ماڙي جلباڻي واقعي جي مقتولن جي وارثن مٿان ايف آءِ آر داخل ڪرڻ خلاف سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ڏنو ويو، ان حوالي سان اشفاق آذر لکيو ته ماڙي جلباڻي وارن ڇاپي دوران ڪلاشنڪوفن سان فائرنگ ڪري پنهنجا ئي ڳوٺاڻا ماري ڇڏيا: سرڪار جي مدعيت ۾ ڳوٺاڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن تي خالد حسين هاشماڻي لکيو ته شرم اچڻ کپي، بشير پنهور لکيو ته اھڙن ظلم جي ضابطن کي ڪير مڃيندو، رياض سولنگي لکيو ته هي اهو ملڪ آهي جتي مظلومن کي انصاف ملڻ مشڪل آهي هتي هر ظلم غريبن سان ئي ٿيندو آهي، جامي چانڊيو لکيو ته هن کان وڌيڪ بيشرمي ۽ ڪرمنل سوچ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، اشفاق لغاري لکيو ته سرڪار جي فرياد تي ماڙي جلباڻي جي شهيدن جي وارثن خلاف ڪٽيل ايف آءِ آر سرڪار خلاف ايف آءِ آر آهي، وسيم ميمڻ لکيو ته جتي شراب ماکي ٿي وڃي ان ملڪ ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، امر کهاوڙ لکيو ته کليل دھشتگردي آهي، سوجهرو سنڌي لکيو ته انهيءَ رياست کان اسين انصاف گهرون ٿا، سرفراز لغاري لکيو ته ايف آءِ آر ۾ نالا نه ڏيڻ کان بغير لاش کڻڻ جو پھريون نتيجو سامھون اچي ويو، اي ڪي احمداڻي لکيو ته اهڙي سوچ تي افسوس آهي، ڪامريڊ گلشير کوسو لکيو ته انهيءَ رياست کان اسين انصاف گهرون ٿا، صالح ميمڻ لکيو ته ساڳئي واقعي جي ھڪ ايف آءِ آر کان پوءِ ٻي ايف آءِ آر داخل نه ٿيندي آھي. اي بي رحمان ٽالپر لکيو ته هتي قانون آهي ڪٿي، فدا ڀٽي لکيو ته اڃا ڪيو اعتماد، ذاڪر لغاري لکيو ته ھڪ ڪوڙ لڪائڻ لاءِ سئو ٻيا ڪوڙ ھڻڻ .سڀ کان اول ته ٽي يا چار بجي ڌاري ڏينھن جو سنڌ جي ڪھڙي به ٻھراڙي واري ڳوٺ ھليا وڃو اوھان کي ٽي کان چار سئو تائين ماڻھون ھڪ ئي وقت ڪڏھن به نه ملندا اھا ڳالھه مان وڏي دعوا سان ڪريان ٿو اھو به ست سال اين جي او جي تجربي آڌار تي، ٻي ڳالهه ته ھن مڱڻھار جي ايف آءِ آر ۾ قاتل سمورا پاڻ ظاهر ٿي قدرت واري سنڌي قوم آڏو وائکا ڪري ڏنا آھن جيڪي پھرين نامعلوم ھئا ، ايم شريف کوسا لکيو ته ھن ايف آءِ آر ۾ جيڪي فريادي شاھد يا شامل پوليس ريٽ ۾ سڀ جا سڀ جوابدار آھن جيڪڏھن ليگل ٽيم ٺاھي عدالت ۾ درخواست ڏي ته ڇو ته شھيدن جي فرياد اڳ داخل ٿيل آھي سپريم ڪورٽ جو آرڊر پاس ٿيل آھي ته ھڪ ڪھاڻي جي ھڪ فرياد ٿي ٻي فرياد قابل قبول نه آھي معنيٰ ٻڌڻ جوڳي نٿي ٿي سگھي، معصوم بخاري لکيو ته هي ڏوهاري آهن ، جن ڏينهن ڏٺي جو غريب مسڪين هارين جي گهرن ۾ گهڙي سڌيون گوليون هڻي بي پهچ لاچارن کي شهيد ڪيو. پهريان گهرو وزير جو چوڻ ھو ته اهي دهشتگرد هئا. انهن ۾ خودڪش بمبار هئا. جيڪو ڪوڙ لڪي نه سگهيو. سڀني ڏٺو ته هي پرامن غريب مسڪين هاري هئا جن کي بيگناھ شهيد ڪيو ويو. هاڻي وري هڪ نئون ڪوڙ هڻي ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي ته انهن ڪلاشنڪوف جا فائر ڪري پنهنجا ماڻھو پاڻ ماريا آهن. ٻڌايو ته ڪنهن پنهنجي گهر جي ڀاتين تي پاڻ فائرنگ ڪئي آهي. ؟ هنن وٽان ته هڪڙو هٿيار به برآمد ناهي ٿيو. جيڪي قاتل آهن هاڻي انهن کي سڌو رستو نٿو لڀي. انعام سيال لکيو ته رياست ماءُ هوندي آهي ماءُ ته ماٽيلي به ٿي سگهي ٿي، اياز علي ملاح لکيو ته زين شاهه نامعلومن مٿان ايف آءِ آر ڪٽرائي آيو رياست وري ڳوٺاڻن مٿان نالن سميت سڌي ايف آءِ آر ڪٽي نياپو ڏنو تون اسان شھنشاهه آھيون، امان نظاماڻي لکيو ته واھه جو قانون آهي، علي مراد پيرزادو لکيو ته جيڪڏهن ڳوٺاڻن پنهنجا ماڻهو ماريا آهن ته پوءِ ميڊيا تي هليل انهن خبرن جو ڇا ٿيندو جنهن ۾ چيو ويو ته ماڙي جلباڻي تي پوليس ۽ رينجرز چڙهائي ڪري دهشتگرد ماريا؟ آس ٻٻر لکيو ته سڀ هربا هلائين سچ لڪي ڪونه سگهندو چاليھه سال پراڻي تاريخ دُهرائبي، ماڙي جلباڻي هڪ مُٺ رهي، امر شر لکيو ته ھتي ايئن ئي ٿيڻو آھي سنڌ ي عوام کي شھيد ڪرڻ سولو آھي ليڪن انصاف ملڻ مشڪل آھي، شبير شر لکيو ته مون اڳ ۾ ئي اھا ڳالھه ڪئي ھئي نتيجن بنا ڌرڻو ختم ڪرڻ وارو عمل ڳوٺاڻن کي ڳچي ۾ پوندو، شهمير گاڏهي لکيو ته سنڌين کي پنهنجي حقن لاءِ اٿڻ گهرجي، ناهيد اختر لکيوته انڌير نگري، غلام فاروق سومرو لکيو ته صد افسوس، هنن جي سادگي جو ناجائز فائدو ٿو ورتو وڃي، سليمان سولنگي لکيو ته ھي ته ڪائونٽر ڪيس لڳي ٿو اھو ته پاڻ سرڪار جي ڳچي ۾ پوندو، ڪورٽ ۾ رڳو پڄن، راشد ٽالپر لکيو ته انصاف ڪونه ٿيندو آھي ڪونه سنڌين لاءِ، حسن پٺاڻ لکيو ته سرڪاري ايف آءِ آر موجب ڳوٺاڻن ڪلاشنڪوف سان پنهنجا ماري ڇڏين ۽ سرڪاري اهلڪار رڳو زخمي ڪين. وزير داخلا جي بيان موجب اهلڪار لٺين ۽ ڪهاڙين سان زخمي ڪين. تاج مهر لکيو ته ڇا پوسٽ مارٽم رپورٽ پڌري ٿي آھي ان ۾ گوليون ڪھڙي ھٿيار جون ۽ ڪيتري فاصلي کان لڳل آھن ؟ منظور حسين لکيو ته جديد دنيا جو انڌو ڪيس ، ذوالفقار علي نوناري لکيو ته ڄاڻي واڻي سنڌ جي ماڻھن کي ديوار سان نه لڳايو رياست قبلو درست ڪري افسوس، آثم ارباب لکيو ته ٻُڏي مرڻ جو مقام آھي پر پاڻي ڍُڪ ڪونھي، گلشن لغاري، سيف الله سيال، راجا بشير، رسول بخش ٿيٻو، اظهار سومرو، طيب انقلابي، جنيد پتافي، پريم ڪماري، ابراهيم ناگور، بلاول، سمير احمد ملاح، ڀائو درمحمد ٻرڙو، منصور من، احسان لغاري، شاعر عاجز سرگاڻي، محمد سليمان مهر، محب علي ڪڪري، فياض احمد نوناري، مبارڪ ڀٽي، ماڻڪ عزيز انصاري، جميل خواجه، ڪمال جنبلات، علي عابد سومرو، نسيم بخاري، مظفر ڳورڙ، اي آر آزاد، طارق علي جوکيو، ڪاشف سيال، اعجاز کوسو، شفقت علي شاهاڻي، ممتاز علي ٿرواسي، راشد اختر، علي خان مهيري، سولنگي زبير، انجنيئر ارشاد علي، آغا سعيد، لياقت عباسي، علي دوست، قاسم ٻگهيو ۽ ٻين به ردعمل ڏنو ۽ ڪيس داخل ڪرڻ جي مذمت ڪئي. ايڊووڪيٽ محمد خان شيخ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ماڙي جلباڻي واقعي جي سرڪار پاران ڪٽرايل ۽ لڪايل پهرين ايف آءِ آر قانون جي شاگرد هئڻ ناتي سمجهان ٿو ته اها ئي ايف آءِ آر انهن جي پنهنجي ڳچيءَ ۾ پوندي ، رڳو قوم همت ڪري. محسن رند لکيو ته ايف آءِ آر ۾ سمورو ڪوڙ آهي، شڪيل ڇڄڙو، سيد منير حيدر شاهه، مسرور تنيو، پريل دايو، بشارت وسطڙو، غلام سرور وساڻ، اياز علي سهتو، عامر عمراڻي ايڊووڪيٽ، شبير لاکو، صدرالدين ۽ ٻين به ردعمل ڏنو.