ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف احتجاج ڪندڙن مٿان پوليس تشدد تي سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ڏنو ويو. سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته سنڌ پوليس ياد رکو ھي وطن توھان جو به آھي، پرامن جدوجهد کي پرتشدد بڻايو پيو وڃي، خطرناڪ نتيجا نڪرندا، ماحول خراب ٿيو ته پوءِ صورتحال سنڀالي نه سگهندا، ٻٻرلوءِ ڌرڻي کي طاقت سان ختم ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ته سڄي سنڌ ٻٻرلوءِ ٿي ويندي ان کي ڪيئن منهن ڏيندا؟ ملير سوڌو مختلف شهرن ۾ مظاهرين مٿان پوليس حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، وحشياڻو تشدد ڪندڙ ڪنهن به پوليس آفيسر يا اهلڪار کي شرم نه آيو ته وڪيل اسان جي جنگ وڙهي رهيا آهن، هي سنڌ لاءِ وڙهي رهيا آهن. ان سلسلي ۾ فاروق سومرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٻٻرلوءِ ڌرڻي کي طاقت سان ختم ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ته سڄي سنڌ ٻٻرلوءِ ٿي ويندي ان کي ڪيئن منهن ڏيندا؟ پ پ سنڌ جي عوام جو اعتبار وڃائي چڪي، جيڪڏهن ان جي قيادت عوام خلاف اقتداري طاقت جي استعمال جو سوچيو به ته کيس ضياءَ جو حشر ياد رکڻ گهرجي، جنهن تي ايڊووڪيٽ عبدالسميع ميمڻ لکيو ته ڀلي شوق پورو ڪري ڏسن، قوم ڪفن ٻڌي نڪتل آهي، سسئي پليجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پوليس پرامن مظاهرين خلاف گرفتاريون ۽ ڪارروايون ڪرڻ کان پاسو ڪري، وڪيل ۽ ٻيا مظاهرين سنڌ جي پاڻي جي حق ۽ سنڌ دشمن ڪئنالن خلاف نڪتل آهن، مسلسل پرامن جدوجهد سندن آئيني حق آهي، جنهن تي ،، ع لي ،،لکيو ته پر امن تحريڪ کي پر تشدد بڻائڻ واري رياستي حڪمت عملي: بنيادي سوچ ڇا آهي؟ رياست جو مقصد اڪثر اهو هوندو آهي ته جڏهن تحريڪ پرامن، ڊسيپلينڊ ۽ عوامي حمايت حاصل ڪري، ۽ جڏهن اها تحريڪ “قانوني اخلاقي برتري” حاصل ڪري (يعني ماڻهن جي همدردي، دنيا جي حمايت ۽ اندروني دٻاءُ وڌي) ۽ اربين کربين رپين جو معاشي نقصان ٿيندو ھجي ته پوءِ رياست لاءِ ڏکيو ٿي پوي ٿو ته طاقت استعمال ڪري ان کي دٻائي. انڪري رياست ڪوشش ڪري ٿي ته اهڙي تحريڪ کي پرتشدد بڻايو وڃي. رياست ڪهڙيون حڪمت عمليون اختيار ڪري سگهي ٿي؟ 1. ڇڙواڳ حرڪتون ڪرائڻ: رياست پنهنجا ايجنٽ مظاهري ۾ داخل ڪري: گاڏين جا شيشا ڀڃڻ، سرڪاري عمارتن تي حملا ڪرائڻ،ڌڪا مُڪي ڪرائڻ. ته جيئن ميڊيا تي ڏيکاري سگهجي ته “احتجاج ڪندڙ پرتشدد آهن.” 2. عوامي حمايت ختم ڪرڻ: جڏهن احتجاج پرتشدد ٿئي ٿو، ته عام ماڻهو (جيڪي همدرد هئا) پوئتي هٽڻ لڳن ٿا. ڪاروباري، مذهبي، تعليمي حلقا خوفزده ٿي، تحريڪ کان الڳ ٿي وڃن ٿا. 3. قانوني جواز حاصل ڪرڻ: پرتشدد واقعي کي