پاڪ-ڀارت جنگي صورتحال جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي به پوسٽون شيئر ڪيون ويون، مختلف تبصرا ڪيا ويا، امن جي گهر ڪئي وئي، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي انڊيا جي رافيل جهاز تي طنزيه ۽ دلچسپ تبصرا ڪيا ويا، چيو ويو ته رافيل جو ڪٻاڙ ٿي ويو، انڊيا جو غرور مٽي ۾ ملي ويو. ان سلسلي ۾ شڪيل ڇڄڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جنگ اوهان کان صحت ۽ تعليم جي بجيٽ کسي ويندي. بنيادي ترقي لاءِ رکيل سڀ ڏوڪڙ بارود جي ور چڙهي ويندا. جنگ دوران اوهان مٿان نوان ٽيڪس لاڳو ڪندا. نثار ٻرڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته امن زنده آباد، جنگ مرده آباد، واجد علي ڀارتي حملي ۾ شهيد ۽ زخمي ٿيل عام شهرين جون تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته هي اهي دهشتگرد آهن جن تي انڊيا ميزائل حملا ڪيا، بشير آريسر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جنگ ڇا ٿيندي آھي ان جي قيمت عام ماڻھن کي ڪيڏي ادا ڪرڻي پوندي آھي، انساني جانين وڃائڻ جي صورت ۾ ۽ پنھنجي پيارن جا لاش ڍوئڻ جي صورت ۾ ۽ بنيادي سھولتن ۽ انفراسٽرڪچر جي تباھي جي صورت ۾، اھو حال غزه ، يمن ، لبيا، شام، عراق، افغانستان، يوڪرين وارن کان پڇو. حڪيم زنگيجو لکيو ته اسٽاپ دي وار، ماجد تنيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جنگ ڪڏهن به اِنسانيت لاءِ فائديمند ناهي رهي. اها صرف تباهيءَ، بي گهر ٿيڻ ۽ اِنساني تڪليفُون وٺي ايندي آهي. ننڍو کنڊ اڳ ئي بيروزگاري، مهانگائيءَ جھڙن بحرانن سان وڙهي رهيو آھي. اهڙي حالتن ۾ جنگ انهن لاءِ نئون زخم هوندي. ملڪ جي ترقي امن، استحڪام ۽ هڪٻئي جي ڳالهه سمجهڻ سان ئي ممڪن آهي. عقل ۽ شعور جو تقاضو آهي ته جنگ جي بدران پرامن ڳالهين کي موقعو ڏنو وڃي ته جيئن مُستقبل جي نسلن لاءِ محفوظ ۽ خُوشحال دُنيا جوڙجي سگهي.زنگيجو ستار پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جنگ ڪٿي به ٺيڪ ناهي ٻنهي جي ڪشمير ۾ يا ٻيو ڪٿي #SayNoToWar ، #LongLivePeace ،جنگ کان نفرت ۽ امن سان پيار امن زنده آباد، منظور چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڀارتي سينا جي ترجمان ڪرنل صفيا قريشي صرف ھڪ بريفنگ کانپوءِ سڄي دنيا ۾ مشھور ٿي وئي آهي. ڀارت ھڪ مسلمان عورت کي اڳتي آڻي شايد اھو نياپو ڏنو آهي ته ھي مذهبن جي جنگ نه آهي.
فرحان تنيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڏکڻ ايشيا جي ٻن ايٽمي ملڪن ۾ نيٺ جنگ ڇڙي وئي، دنيا جو ساهه مٺ ۾….!! مختيار عباسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جنگ تي مسخري ۽ کلڻ وارن کي پيغام آھي ته جيڪڏھن جنگ اڃا وڌيڪ تيز ٿي ته پاڪستان جي سڀني صوبن کان وڌيڪَ سنڌ لوڙيندي.
رضا ٻرڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جنگ ٻنهي ملڪن سميت پوري عالم لاءِ فائيديمند ناهي پر نقصان آهي، هندستان ۽ پاڪستان ۾ جڏهن ڇڪتاڻ ٿئي ٿي ته ٻئي ڌريون جديد هٿيار خريد ڪن ٿيون جن ۾ اربين رپيا آمريڪا، يورپي يونين ۽ چائنا ڪمائن ٿا نتيجو اربين ڊالر ٻئي ملڪ پنهنجا وڃائن ٿا. جنگ ڪنهن به صورت ۾ ٻنهي ملڪن جي فائدي ۾ ناهي پر هندستان پاڻ کي طاقتور سمجهي ٿو پر جڏهن جنگ ۾ تيزي آئي ته هندستان پنهنجي اڀرندڙ ترقي ته رهيو پنهنجي جڳھه ته پر ويتر پوئتي پئجي ويندو. مودي سرڪار جنگي ماحول جوڙي پنهنجي اليڪشن لاءِ راھه هموار ڪرڻ ٿي چاهي جيئن هندستان ۾ هندو انتهاپسندن ان کي وڌيڪ پزيرائي ملي.
