سنڌ بجيٽ ۾ گريڊ 1 کان 16 تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾ 12 سيڪڙو ۽ 17 کان 22 هين گريڊ جي ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي، اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي منصور ڪنراڻي لکيو ته وفاق ڊسپيريٽي الائونس سان گڏ 40سيڪڙو وڌايو، هنن کي صرف 12 پرسنٽ وڌائيندي ڪجهه نه ٿيو، علي احمد ٽانوري لکيو ته پيپلزپارٽي وفاقي حڪومت طرفان بجيٽ ۾ وڌايل 40سيڪڙو اضافي کي ناڪافي قرار ڏيندي احتجاج جو اعلان ڪيو آهي. هاڻي سنڌ سرڪار جي هن قدم خلاف ڪير احتجاج ڪندو.. ڪاشف مصطفيٰ سومرو لکيو ته سڄو ڊرامو آهي، 50سيڪڙو پگهار وڌائڻ گهرجي ها، شير محمد شاهاڻي لکيو ته هن ٻارنهن سيڪڙو مان ٻارن جا رانديڪا وٺن، عمران علي سهرياڻي به ردعمل ڏنو، رزاق عباسي لکيو ته هنن ۾ اهڙي ئي اميد هئي، اياز ڪانڌڙو لکيو ته وفاق ڪري ته گناهه ، پ پ ڪري ته ٺيڪ آهي، نزاڪت علي لکيو ته هڪ کان 4 گريڊ جي نوڪرين جو ڇا ٿيو؟ مختيار حسين مهر، محمد آچر سولنگي، موهن ڪولهي به ردعمل ڏنو، غلام الله مشوري لکيو ته 50سيڪڙو، شوڪت لياقت بلوچ لکيو ته پگهار 2600 وڌائي ان مان ميڊيڪل الائونس 1500 ڪٽ ڪيو ويو سال ۾ 900 پگهار وڌي، احسان حسين سومرو، قلندر بخش کوکر، معراج شاهه به بجيٽ تي رعمل ڏنو، امير بخش خاصخيلي لکيو ته وفاق ڊسپيريٽي الائونس سان گڏ 40 سيڪڙو وڌايو، هنن صرف 12سيڪڙو واڌ ڪئي. رئيس اي ڊي ڪي ڪٻر لکيو ته وفاقي ملازم جي پگهارن ۾ %40 سيڪڙو اضافو، پنجاب جي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ %40 سيڪڙو اضافو، سنڌ جي لاوارث سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ صرف %12 سيڪڙو اضافو، پير بخش ٻٻر لکيو ته وفاقي بجيٽ خلاف دانهون ڪندڙ ۽ 2 صوبن ۾ ملازمن جي پگهار ۾ %50 اضافو گهرندڙ پيپلز پارٽي پنهنجي صوبي سنڌ جي ملازمن لاءِ 12سيڪڙو واڌ پئي ڪري انهي کي سياست چئبو آهي. وقار علي هالو لکيو ته عوام دشمن بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي وفاقي بجيٽ تي دانهن ڪرڻ جو مطلب ڇا هو، غلام حيدر تيوڻو لکيو ته وفاقي حڪومت چاليهه سيڪڙو وڌائي ۽ ھي وري صرف ڏھه ۽ ٻارھن سيڪڙو ؟ ۽ ٻئي طرف وري وفاقي حڪومت تي اعتراض ٿا ڪن ته انھن ملازم دشمن بجيٽ پيش ڪئي آھي.؟ نالو وڏو ديھه ويران..
ڀوتارن جي عيد ٿي وئي
سنڌ بجيٽ۾ ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز لاءِ ترقياتي فنڊن جي مد ۾ 45 ارب رُپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي جاني سولنگي لکيو ته پورو مال هڙپ ڪري ويندا، اعجاز پرديسي لکيو ته هنن جون موجون ئي موجون آهن، رفيق احمد شاهه لکيو ته ڀوتارن جي عيد ٿي وئي.