بنياد بڻائي، رياست تيزيءَ سان ڪاروائيون، گرفتارون، ڪيس هلايو ٿي. “قانون جي عملداري” جي نالي تي احتجاج دٻايو ٿو وڃي. 4. بين الاقوامي تصوير کي متاثر ڪرڻ: جيڪڏهن تحريڪ پرامن رهي ته بين الاقوامي دنيا (اقوام متحده، انساني حقن جا ادارا) ساٿ ڏئي سگهن ٿا. پر جيڪڏهن تحريڪ کي پرتشدد بڻايو وڃي رياست ڪوشش ڪري ٿي ته اهڙي تحريڪ کي پرتشدد بڻايو وڃي. حقيقت اها آهي ته…سنڌ ۾ هينئر تائين جيڪا تحريڪ هلي رهي آهي، اها انتهائي پرامن آهي. ڪنهن به گاڏي جو شيشو نه ڀڳو ويو آهي. ڪابه سرڪاري عمارت تي حملو ناهي ٿيو. عورتون، ٻارڙا، بزرگ، شاگرد، ڪاروباري ماڻهو پوري امن سان ڌرڻن ۾ ويٺا آهن. اهو پاڻمرادو وڏي اخلاقي فتح آهي، جنهن ڪري رياست گهڻو بيچين آهي. رياست جي ڪوشش هوندي آهي ته پرامن تحريڪ کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پرتشدد بڻائي، ته جيئن کيس تحريڪ تي چڙهائي ڪرڻ جو قانوني، ميڊيا ۽ بين الاقوامي جواز ملي وڃي. پر جيڪڏهن قيادت سمجهه، ضبط، ۽ عوامي آگاهي برقرار رکي ته رياست جي اھا حڪمت عملي ناڪام بڻجي سگهي ٿي. حسين مسرت لکيو ته سنڌ حڪومت غلطين مٿان غلطيون پئي ڪري ،پر امن مظاھرن کي پر تشدد بنائڻ کان پاسو ڪن، حسن پٺاڻ لکيو ته پوليس گردي مرده آباد، ايڊووڪيٽ اياز صالح پليجو لکيو ته ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌ جي وجود جو مسئلو آهي انهي ڪري هر طاقت رکندڙ فرد سوچي سمجهي پنهنجي طاقت جو استعمال ڪري، پوليس جي پرامن احتجاج ڪندڙ وڪيلن ۽ عوام ماڻهن تي ڪيل بدترين تشدد جي سخت لفظن مذمت ڪيون ٿا ، سعيد پنهور لکيو ته
ٿو ڪري راڪاس راڙا پر اياز،
ھيل تنھنجي سنڌ گھٻرائي نه ٿي.
ملير ۾ وڪيلن دوستن جي ڪيمپ تي پوليس حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي!!! سنڌو درياءَ تي ڌاڙو نامنظور، ڪئنال سمورا نامنظور، وحيد عارفاڻي لکيو ته پوليس پنهنجو قبلو درست ڪري، سيد مقبول شاهه لکيو ته پرامن جدوجهد کي پرتشدد بڻايو پيو وڃي، خطرناڪ نتيجا نڪرندا، خادم هاليپوٽو لکيو ته ماحول خراب ٿيو ته پوءِ صورتحال سنڀالي نه سگهندا، ممتاز بخاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌي سدائين هيڻن ۽ مظلومن جي لاءِ نڪري پوندا آھن. هنن سمجهيو ته شايد ڀوتار بڻجي اک ڏيکارينداسين ته هيسجي ويندا. جنهن تي عبدالرحيم عباسي لکيو ته سنڌودرياءَ جي بقا جي تحريڪ ميچوئر ۽ نتيجاخيز مرحلن ۾ داخل ٿي آهي، سياسي ڌريون الڳ واريون سرگرميون معطل ڪري ٻٻرلوءِ،ڊيره موڙ، ڪمون شهيد،ڪراچي ۾ هلندڙ ڌرڻن کي سگهارو ڪن، سيما چانڊيو لکيو ته واقعي وڏي مڙسي ڪئي اٿن، رئوف پارس دايو لکيو ته سنڌ جو مزاحمتي جوهر برقرار آهي، سيد خليل احمد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته تون ھن رت وھندڙ چھري جي مرڪ ناھي کسي سگھيو تون اسان کان ڇا درياءَ کسيندي. سنڌ جو ارڏو پٽ وڪيل ذيشان آرائين منھنجو جگري يار آھي.