اشو آف دي ڊي … پاڪ-ڀارت جنگي صورتحال: پاڪ فوج ڀارت جا ڊرون تباهه ڪري ڇڏيا، سوشل ميڊيا تي عوام ڇا چيو ؟

0
36
اشو آف دي ڊي ... پاڪ-ڀارت جنگي صورتحال: پاڪ فوج ڀارت جا ڊرون تباهه ڪري ڇڏيا، سوشل ميڊيا تي عوام ڇا چيو ؟

  پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگي صورتحال جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي پوسٽون شيئر ڪيون ويون، ڀارت پاران پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ ڊرون حملا ڪيا ويا جنهن بعد ڊرونز جي حوالي سان تبصرا ڪيا ويا، سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته پاڪ فوج ڀارت جا 25 ڊرون تباهه ڪري ڇڏيا، ڪراچي، لاهور، راولپنڊي، گجرانوالا، اٽڪ، چڪوال، بهاولپور، گهوٽڪي ۽ عمرڪوٽ ۾ ڀارتي ڊرون ڪيرايا ويا، لاهور ۾ ڊرون حملي دوران پاڪ فوج جا 4 جوان زخمي ٿي پيا، گهوٽڪي ۾ هڪ شهري شهيد ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. ان سلسلي ۾ وقار شر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڏهرڪي ۾ ڪيرايل ڊرون اسرائيلي ساخته نڪتو، هي ڊرون هيرون ايم ڪي 2 آهي، جيڪو 35000 ميٽرن تائين بلندي تي اڏري ٿو. ان کي اينٽي ايئرڪرافٽ گن سان نشانو نه ٿو بڻائي سگهجي. ان جو انجن هڪ برطانوي ڪمپني UAV انجن لميٽيڊ پاران ٺاهيو ويو آهي، جنهن جو ليبل صاف آهي. هي دنيا ۾ پهريون ڀيرو آهي جو ڪنهن ڊرون کي ڪيرايو ويو آهي. اختر علي به اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي، نور محمد مارفاڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته انڊيا جا ڊرون حملا ……ڪراچي ۾ به ڊرون ڪريا آهن ھڪ گلشن حديد لنڪ روڊ تي ٻيو ملير ڀرسان شرافي ڳوٺ ۾ به ڪريو آهي ڪو به جاني مالي نقصان ناهي ٿي سگھيو ، ٻئي پاسي ڏھرڪي ۾ به ڊرون حملو ٿيو آهي جنهن ۾ ھڪ نوجوان شھيد ٿي ويو ۽ ٻ زخمي ٿيا آهنه ھاڻي سوال اھو آهي اھي ڊرون بارڊر ڪراس ڪيئن ٿا ڪن؟ سنڌ ۾ جيڪي ماڻهو ڪالھه اھو پيا چون ته ھي جنگ صرف پنجاب ۽ ڀارت جي وچ ۾ آهي انهن کي به سمجهڻ گھرجي ته ڏھرڪي ۽ ڪراچي سنڌ ۾ آهن پوءِ سنڌ مٿان ڀارت جو حملو ھڪ وڏو سواليا نشان آهي سمجهڻ گھرجي ته ھي جنگ صرف ھڪ صوبي سان نه پر سمورن صوبن سان ٿيندي، ڪي اپاءَ وٺڻ وٺڻ گھرجن. مير ٽالپر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اها جنگي حڪمت عملي هجي ٿي ته دشمن جي سرحدن اندر ميٽل اوبجيڪيٽ داخل ڪري اهو چيڪ ڪيو وڃي ته سندن آٽوميٽڪ ايئر ڊفينس ڪيترو ڪارائتو آهي، هن وقت تائين ڀارت پاڪستاني رياست جي مختلف شهرن ۾ اهڙا تجربه ڪري رهيو آهي، مختلف ساخت جا ڊرون پوري پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪرڻ جا اطلاع آهن، پاڪستان وٽ هن وقت ٽي ايئر ڊفينس سسٽم آهن، جيڪي چائنا ميڊ آهن. انهن آٽوميٽڪ ايئر ڊفينس جو ميڪينزم اهو هجي ٿو ته گرمي، حرارت لوهه جي آبجيڪٽ کي ڊڊيڪٽ ڪن ٿا، پر ڊرون ۾ اهي ٽئي شيون گهٽ پئماني تي لڳل هجن ٿيون، ان ڪري ايئر ڊفينس سسٽم پاران ڊرون ڳولڻ، ان کي نشانو بنائڻ مشڪل ٿيو پوي، ڊرون تائين پهچندڙ سگنلز کي جام ڪري سگهن. جيئن ڊرون سرحدن ويجهو ئي هوا ۾ تباهه ٿي سگهن. ياد رهي دنيا جو تيز ترين سپر سونڪ ميزائل براموس  جيڪو روس جي سهڪار سان ڀارت ٺاهيو آ، اهو 1500 ڪلوميٽر تائين پاڪستاني سرحدن اندر مار ڪري سگهي ٿو، جنهن جي اسپيڊ ساڍا ٽي هزار ڪلوميٽر في ڪلاڪ آ، ان ميزائل کي روڪڻ يا هوا ۾ تباهه ڪرڻ ڪو اڃا تائين ڪوبه ٽڪر جو ميزائل ايجاد نه ٿي سگهيو آهي.