لالا وسيم پٺاڻ وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته پاڪستان انڊيا تي جوابي حملو ڪيو آهي، دلشاد ڀٽو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته انڊيا جو پاڪستان تي ميزائل حملو.جواب ۾ پاڪستان انڊيا جا 5 جھاز ڪيرائي ۽ ھڪ برگيڊ تباھ ڪري ڇڏي.انڊيا اڇو جھنڊو لھرائي شڪست تسليم ڪري ڇڏي.(ڊي جي آءِ ايس پي آر) رفيق راهو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڀارت طرفان پاڪستان تي حملو رات جي اونداھي ۾ ڪيو ويو پاڪستان جواب ۾ انڊيا جا پنج جنگي جھاز ھڪ ڊورن جھاز ۽ بارڊر ڀرسان انڊيا جون ڪئي چوڪيون تباھ ڪري ڇڏيون، سليم الله جلباڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته انڊيا جو پاڪستان مٿان حملو، جوابي ڪارروائي ۾ انڊيا جا 2 جنگي جهاز تباھه ٿي ويا، شوڪت وڳڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پاڪستان ڀارت جا 5 جهاز ڪيرائي تباهه ڪيا، 3 رافيل جهاز،، هڪ مگ 29 ۽ هڪ سخوئي ايس يو 30 جهاز تباهه، پاڪستان جوابي ڪارروائي ڪري سمورا جهاز ڀارت جي حدن ۾ ڪيرائي تباهه ڪيا. ظهير احمد ڀارت جي رافيل جهازن تي طنزيه وڊيو شيئر ڪئي، ته رافيل جهاز ٿوري دير هليا پوءِ ٺس ٿي ويا، خان بهادر لکيو ته رافيل جو ڪٻاڙ ٿي ويو، رازق شاهه به پوسٽ شيئر ڪئي، نويد اختر سومرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته رافيل جو جنازو کنيو پيو وڃي، تنوير عباسي به رافيل جو مذاق اڏايو، محمد اويس پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته انڊيا جو غرور رافيل طيارو جنهن جي نالي چوندا هيا ته دنيا جو ڪوبه ميزائيل هن کي اثر ڪونه ڪندو..😜پر جڏهن پاڪ فوج جي ور چڙهي ويو پوءِ ڪٿان بچي سگهندو.. وارث حيدري به رافيل بابت مزاحيه پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اچي ويو اچي ويو رافيل جھاز ، اچو ادا…اچو ..رافيل جھاز60رپيا ڪلو ،. ھل ادا.. اڄ ڪاٻاڙي 60 رپياڪلو فرانسيسي لوھه ٿي ……..اچ ڀاءَ اچ، سرور ميمڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پاڪ فوج ڀارت جا 3 رافيل جھاز، هڪ مگ 29 ۽ هڪ ايس يو 30 جھاز ڪل پنج جهاز تباهه ڪري ڇڏيا. اختر آزاد ڏاهري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هندستان کي وڏو هٺ ھو پنهنجي هن رافيل تي، جيڪو رات حملي ۾ پاڪستان پرزا پرزا ڪري ڇڏيو. محمد حنيف پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته رافيل راک ۾ تبديل ٿيندي نظر اچي رھيو آھي جنھنجي اڏام تي ھندوستان کي وڏو گھمنڊ ھوندو ھو اڄ انکي پاڪستاني فوج الله پاڪ جي مدد سان زمين بوس ڪري ڪانن جي ڪيري بڻائي ڇڏيو آهي. کهڙو منتظر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته نڀاڳن کي جهاز به هلائڻ نٿو اچي، انڊيا وارن فرانس جي رافيل جنگي جھاز جي مارڪيٽ ئي ختم ڪري ڇڏي،300 بلين ڊالرن وارو 150۾ڪير ڪونه ٿو وٺي. وقار احمد لنڊ به رافيل بابت پوسٽ شيئر ڪئي. حبيب جمالي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پاڪستان پاران طارت جا 3 رافيل جهاز ڪيرائڻ جو معاملو، ويڙهاڪ جهاز رافيل جا عالمي مارڪيٽ ۾ شيئرز ڪِري پيا. منصور خان پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته. انڊيا جو غرور رافيل طيارو جنهن جي نالي چوندا هيا ته دنيا جو ڪوبه ميزائيل هن کي اثر ڪونه ڪندو. پر جڏهن پاڪ فوج جي ور تي چڙهيو ته ھڪ سٽ نه سھي سگھيو. عثمان خان پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هڪ ٻيو رافيل جهاز به تباهه ڪيو ويو، مجموعي طور ٽئي جهاز ڪيرايا ويا آهن، انڊيا کان وڌيڪ فرانس ۾ ماتم آهي.