اشو آف دي ڊي … هڪ نه پر ٻه نوٽيفڪيشن گهرجن، ڪئنال رد ڪرڻ سوڌو ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏنل زمينون به واپس ڪريو: سوشل ميڊيا تي عوام جو مطالبو

0
24
اشو آف دي ڊي ... هڪ نه پر ٻه نوٽيفڪيشن گهرجن، ڪئنال رد ڪرڻ سوڌو ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏنل زمينون به واپس ڪريو: سوشل ميڊيا تي عوام جو مطالبو

 سوشل ميڊيا تي ڪئنالن سميت ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف به ڀرپور مهم جاري آهي، سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته ڪئنال رد ڪرڻ جو نوٽفڪيشن گهرجي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏنل زمينون واپس ڪرڻ جو به نوٽيفڪيشن کپي، ٻي صورت ۾ جدوجهد جاري رکي ويندي. مختلف پوسٽن تي ڪمينٽ ڪندي سڪندر ڪلهوڙو لکيو ته #NoMoreCanalsOnIndus … شاهد علي ٻرڙو لکيو ته ھنن کان ٻه ٻه لک ايڪڙ زمين واپس وٺو، سردارن وڏيرن ۽ سياستدانن کان سڀني کان وٺي غريبن کي ڏيو، علي رضا شاهاڻي لکيو ته ڪئنال منصوبي سان گڏ ڪارپوريٽ فارمنگ کي به رد ڪريون ٿا، مرتضيٰ چانڊيو به ٻنهي منصوبن کي رد ڪيو، شيخ صدام لکيو ته نور مور ڪئنالز آن انڊس رور، سنڌ رجيڪٽس ڪارپوريٽ فارمنگ. عبدالمجيد به ٻنهي منصوبن کي رد ڪيو، عاشق کوسو لکيو ته سودو نه ڪجو، 2 نوٽيفڪيشن کپن. سنڌ پاران ڪارپوريٽ فارمنگ رد ڪري زمينن جي واپسي جو ۽ وفاق پاران ڪينالن جي خاتمي جو. اظهر سنڌي لکيو ته ٻه سادا مطالبا آهن، 1. ڪئنالن جي منسوخي جو نوٽيفڪيشن، 2. سنڌ ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏنل زمين جي منسوخي جو نوٽيفڪيشن، جيڪڏهن اهي ڪاميٽيون ٺاهين ۽ معاملي ۾ دير ڪن ته سنڌ جا ماڻهو اهڙي ڪنهن به لالي پاپ کي قبول نه ڪندا.  راجا عزير به ڪئنال منصوبي خلاف ردعمل ڏنو، ايڊووڪيٽ نويد خان لکيو ته ڪئنال منصبوبو ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ ھڪ سڪي جا ٻه پاسا آھن، ۽ اھو سڪو کوٽو ثابت ٿي چڪو آھي، انھي سڪي جا ٻئي پاسا گڏ دفن ٿيندا، وسيم سنڌي لکيو ته نو مور ڪئنالز آن انڊس رور، ارسلان ٽالپر لکيو ته سنڌ جي زمين به واپس ڪريو، ڪارپوريٽ فارمنگ نامنظور، فيض ڀيو لکيو ته سنڌ جي زمينن تي قبضو نا منظور، ڪاپوريٽ فارمنگ نامنظور، عمرڪوٽ ضلح جي زمينن تي قبضو نامنظور، سرتاج حيدر لکيو ته اسان جو مطالبو آھي ڪئنالن کي رد ڪرائڻ سان گڏ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏنل سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون به واپس ڪرايون وڃن. نويد خان لکيو ته نوٽيفڪشن صرف 6 ڪئنال رد ڪرڻ جو اچي ته پوءِ به روڊ کان سايئڊ تي ڌرڻو جاري رکيو وڃي، جيستائين ڪارپوريٽ فارمنگ کي به رد نه ٿو ڪيو وڃي، ايستائين تحريڪ ھلندي رھي، مشتاق جوکيو لکيو ته ڪئنالن جي نوٽيفيڪشن سان گڏ سنڌ جي زمين به واپس ڪريو، ڪئنال سمورا نامنظور، ڪارپوريٽ فارمنگ نامنظور، ايم سليم ملاح لکيو ته ڪئنال رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ بعد به ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف تحريڪ جاري رکي وڃي، منير احمد کوکر لکيو ته ڪئنالن جي منظوري ڏيڻ وقت صدر ھڪ منٽ به سمري پاڻ وٽ نه رکي نه ئي اعتراض ھڻي موٽائي ڏني. بنا دير صحي ڪري ڇڏيائين، ھيڏانھن لکين ايڪڙ زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏئي ڇڏيائون. مان ھزار فيصد يقين سان چوان ٿو ته ڪئنالن جا ٺيڪا ۽ سنڌ جون زمينون بنا ڪميشن.رشوت ۽ سفارش جي ڪنھنکي به نه مليون ھونديون. ھاڻ جيڪڏھن سمورا پراجيڪٽ واپس ٿا ٿين ته ڪميشن جا پئسا واپس ڪرڻا پوندا يا پارٽيون عدالت ۾ وينديون. ھينئر جيڪو سنڌ ۾ احتجاج ھلي پيو اھو پ پ نٿي ڪرائي بلڪه اھو احتجاج ئي پ پ خلاف آھي ڇاڪاڻ ته پ پ حڪومت وفاق سان سنڌ دشمن منصوبن ۾ ٻٽ آھي. جيڪڏھن CCI ڪئنال رد ڪري ٿي ته نوٽيفڪيشن ٻٻرلوءِ ڌرڻي وارن کي ملندو. جنھن جو ڪريڊٽ بلاول کي ته نه ملندو ڇاڪاڻ ته احتجاج ڪرڻ وارا ٻيا آھن، وفاقي ۽ پ پ حڪومت لاءِ ھڪ پاسي باھه ۽ ٻئي پاسي پاڻي آھي. ٻنھي پاسي سنڌ جي عوام جي فتح آھي.