اشو آف دي ڊي … هڪڙو سيد آ جنهن جي پڄاڻي نه آ، سائين جي ايم سيد جي سالگرهه سوشل ميڊيا تي به ملهائي وئي

0
73

 سائين جي ايم سيد جي سالگرهه سوشل ميڊيا تي به ملهائي وئي، هيپي برٿ ڊي جي ايم سيد ۽ ٽربيوٽ ٽو سائين جي ايم سيد ٽرينڊ هلايا ويا، سائين جي ايم سيد جا قول، ڪتاب، تقريرون، تصويرون، وڊيوز شيئر ڪري کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ان حوالي سان ڪامريڊ امير جان چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سن جا صوفي سچارا سنڌ جو توکي سلام رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي سالگرھ جون سنڌ کي واڌايون، وقار ملاح لکيو ته ھو جي ايم سيد ٿي ايندا ۽ سنڌڙي کي ساراهيندا، عاصمه ابڙو پوسٽ شيئر ڪئي ته هاءِ منهنجي تخيل جا مهجبين شال زنده هجين شال سن ۾ وسين، محمد اسلم پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته موت جو به عشق هو ۽ زندگي ڇڏيو نٿي، هو شخص ڀي ته ڇا هيو جو عاشقي ڇڏيو نٿي، سنڌ جي رھبر سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جي موقعي تي منھنجي ڀيڻ پاران ٺاھيل سائين جي ايم سيد جي پينٽنگ…علي رضا ٻرڙو پوسٽ شيئر ڪئي ته سنڌ ۾ ٻه درياهه آھن ھڪ سنڌو درياهه جيڪو سنڌ کي سرسبز ۽ شاداب ڪندو آھي ٻيو درياهه سيد جيڪو ماڻھن جي ذھنن کي سرسبز ۽ شاداب پيو ڪري، ورثا پيرزادو سائين جي ايم سيد جو قول شيئر ڪيو ته اسان جي سنڌ سان محبت جو مطلب ڪنهن ٻئي سان نفرت ناهي، ماجد علي پوسٽ شيئر ڪئي ته نِياپا آيا سُونهن نگر مان، جَاڳايو سڀُ ڳوٺَ ڳھر مان. (راشد مورائي) انيلا رفيق ملاح سائين جي ايم سيد جو قول شيئر ڪيو ته مون سياست ۾ سوداگيري يا ڪنهن شخصي مقصد جي حصول لاءِ حصو نه ورتو آهي، منهنجو مقصد خدمت خلق ، عبادت الاهي آهي. ان ۾ نفعي نقصان کي دخل نه ٿيندو آهي. شهزاد اعظم ڏاهري به سائين جي ايم سيد جو قول لکيو ته مون نه ڪڏھن همٿ هاري آھي نه ئي منھنجي ارادي ۾ ڪا ڪمي آئي آھي نه ئي مون اميد جو دامن هٿ مان ڇڏيو آھي منھنجي جدوجھد جنمن، جنمن تائين رهندي..جبار سنڌي لکيو ته جي ايم سيد جو عشق منھنجي ڌرتيءَ جي پيرن ۾ مسجود رھيو آھي، رضا جمالي به قول لکيو ته مونکي زمين ۾ صدين کان لڪيل خزانن جي خبر تاريخ ڏني. اعجاز لاکو سائين جي ايم سيد جو قول لکيو ته آئون هن رياست جو واحد قيدي آهيان جيڪو پنهنجو ڏوهه قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهيان پر مون کي عدالتن م جج ٻڌڻ بدران اٿي هليا وڃن ٿا، سنڌو ڏاهري، نظام راڄپر، فيصل ڀرڳڙي، راحيل عباس ڪلهوڙو، مختيار لاکو، معشوق ايم، فياض چاچڙ، شير محمد عمراڻي،اسلم ملاح، سوجهرو سنڌي، حسنين حيدر، اسماعيل مهر، عبدالستار سومرو، خالد لغاري ۽ ٻين به سالگرهه جون مبارڪون ڏنيون. سيد منير حيدر شاهه به سائين جي ايم سيد جو قول شيئر ڪندي لکيو ته آئون اهڙي فتح جو منتظر آهيان جيڪا صدين جي شڪستن جا داغ ڌوئي ڇڏيندي، جنهن تي شعيب چانڊيو ۽ مولائي اعجاز رند به قول لکيو ته قوم کي ڪردار ڏيو، قوم اوهان کي تاريخ ڏيندي، سعيد مستوئي، خليل احمد پلهه، ذوالفقار علي گوپانگ، گلاب سنڌي، ساقي سهيلائي، اياز چانڊيو، امجد مهيسر، عبدالحفيظ لوڊو، منير ابڙو، شفقت عباس، عمير مهيسر،اسلم چانڊيو، سليم سولنگي، سردار فراز کيمٽيو به سالگرهه جون مبارڪون ڏنيون. نظير احمد تنيو به سائين جي ايم سيد جو قول شيئر ڪندي لکيو ته جتي عقل جي انتھا ٿيندي آھي اتان عشق جي شروعات ٿيندي آھي، سنڌ سان منهنجو سچو عشق آھي،  ڪوبه سچو عاشق