اشو آف دي ڊي … پنهنجو ڪاروبار، پرڏيهه اڏام: نئين سال لاءِ نوان ٽارگيٽ رٿجي ويا

0
165

 سال 2023ع گذري ويو، سال 2024ع اچي ويو، جتي سال 2023ع کي الوداع ڪيو ويو اتي نئين سان نيون اميدون به جوڙيون ويون آهن، ان حوالي سان شاهد حسين خاصخيلي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اوھان نئين سال ۾ ڪاميابيون ماڻڻ لاءِ ڪھڙا ٽارگيٽ رٿيا آھن؟ جنهن تي ليکراج مل راٺوڙ لکيو ته سنڌ کي ڇڏي ڪنھن ترقي يافتا ملڪ شفٽ ٿي وڃڻ، حسن هنڱورو لکيو ته ھڪ نئون ڪم ۽ ٻيو نئون ڪاروبار ۽ ھڪ جي شروعات ڪري ڇڏي ۽ ٻئي جي تياري جاري آھي، باقي دل پشوري لاءِ فيسبڪ تي نئون انداز، اسد شر لکيو ته اليڪشن جي ڪوريج، سياست جا تماشا، مزاحمت ۽ جئيڻ لاءِ 2 ويلا، لال بخش پنهور لکيو ته هتي ماڻهو نئين سال ۾ ڀوتارن جي چمچاگيري ڪري ڪاميابي ماڻيندا، حاجي محمد لکيو ته ڪارونجهر کي محفوظ بڻايو وڃي، ممتاز علي پنهور لکيو ته هر مظلوم سان گڏ بيهڻ، عبيدالله ناريجو به ردعمل ڏنو، علي رضا لکيو ته سياست کان عليحدگي، ذاتي ڪاروبار کي وڌائڻ جي ڪوشش، شڪيل کٽياڻ لکيو ته پنج وقت نماز، الله ۽ ان جي رسول صه جي اطاعت غريبن جو سھارو بنجڻو آھي انشاءَالله، عبدالله لکيو ته دعائن تي ڪم هلائيندا سين باقي وطن عزيز ۾ ڪهڙا ٽارگيٽ….. ايڊووڪيٽ جيوڻ خان ڪنڀر لکيو ته کرڪڻا لاھي سک نه ستا ڪڏھن، اسرو آھي کاھوڙين کي پنڌ جو، حاجي حسين بخش لغاري لکيو ته الله پاڪ گناھن کان بچائي رزق حلال گھرجي، حزب لغاري لکيو ته هميشه جيان سنڌ ڌرتي جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رهندي، عمران ڪنڀر لکيو ته ٻين ڪاڻ جيئڻ ! اميد ته پنهنجي پهچ سارو ھميشه جيان بنا ڪنهن رنگ نسل ۽ لالچ جي سماجي ورڪ جاري رهندو ۽ مختصر زندگي لاءِ پيٽ گذر، عابد علي گورچاڻي لکيو ته ڪاميابيون قابليت جي بنياد تي ملنديون آهن ھي الفاظ جي آئوٽ آف ڪنٽري منجھه استعمال ڪيا وڃن ھا ته وزن ھو، پر پاڪستان منجھه بي وزني الفاظ آهن ھتي ڪاميابيون حاصل ڪرڻ جي لاءِ ھڪ ڊگري حاصل ڪرڻي پوندي آهي، اصل ڪاميابي اُھا آھي جيڪا اوهان پنهنجي قابليت جي بنياد تي حاصل ڪريو نعرن جي بنياد تي پراڻي گٽر نالي ملندي آهي ڪاميابي نه، نور محمد مري لکيو ته سنڌ ڌرتي سان ساٿ نڀائڻ جو وچن، ساريو عنايت علي لکيو ته پارٽ ٽائيم ننڍو ڪاروبار ڪندس، عزيز خان لکيو ته ٻن ٽٽل دلين کي گڏ ڪرڻ ۽ حج جي سعادت حاصل ڪرڻ، جميل لاشاري، روشن الدين نونداڻي، کٽو مل، امتياز ڪورائي به راءِ جو اظهار ڪيو، اي آر دل لکيو ته الله پاڪ جي حوالي رب جيڪو ڪندو صحيح ڪندو، محمد اقبال قريشي لکيو ته ساڳيا لاٽون ساڳيا چگھه، رفيق ڪلر لکيو ته جيڪڏھن ايندڙ سال جي آخري شام انھي اطمينان سان گذري ته مونکان خلق کي ڪابه دانسته تڪليف نه پھتي آھي ته اھا منھنجي وڏي ڪاميابي ھوندي، مومل پنهور مونا لکيو ته عورتن جي نالي واريون نيون آيڊيز سرچ ڪرڻ، سليم ملڪاڻي لکيو ته ملڪ کان ٻاھر سيٽل ٿبو انشاءَالله، لالا اظهر پٺاڻ لکيو ته ڌرتي جي لاءِ جدوجھد ڪبي، علي رضا لغاري لکيو ته هڪ نئون ڪتاب، عزيز لغاري لکيو ته لوڪنگ پازيٽو، فاضل سنڌي لکيو ته ساڳي ماني ساڳ سان.