آئون ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ آھيان اھو وچن ڪيان ٿو يار جي رت جي ھر ڦڙي جو حساب وٺنداسين، سنڌ پوليس ياد رکو ھي وطن توھان جو به آھي.پرامن سنڌين تي حملي جو حڪم نه مڃو پر اگر ڪنھن کي وطن کان مٿي نوڪري آھي ته ياد رکو اچڻو اوھان کي به ڪورٽن ۾ آھي. منير راهو لکيو ته پوليس جي هن عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، رحمت اوڍاڻو لکيو ته بلڪل حساب ٿيندو، ذوالفقار علي چانڊيو لکيو ته پلاند ڪنداسين، محمد سليم ۽ جاويد اڄڻ لکيو ته پوليس جي هن عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، ايم اعظم چاچڙ ملير ۾ مظاهرين تي پوليس تشدد جي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته ملير ۾َ پوليس ۽ عوام جون جھڙپون، پوليس وارا غيرت ڪري ورديون لاھي گھر ھليا وڃو. ٿاڻا خالي ڪري ڇڏيو، نصير ميمڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اوهان ماڻهن کان ترقي ۽ آسودگيءَ جا سمورا وسيلا ڦُري ڇڏيا، هاڻي انهن کان جياپي جا وسيلا يعني پاڻي ۽ زمين بِگ ڦريو پيا. نيٺ سنڌ جي عوام جو ٻرندڙ جبل ڦاٽي پيو آهي. فرزانه ٻرڙو، هوت خان جمالي لکيو ته سنڌو درياءَ تي ڌاڙو نامنظور، نو مور ڪئنالز آن انڊس رور، جامي چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته
ٻٻرلوءِ سنڌ جو قومي، عوامي ۽ سياسي “وحدت الوجود” ٿي ويو آھي. ھڪ ڇَتِ ھيٺ اھڙي عوامي ۽ سياسي ٻَڌي ڪڏھن نظر نه آئي! #NoMoreCanalsOnIndus
جنهن تي ظهر ابڙو لکيو ته جيڪي پوليس وارا ضمير مطابق پرامن احتجاج تي ڪائي به ڪاروائي نٿا ڪن انھن کي سلام آھي، حبدار علي چانڊيو لکيو ته سنڌ ۾ ليڊر شپ جو فقدان آهي پر پوءِ به سنڌي قوم پاڻ ملهايو آهي، ساجده ميمڻ لکيو ته نه ڪا پارٽي نه اڳواڻ، ھتڙي آھي رڳو عوام …ڪينال ٺاھيندين ، پادر کائيندين، اشرف جعفري لکيو ته اوھان ڪيئن سو چيو، ته ڌرتي جا دودا اوھان کي ڪرڻ ڏيندا سنڌو جا سودا، تهمينه مفتي لکيو ته ڪئنال سمورا نامنظور نامنظور ھٿرادو فارمينگ نامنظور. ايڊووڪيٽ ستار هليو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سڀاڻي ڪوبه پوليس آفيشل لاڙڪاڻو ڪورٽ نه اچي …يا اچي ته پنھنجي ايس ايس پي چودري کي وٺي اچي ته حساب ڪتاب پورو ڪيون. عائشه پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪشمور /گولا موڙ ڌرڻي تي پوليس جي فائرنگ لٺبازي پرامن ڌرڻي تي پوليس گردي جي مذمت ڪجي ٿي، وڪيل ڀائرن ڀينرن ،قومي ڪارڪنن ،اڳواڻن کي عرض آهي ته آواز اُٿاريو هي ڌرڻو به سنڌ تي ڪئنال ٺاهيندڙن خلاف آهي.
ماجد تنيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته
ٻٻرلو- سنڌ جو اِسٽالن گراڊ: سنڌ جي وسيلن، زمينن ۽ سنڌو درياءَ کي وفاق ۽ ڪمپنيءَ جي حوالي ڪرڻ سنڌ جي وجود تي سڌو حملو آهي. اَڄ جتي پُوري سنڌ سَراپا احتجاج بڻيل آهي، اُتي ٻٻرلو باءِ پاس جتان پنجاب جي رسد گُذري ٿي، ڏهن ڏينهن کان بند آهي. ٻٻرلو، جتي سنڌ جون ڌيئرُون، پُٽ، جهونا، مَزدور، شاگردَ ۽ عوام خاص تحريڪ سجائيندڙ وڪيلَ پنهنجي ڌرتيءَ جي حقن لاءِ بي مثال مزاحمت ڪري رهيا آهن، اڄ اسان جو پنهنجو اِسٽالن گراڊ بڻجي ويو آهي! جيئن رُوس جي اسٽالن گراڊ ۾ ماڻهن پنهنجي جان، عزت ۽ شهر کي بچائڻ لاءِ هر گهر، هر گهٽيءَ ۾ آخر تائين ويڙھه جاري رکي، اڄ ٻٻرلي جي ڌرتيءَ تي سنڌي عوام به مضبوطيءَ سان بيٺل آهي. ٻٻرلو سنڌ جي وسيلن تي قبضي جي سازش کي شڪست ڏيندو! هن ڌرتيءَ جا ماڻهو هر حملو روڪڻ لاءِ اُٿيا آهن ۽ انھيءَ تاريخ جو ورجاءُ لکجي رھيو آھي. ٻٻرلو اسان جو اِسٽالن گراڊ آهي، جتي ڌرتي، سڃاڻپ ۽ وسيلن لاءِ مزاحمت جي تاريخ لکي رهي آهي. نورالهديٰ شاهه پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته
سپاهي!
متان پنهنجي پاڻي ۽ ڌرتيءَ ڀائيءَ تي گولي هلائي اٿئي
هي تنهنجن ئي ٻچن جي بقاءَ لاءِ وڙهي ٿو
پنهنجن ٻچن جي رکوالَ تي گولي نه هلائي
قاتل نه بڻج
ڌرتيءَ واسين جو رکوال سپاهي بڻج.
آزاد انور مهر ٻٻرلوءِ جي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته ٻٻرلوءِ جو چوگرد پوليس اٽالا پهتل آهن پر عوامي هن جذبي جي ڳالهه ئي الڳ آهي… پوليس جون گاڏيون به اچن ٿيون ۽ ڌر تتيءَ جو هن ڪاڙهه واري گرميءَ ايندڙ ننڍا جٿا وڏي هجوم جي شڪل پيا اختيار ڪندا پيا وڃن، روڊن ساڄي پاسي ڪيمپن تي ننگر به هلي ٿو ساڳئي وقت کاٻي پاسي سبيلون به آهن گرمي به آهي پر قومي گيتن تي رقص به جاري ساري آهي… پنڊال جي اندر توڙي ٻاهر عوامي جوش جو انداز ئي نرالو ٿو ڏسجي. قيوم سروهي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ملير ۾ سنڌو درياءَ تي ڌاڙي خلاف ڌرڻو هڻندڙ وڪيلن تي پوليس دهشتگردن وانگر ڪاهي پئي، بدترين تشدد، بهادر وڪيل ذيشان آرائين تي وحشياڻو تشدد ڪندڙ ڪنهن به پوليس آفيسر يا اهلڪار کي شرم نه آيو ته وڪيل اسان جي جنگ وڙهي رهيا آهن، هي سنڌ لاءِ وڙهي رهيا آهن.