اسلم پرويز عمراڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته تصويرون ڳالھائين ٿيون. ھن وقت تائين اسرائيل جا ٺاھيل 25 ڊرونن پاڪستان ۾ مختلف جڳھين تي حملا ڪيا آھن. ھندستان جو چوڻ آهي ته پاڪستان به ڊرون جا حملا ڪيا آهن، انھي جي موٽ ۾ اسان ڪارروائي ڪئي آهي. جنگ نئين شڪل وٺي پئي. ممڪن آهي ته عالمي مداخلت سبب جلد بند ٿئي، پر ممڪن آهي ته وڌي وڃي.

آصف نواز پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ھي ڊرون ڪيرايا نه پيا وڃن بلڪه ڊرون حملا ٿي رھيا آھن ۽ پورو پاڪستان اڄ مسلسل ڊرون حملن سان لرزي رھيو آھي  ۽ پاڪستاني حڪمران امن زندا آباد جا نعرا ھڻي رھيا آھن ھاڻ ته پاڪستاني نيوز چينلن به اھڙن حملن جون خبرون نشر ڪرڻ  بند ڪري ڇڏيون آھن، قيام پاڪستان کان ئي انڊيا خلاف جنگ جي تياري ڪئي سين پاڪستان جو 80 سيڪڙو بجيٽ ۽ 70 سيڪڙو ڪاروبار پاڪستان جي سڪيورٽي جي سازو سامان تي خرچ ڪيو ويندو ھو جيڪو وقت اچڻ تي نظر ئي نه پيو اچي.

علي شير ڪيريو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڏهرڪي ۾ ڪيرايل ڊرون اسرائيلي ساخته نڪتو، هي ڊرون هيرون ايم ڪي 2 آهي، جيڪو 35000 ميٽرن تائين بلندي تي اڏري ٿو. ان کي اينٽي ايئرڪرافٽ گن سان نشانو نه ٿو بڻائي سگهجي. ان جو انجن هڪ برطانوي ڪمپني UAV انجن لميٽيڊ پاران ٺاهيو ويو آهي، جنهن جو ليبل صاف آهي. هي دنيا ۾ پهريون ڀيرو آهي جو ڪنهن ڊرون کي ڪيرايو ويو آهي. محمد خالد ميمڻ به اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي، ،، ع لي ،، پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته انڊيا جا پاڪستان تي ڪيل خودڪش ڊرون حملا ؟ : انڊيا طرفان پاڪستان تي سرجيڪل اسٽرائيڪ جو ھڪڙو ٻيو وار جيڪو خودڪش ڊرون حملن سان ڪيو ويو آھي، آءِ ايس پي آر موجب ھن وقت تائين 12 ڊرون ڪيرايا ويا آھن جيڪي سنڌ سميت پاڪستان جي مخلتف ھنڌن تي ڪريا آھن، جيڪي ڊرون پاڪستان جي حدن ۾ ڪريا آھن اھي اسائيل طرفان تيار ڪيا ويا آھن انھن ڊرون جو نالو ھاروپ آھي.