پنهنجي محبوب سان آخري دم تائين بي وفائي نٿو ڪري سگهي، جنهن تي ايڊووڪيٽ محمد خان شيخ لکيو ته سائين جي ايم سيد جنهن سنڌي قوم سان حقيقي عشق ڪيو، جنهن پاڻ تڪليفون برداشت ڪيون، جنهن عمر جو وڏو حصو جيلن ۽ نظربندي ۾ گذاري ڇڏيو، جنهن پاڻ تي قتل جي ارادي سان آيل ماڻهن کي به معاف ڪري ڇڏيو، جنهن پنهنجي قوم سان هڪ طرفو پيار ڪيو، جنهن لطيف سائين کي صرف درگاهي پير مان قومي رهبر ۽ رهنما طور روشناس ڪرايو، جنهن قومي شعور ڏنو، جنهن ذات پات کان مٿانهون ٿي هڪ قوم جي سوچ ڏني، جنهن جي تعليمات اسان کي وڏين وڏين طاقتن جي سامهون برابري تي بيهاري ڇڏيو، جنهن سيد هوندي پنهنجي سڀني مريدن کي اهو چئي ته مون ۾ ڪا ڪرامت ڪونهي، باقي پيري مريدي ڍونگ آهي، اهڙيون عظيم شخصيتون جنهن قوم ۾ پيدا ٿينديون آهن اهي قومون دنيا جون خوشنصيب قومون هونديون آهن، زوار منير گوپانگ لکيو ته سائين جي ايم سيد چواڻي ته جڏهن سنڌي پنھنجي سڄڻ ۽ دشمن کي سڃاڻيندا ته پوءِ مان سمجهان ٿو ته سائين جي جنم جي مبارڪ قبول ڪبي تيسيتائين غلامي قبول آهي، راجا چانڊيو به قول لکيو ته جڏهن آئون محبوب کي ننهن کان چوٽيءَ تائين چتائي ڏِسي اُن ۾ مڪمل گم ٿي ويس ته اوچتو ڪنهن سنڌ جو نانءُ اچاريو مان ڪنڌ کڻي پوئتي نهاريو ته ڪروڙين محبوب مون کي سنڌ جي قدمن ۾ ڪريل نظر آيا…! سليم ملڪاڻي، اي ڊي جويو، عبدالوهاب ڏيرو، مسعود ممتاز راشد علي به سالگرهه جون مبارڪون ڏنيون. شانل کوسو به جي ايم سيد جو قول شيئر ڪيو ته ‏نه آءُ اوهان جو مرشد آهيان نه اوهان منهنجا مريد آهيو اوهين سڀ آزاد آهيو اسين سماجي طور سڀ انسان برابر آهيون. الاهي بخش بڪڪ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته خوف ۽ لالچ پاڻ مان ڪڍي ڇڏيو دنيا جي ڪابه طاقت توھان کي جھڪائي ڪون سگھندي (سائين جي ايم سيد) مون کي پنھنجي بھادر سورمين تي فخر آھي جن بھادري جرائت ۽ ھمت سان منھنجو ساٿ ڏنو ۽ مونکي پنھنجن قومي لڏي جي ڀائرن جھڙن دوستن تي فخر آھي جن منھنجي دادلين سورمين کي پنھنجي بابا جي ڪمي محسوس ڪرڻ ڪون ڏني  اھو آھي منھنجي رھبر جو بھادري ۽ جرئت جو سبق، ذيشان سومرو قول شيئر ڪيو ته وطن جون عظمتون ۽ سرحدون مذھبن ۽ عقيدن کان وڌيڪ مقدس ٿينديون آھن. محسن رند پوسٽ شيئر ڪئي ته هڪڙو سيد آ جنهن جي پڄاڻي نه آ، همسفر به سائين جي ايم سيد جو قول شيئر ڪيو ته آئون ملڪي سياست کي مذهب سان گڏي هلائڻ کي ملڪ ۽ ماڻهن لاءِ نقصانڪار سمجهان ٿو، سرمد ادل سولنگي قول شيئر ڪندي لکيو ته *فرض کي ڪڏهن به اڌ ۾ نه ڇڏڻ گهرجي. * جيستائين ڪائنات جي آخري گهڙي نٿي اچي تيستائين سنڌ ڌرتي رڳو اسانجي آهي. * اسان وٽ اول ئي ماڻهن جي کوٽ آهي ٻيو وري ٿورين ٿورين ڳالهين تي ڪاوڙ ڪري پنهنجا ماڻهون وڃائيندا رهنداسون ته پوءِ اسان هيڏو سارو مقصد ڪئين حاصل ڪنداسين. پنهل لاڙڪ پوسٽ شيئر ڪئي ته ‏سيد اسانجي بُکين دماغن کي عقيدن جي خوراڪ ڏيڻ بدران، فڪر جي خوراڪ ڏني..! حسن پٺاڻ، راجڪمار وڻجارا، سنڌو مڱريو، شايان احمد، منور لغاري، سحر شاهه رضوي، اشوڪ راماڻي، همٿ مغيري، دوست حفيظ، قادر سميجو، وقار سنڌي، رابيل سيال، شيرين اسد، مير ڪيريو، نصير ميمڻ، لطيف جوکيو، مير سارنگ سومرو، سرمڻ بروهي، مهدي حسن سنڌي، سسئي لوهار، مشاهد چانڊيو، منظور ٻانڀڻ، عائشه خان، بيرسٽر ضمير گهمرو، خالد ڪوري، عمران ڪلهوڙو، جهانزيب ترڪ، رحمت الله چاچڙ، غلام الله، سلمان شيرازي، جاويد احمد ۽ ٻين به سائين جي ايم سيد جي سالگرهه بابت پوسٽون شيئر ڪيون ۽ ڀيٽا پيش ڪئي.