هيڊ ماستري به مهانگي
تعليمي شعبي جي بجيٽ 12 سيڪڙو وڌائي 458 ارب مان 523 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، اسڪالر شپ لاءِ 50 ڪروڙ، 31 سرڪاري يونيورسٽيز ۽ 9 خودمختيار ادارن لاءِ 42 ارب رکيا ويا آهن. سنڌ بجيٽ ۾ هيڊ ماسترن کي پهريون ڀيرو مالياتي اختيار ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي، هيڊ ماسترن کي مخصوص ڪاسٽ سينٽر مان فنڊ ڪڍي اسڪولن تي خرچ ڪرڻ جو اختيار هوندو، اهڙي پوسٽ تي ڪمنيٽ ڪندي نسيم احمد ميمڻ لکيو ته حڪومت وڏو احسان ڪيو آهي، هاڻي هيڊ ماستري به مهانگي ٿي ويندي، چمن لال لکيو ته ھاڻي ھيڊ ماستر رھيل سرڪاري سامان وڪرو ڪندا پراڻا در دروازا، ڪرپشن به کلي عام ڪندا، لالا عاشق سومرو لکيو ته هاڻي هيڊ ماستر به ڪرپشن ڪندا، ذيشان حيدر لکيو ته ڪرپشن جو نئون طريقو آهي، سونم منگي لکيو ته هيڊ ماستر ۽ هيڊ ماسترياڻيون ترقي ڪرائينديون، سڀ ڪجهه کائي ويندا، آصف حسين چانگ لکيو ته پئسا وري به ڪرپشن جي نظر ڪرڻ چاهين ٿا.
نه ڳالهائيندا، نه اٿندا
سنڌ بجيٽ ۾صحافتي تنظيمن، پريس ڪلبن ۽ مستحق صحافين توڙي وڪيل بار ايسوسيئيشنز لاءِ 80 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا آهن، اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي جنهن تي فضل الله دوست لکيو ته ڀلو ٿيو نه صحافي ڳالهائيندا، نه وڪيل اٿندا حڪومت نظام خلاف سڀني کي پنهنجو پئسو ملندو، باقي رهي سوشل ميڊيا، ان تي پابندي هڻي ڪيس بڻائيندا سين، مير احمد لکيو ته صحافين ۽ وڪيلن لاءِ به حصو رکيو ويو آهي، محمد خالد ميمڻ لکيو ته سڀ نام نهاد صحافي هڙپ ڪري ويندا، علي اويس لکيو ته رشوت ضرور ڏيڻي آهي، محبوب انصاري لکيو ته وڪيلن ۽ صحافين لاءِ 80 ڪروڙ! لڳي ٿو حڪومت چاهي ٿي ته خبرون نه پر تعريفون وڪامن.، ايڊووڪيٽ امين فهيم چانڊيو لکيو ته گهڻو پئسو آهي ڪجهه گهٽ ڪيو.
پيٽ ڀرڻ لاءِ
سنڌ جي صحت کاتي جي بجيٽ 8 سيڪڙو وڌائڻ جي تجويز، بجيٽ 302 ارب رپين مان وڌائي 326 ارب رپيا ڪئي وئي، سنڌ بجيٽ ۾ پي پي ايڇ لاءِ 26 ارب، گمس لاءِ 10 ارب، ايس آءِ يو ٽي لاءِ 19 ارب، ٽراما سينٽر ڪراچي لاءِ 4 ارب رپيا مختص ڪرڻ واري پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي اعجاز احمد لکيو ته صحت کاتي جي عيد ٿي وئي، سجاد بن خالد لکيو ته پيٽ ڀرڻ لاءِ آهن، حاجي خان ايچ خاصخيلي لکيو ته سواءِ ايس آءِ يو ٽي ٻين ادارن جو رڪارڊ چيڪ ڪيو، حميد شر لکيو ته پي پي ايچ آءِ وري به ٻهراڙي ۾ ڪجھه غريبن کي دوا ٽڪي ڏئي ٿي باقي گمس نالي ۾ آهي، مير مجتبيٰ حسين لکيو ته ايم پي اي اسان جي ٽيڪس جي پئسن تي علاج ڪرائن ٿا.
بس ڪيئن هلندي ؟
بجيٽ 2025 ۾ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ مرحليوار هڪ هزار اليڪٽرڪ بسون ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو، نواب علي لکيو ته اهو مال به کائڻ لاءِ رکيو ويو، وريندر ڪمار لکيو ته سنڌ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ آهي اليڪٽرن بس هلندي ڪيئن؟ چارج ڪٿي ٿيندي؟ اندر لال لکيو ته امن نه ڏيندا باقي بسون ڏيندا.