مٽياري ۽ ڄامشوري جي ڏيڍ لک ايڪڙ زمين ٻاهرين ڪمپنين کي ڏيڻ جي تيارين واري ڳالهه سامهون اچڻ تي سوشل ميڊيا تي ردعمل ڏنو ويو، ٻيلي کاتي زمين ٻاهرين ڪمپنين بدران مقامي هارين کي ڏيڻ جو به مطالبو ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ حيدر ملاح پوسٽ شِئر ڪندي لکيو ته ٻيلي کاتي جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ ۾ ڪمپنين کي ڏيڻ بدران مقامي ماڻهن جي مدد سان ٻيلو کاتو ڇو نٿو پوکي؟. ٻيلي کاتي جي زمين فقط ٻيلي لاءِ هجڻ گهرجي. جنهن تي اڪبر برهماڻي لکيو ته ٻيلي کاتي جي زمين آجي ڪرائي ان تي ٻيلا پوکيا وڃن، مانجهي محمد علي لکيو ته سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ يا ٻئي ڪنھن به نالي سان ڪنھن به صورت ۾ نه ڏنيون وڃن. اھي زمينون فقط مقامي ھارين کي ئي ڏنيون وڃن. ڊاڪٽر ممتاز کوسو لکيو ته ٻيلن جي ڪٽائي جي ڪري ماحولياتي گدلاڻ ڪافي حد تائين وڌي وئي آهي، ثناءُالله سولنگي، اعجاز اختر سومرو، رفيق چنا، وزير علي به پوسٽ تي ردعمل ڏنو. عبدالقدير ميمڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هي عوامي-نجي شراڪتداري (Public-Private Partnership) جي نالي هيٺ ٻيلي کاتي جي زمين ڏيڻ جي ڪوشش آهي. هي حڪومت جي پراڻين ظالمانه پاليسين جو نئون ۽ نرم چهرو آهي. ٻيلي کاتي جي زمين ڪنهن به حالت ۾ نجي ادارن کي نٿي ڏئي سگهجي ۽ اهڙي قدم سان ٻيلا ۽ جهنگلي جيوت کي شديد نقصان پهچندو. هي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي.ڪافي عرصي کان وٺي (شايد پرويز مشرف جي دور کان) سنڌ ۾ ٻيلي کاتي جي زمين بابت ھڪڙو ڪيس پاڪستان جي سپريم ڪورٽ ۾ ھلندڙ آھي. ھن ڪيس جي ٻڌڻي جو وارو ته شايد سال ۾ ڪو ھڪ اڌ ڀيرو مس ايندو آھي پر ان ڪيس جو ھڪڙو فائدو اھو ٿيو جو سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سنڌ حڪومت صوبي اندر ٻيلي کاتي جي نالي ٿيل زمين جو سرڪاري رڪارڊ مڪمل تفيصلن سان سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو ھو جيڪو پوءِ اتان پبلڪ به ٿي ويو. ان رڪارڊ ۾ ھر ضلعي، تعلقي ۽ ديھه اندر سروي نمبرن جي تفصيل سميت ڄاڻايل آھي ته ڪٿي ڪيتري ايراضي ٻيلي کاتي جي ملڪيت آھي. ان رڪارڊ موجب ڪچي ۽ پڪي جي ديھن ۾ لڳ ڀڳ 22 لک ايڪڙ ايراضي ٻيلي کاتي جي نالي ٿيل آھي ۽ ساحلي علائقن ۾ 16 لک ايڪڙ تمر جي ٻيلن لاءِ زمين مخصوص ٿيل آھي.
تازو ئي ڪجھه مھينا اڳ ھن ڪيس جي حاضري سپريم ڪورٽ ۾ لڳل ھئي ته ڪيس ھلائيندڙ ججن ٻيلي کاتي جي نمائيندي کان سوال پڇيو ھو ان زمين جي ڪيتري ايراضي ۾ ٻيلا موجود آھن؟ جنھن تي ٻيلي کاتي جي نمائيندي سپريم ڪورٽ ۾ اعتراف ڪيو ھو ته حقيقت ۾ انھن 38 لک ايڪڙن مان بمشڪل 50 ھزار ايڪڙ زمين ٻيلي کاتي جي قبضي ۾ آھي باقي ساڍا 37 لک ايڪڙ زمين تي با اثر ماڻھن جا قبضا ٿيل آھن.
ان رڪارڊ جي ڪاپي مون پاڻ وٽ ڊائونلوڊ ڪري رکي ھئي. پنھنجي تعلقي صوڀوديرو، ضلع خيرپور ميرس ۾ ٻيلي کاتي جي نالي تي 8500 کن ايڪڙ زمين مختلف ديھن ۾ ڄاڻايل ھئي جنھن ۾ 3 مک وڏا ٻيلا ڄاڻايل ھئا.
1- منگي ماڙي ٻيلو اٽڪل 3500 ايڪڙن تي
2 – ڪيٽي موسي ٻگھيو ۾ 1500 ايڪڙ تي
3 – ڪوٽ چانڊڪو ٻيلو 1200 ايڪڙ ۾
انھن ٽنھي وڏن ٻيلن مان ھاