لاهن عوام کي ڇو پيا بيوقوف ڪن، امداد ڀٽي لکيو ته نگران وزيراعظم ٽئي ڏينهن لاڳيتو اجلاس ڪيو پر بجلي جي بلن ۾ رليف ڏيڻ جو فيصلو نه ڪري گهيو، آءِ ايم ايف جا غلام ٿي ويا آهيون.مزمل بلوچ لکيو ته سڀ ماٺ آهن، واجد علي لکيو ته واهه جو مشورو پيا ڏيو، ٽريفڪ بند ڪرڻ سان عوام لاءِ وڌيڪ مسئلا ۽ مهانگائي ٿيندي يا حڪمرانن تي فرق پوندو؟؟ هڪ هڪ شي لاءِ احتجاج ڪرڻ سان ڪو مستقل حل نه نڪرندو جيسين تائين هي رائج نظام تبديل نه ٿا ڪريو. ايم اقبال بجير، ڪرم خان، شاهه محمد، لياقت سمون، محمد اعظم راڄپر، نياز علي، واجد شيخ، عبدالستار، عبدالجبار،جاويد چانڊيو، عبدالغفار جهلڻ، ياسين ميراڻي، محمد موسيٰ چنا، صائمه ستار، راجا سومرو، اياز لاشاري، افروز ٿيٻو، سيما سجاد، ڊاڪٽر ثمينه واحد، جمال الدين نظاماڻي، نويد شيخ، اسامه علي، حاجي امداد سنگهار، حاڪم علي بلوچ، محمد حريف بلوچ، ڀورا لال، ظفر علي کوکر به پيٽرول جي اگهن ۾ امڪاني واڌ تي ردعمل ڏنو. مجيد بوزدار پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پھرين سيپٽمبر کان ڊيزل جي قيمت ۾ 15 رپيا ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ 12 رپيا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي، لال محمد رند لکيو ته پهرين سيپٽمبر کان پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ وڏي واڌ جو امڪان آھي. عبدالحسين پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته حڪومت پاران پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ وڌيڪ 13 رپيا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي.  آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي سبب حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪري سگهي ٿي.  ذريعن جو چوڻ آهي ته واڌ جو اندازو لڳايو ويو آهي ڇاڪاڻ ته مٽا سٽا جي شرح خراب ٿي وئي آهي.   پيٽرول جي قيمت ۾ 9 رپيا 95 پئسا في ليٽر جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 13 رپيا 73 پئسا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي.  پيٽرول جي اگهه ۾ اڳ ۾ ئي 37 رپيا 50 رپيا في ليٽر ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 40 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي،   نگران حڪومت نئين قيمتن جو اعلان 31 آگسٽ تي ڪندي.