گڏيل مفادن واري ڪائونسل پاران تڪراري ڪئنال رٿائون رد ڪرڻ باوجود پنجاب ايندڙ مالي سال لاءِ پيش ڪيل بجيٽ ۾ تڪراري ڪئنال رٿائن لاءِ رقم رکي ڇڏي آهي، جن ۾ چولستان ڪئنال، چوباره، جلال پور ۽ 2 لنڪ ڪئنال شامل آهن، تڪراري ڪئنالن لاءِ بجيٽ رکڻ تي سنڌ جي عوام پاران شديد ردعمل ڏنو ويو، ان سلسلي ۾ ممتاز بخاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته (بلاگ: پنجاب چولستان سميت تڪراري ڪينالن کي جيئرو رکڻ لاءِ هلندڙ اسڪيمن ۾ شامل ڪري ڇڏيو) پنجاب جي صوبائي حڪومت پاران ايندڙ سال 2025.26 لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيل بجيٽ ۾ ٽن سالن جي ترقياتي پروگرام واري مد ۾ تڪراري آبپاشي منصوبن لاءِ رقم رکي ڇڏي آھي. اهي اهي رٿائون آھن جن تي سنڌ حڪومت توڙي سنڌ جي عوام پاران اعتراض واريل آھي، جن ۾ جلال پور ڪئنال جي زمين جي خريداري لاءِ 3 ارب 66 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا آھن ۽ انهي رقم مان 10 لک رليز ڪرڻ جو ڄاڻايو ويو آهي، جڏهن ته مُک گريٽر ٿل ڪئنال جي پهرين مرحلي جي پي سي ون لاءِ به رقم ڄاڻائي وئي آھي ته زمين جي خريداري وارن رهيل معاملن لاءِ پڻ مقرر ڪيل 8 ارب 17 ڪروڙ رپين واري رقم مان ايندڙ سال جي بجيٽ ۾ 10 لک رپيا رکيا به ويا آهن ٻئي پاسي گريٽر ٿل ڪئنال جي ٻئي مرحلي لاءِ ان مان نڪرندڙ تڪراري چوباره ڪئنال لاءِ مختص ڪيل رقم هڪ ارب رپين مان ايندڙ سال واري بجيٽ ۾ پنج لک رپيا رکيا آھن، جڏهن ته پنجاب جي ريگستان وارن علائقن ۾ پوکي جي مقصد لاءِ تڪراري چولستان ڪئنال لاءِ رکيل هڪ ارب رپين مان به نئين بجيٽ ۾ 5 لک رپيا رکيا اٿن. سوال اهو آھي ته پوءِ سي سي آءِ جي ڪهڙي اهميت آھي جو هڪ صوبو هوڏ تي قائم آ. پنجاب پاران ڪجهه ٻيا به اهڙا منصوبا آھن جيڪي سنڌ جي مفادن وٽان ناهن، محسن ٻٻر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل پاران تڪراري ڪئنال رٿائون رد ڪرڻ باوجود پنجاب ايندڙ مالي سال لاءِ پيش ڪيل بجيٽ ۾ تڪراري ڪئنال رٿائن لاءِ رقم مختص ڪري ڇڏي آھي. جلال پور ڪئنال لاءِ 3 ارب 60 ڪروڙ مان ھڪ ارب، گريٽر ٿل ڪئنال فيز ون لاءِ 8 ارب رپين مان ھڪ ارب، چوباره ڪينال لاءِ مختص ھڪ ارب مان 5 لک ۽ چولستان ڪئنال لاءِ مختص ھڪ ارب رپين مان 5 لک رپيا خرچ ڪرڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آھي. بظاھر ته نه خرچ جيتريون رقمون رکيون ويون آھن پر اھي رٿائون سندن ترقياتي پلان ۾ رکڻ سان اھو ضرور ثابت ٿئي ٿو ته پنجاب اھي رٿائون ختم ڪرڻ لاءِ بالڪل به تيار ناھي. جنهن تي انجنيئر واجد لکيو ته پنجاب صوبي جي بجيٽ ۾ چولستان ڪئنال منصوبي لاءِ پئسا مختص ٿيل آهن. ڪامريڊ واحد کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پنجاب بجيٽ 25/26، پنجاب تڪراري چولستان، ڪئنال چوباره ڪئنال جلال پور ڪئنال۽ 2 لنڪ ڪئنالن لاءِ بجيٽ ۾ پئسا رکي ڇڏيا، نعمت کهڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پنجاب حُڪومت انتھائي خطرناڪ چولستان، چوباره ۽ ٻين ڪئنالن لاءِ بجيٽ ۾ ڏوڪڙ رکي ڇَڏيا، مطلب ته! پنجاب مُلڪ جي اَھم ترين آئيني اداري سي سي آءِ کان به ڏاڍو آھي، ته پوءِ ملڪ جو نالو تبديل ڪري ھاڻي پنجابستان رکيو وڃي، ته جيئن سنڌ ۽ ٻين ننڍن صُوبن کي به پَنھنجي مُستقبل جا فيصلا ڪرڻ ۾ آساني ٿئي، پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي ايم موسيٰ جمالي لکيو ته بلڪل، چانگ امجد علي لکيو ته پنجاب حڪومت ظاهري آهي باقي ڪم ٻين جو آهي، محبوب ڀٽي لکيو ته پنجاب جي دماغ ۾ ھوا ڀريل آھي، عبدالخالق لکيو ته مرضي مالڪن جي جھڙو نالو رکن، غلام محمد جمالي لکيو ته پ پ وارا ته جهمريون پيا هڻن ته ڪئنال رد ڪرايا آهن، ارشاد علي ڦل افسوس جو اظهار ڪيو، سعيد سومرو به پوسٽ تي ردعمل ڏنو، الطاف آتش لکيو ته افسوس آ، انهي کان بدتر غلامي ڪيئن ٿيندي سنڌين لاءِ؟ علي اظهار به ردعمل ڏنو، محمد بخش ڪلهوڙو لکيو ته هاڻي ڪو رستو ناهي بچيو، شهبان ميراڻي به پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو، تنوير احمد کوسو، شوڪت علي زرداري افسوس جو اظهار ڪيو، قاري خدا بخش لکيو ته پنجاب حڪومت ظاهري آهي اصل ڪم ٻين جو آهي.