سنڌي عوام جي مسلسل جدوجھد ڪاميابي سان ھمڪنار ٿيندي. فياض نوتڪاڻي لکيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڪڏهن نوٽيفڪيشن ڪڍندا؟ ڪارپوريٽ فارمنگ نامنظور، ياسين علي جهتيال لکيو ته فقط نوٽيفڪيشن، ، منور قاضي لکيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جون زمينون رد ڪري سنڌ جي حوالي ڪيون وڃن، ڪئنال رد ڪيا وڃن، ٻئي نوٽيفڪيشن جاري ڪيا وڃن، رفيق احمد کوسو لکيو ته ڪئنالن سان گڏ ڪارپوريٽ فارمنگ جو به نوٽيفيڪيشن ڪينسل ھجڻ کپي نه ته ڪو فائدو ڪونهي، رحمان مهر لکيو ته ڪئنال سمورا نامنظور، عبدالغفار جوکيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جو مسئلو ضرور حل ڪرائجو، سراج گڏاڻي لکيو ته زمينون اسان جون آهن اهي به واپس ڪرايون وڃن ، مير مختيار احمد لکيو ته ڪئنال سمورا نامنظور سنڌو تي ڌاڙو نامنظور، نوٽيفڪيشن کپي سنڌ جي هر هڪ غيرتمند پُٽ جي هٿ ۾ نوٽيفڪيشن ڏسڻ ٿا چاهيو، عبدالله ويسر لکيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي رد جو نوٽيفڪيشن به کنيو اچجو، علي ساگر لکيو ته سي سي آءِ جا اٺ ميمبر ڇا به فيصلو ڪن فرق نٿو پئي، اسان ست ڪروڙ سنڌين پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آھي ته ڪئنال سمورا نامنظور، سهيل ميمڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ .. ڪئنالن کان وڌيڪ خطرناڪ منصوبو آهي . ڪئنالن ۾ پاڻي پئي کنيائون . هن ۾ سنڌ جون زمينون کنيون اٿن . پنهجي پوک ڪندا . ڳوٺ ٻڌندا، ڪالونيون ٺاهيندا . فلسطين وانگر سنڌ جي پيٽ ۾ ڌاري آبادڪاري ڪندا  جيئن فلسطين سان ٿيو . ان ڪري وڪيل ۽ سياسي قومي پارٽيون هم خيال آهن ته ڪارپوريت فارمنگ ۾ ڏنل زمينون واپس وٺڻ تائين احتجاج جاري رهڻ گهرجي . ڌرڻي ۾ سخت گرمي ۾ هزارين ماڻهن جي آمد جاري آهي . شام جو 6 وڳي کان پوءِ ته پير پائڻ جي جاءِ ناهي هوندي. ٻٻر لوءِ سنڌ جو، بئلجيئم  جي  واٽر لو  ميدان وانگر ثابت ٿيو آهي جتي .. يورپ جي ظالم نيپولين کي 23 سالن جي مسلسل ظلم بعد شڪست ملي هئي. اياز چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته توھان جون دھشتگردي جون ايف آءِ آر ۽ ڏنڊا اسان کي جھڪائيندا  اھا توھان جي ڀل آھي، ڌرڻا قائم ۽ دائم رھندا، ڪئنال سمورا نامنظور، ڪارپوريٽ فارمنگ نامنظور، نورالهديٰ شاهه پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جي زمين به واپس ڪريو، ڪارپوريٽ فارمنگ نامنظور، ايوب کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته صرف ڪئنال نه پر ڪارپوريٽ فارمنگ به ڪينسل ٿيڻ گھرجي. سنڌ جي زمينن تي قبضن کي رد ڪرڻ جو بل سنڌ اسيمبلي به پاس ڪري. مير شاهه پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ حڪومت کي ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏنل زمينن جي منظوري رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن آڻڻ گهرجي، نه ته جدوجهد جاري رهندي. اياز کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون ڏئي ڇڏيون آھن، مراد علي شاھ اھو فيصلو واپس وٺي ۽ زمينون مقامي ماڻھن کي ڏنيون وڃن. سڀ اھو مطالبو ڪن.خاوند بخش جهيجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪئنالن جيترو ئي ڪارپوريٽ فارمنگ جو مسئلو اھم آھي ٻنھي مطالبن جي مڃتا تائين جدوجھد جاري رھندي. عبدالسلام سنڌي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪئنالن سان گڏ ڪارپوريٽ فارمنگ ۾ ڏنل زمينون به رد ٿيڻ کپن.