ھاروپ جي وار ھيڊ 23 ڪلو گرام آھي

اڏام جو وقت 9 ڪلاڪن تائين

رفتار 400 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ

اڏام جي حد 1000 ڪلوميٽر

رابطي جي حد 200 ڪلو ميٽر

مٿانھين حد 4600 ميٽر

وزن 135 ڪلو گرام

ھن ڊرون کي ڪنھن به زميني جڳھه يا سامونڊي ٻيڙي تان اڏائي سگھجي ٿو ھي پنھنجو نشانو ڳولي ان کي لاڪ ڪري تمام تيزي سان ان ھنڌ ڪري تمام وڏو ڌماڪو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو ، اڄ جيڪي ڊرون حملا ٿيا يا ڪريا آھن اھي سڀ خودڪش ڊرون حملا ھئا ؟ مراڪش ترڪي سنگاپور اھڙا ڊرون استعمال موجود آھن.

محمد اسلم پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڊرون پاڪستان شھرن تائين ڪيئين پھتا اھو مڪمل سائنسي بحث آھي، ڊرون کي ڊٽيڪٽ ڪرڻ نسبتن تمام گھڻو مشڪل ھوندو آھي ان ڪري جو نه ھڪ ته ھو تمام گھڻي بلندي تي ھوندو آھي ٻيو جنگي جھاز وانگر وڏو آواز ناھي ڪندو نه ئي ان جي انجڻ ايتري گرم ٿيندي ھجي جو ڊفينس سسٽم ان کي ايترو آسانيءَ سان پڪڙي سگھي. ڊفينس سسٽم ڪنھن به ميزائل يان ڊرونز کي خاص حد تائين تباھه ڪري سگھي ٿو پر جنگي جھازن کي نسبت آساني سان تباھه ڪري سگھي ٿو. يوڪرائين ۽ روس جي جنگ ۾ پڻ ڊرونز جو استعمال وڌيڪ ٿي رھيو آھي ته اھو ھڪ مڪمل سائنسي بحث آھي.

محسن جويو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته انڊيا وارا به سوچيندا ته ڪھڙي مخلوق سان واسطو پيو اٿن جيڏانھن ٿا ڊرون موڪلين ماڻھو پويان پويان جتي ڪري ٿو ان جا ٽين ٽپڙ ڪٻاڙي کي کپايو اچن .پوليس ٿي پھچي ته جاءِ واردات تي ڪوئلا پيا آھن . سوشل ميڊيا تي هڪ سگريٽ ڇڪيندڙ شخص جي تصوير به وائرل ٿي آهي جنهن تي دلچسپ تبصرا ڪندي لکيو ته ماهر سائنسدان انڊيا جي ڪريل ڊرون جو معائنو ڪري رهيو آهي، ايڊووڪيٽ ممتاز کوسو تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته ماڻهو ڊرون کي انجواءِ پيا ڪن. زنگيجو ستار پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪنهن وٽ ذاتي ڊرون آهي جي اُڏري ڪري پيو ته پوءِ خير نه اٿو، فيڪ نيوز جي شينلگ لڳي پئي آهي، ماجد تنيو ڊرون جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته سنگت مڙئي اسان جي ڊرون جي پارت ھُجيو، متان ڊاھي رکوس پاڙيسرين وارو سمجهي.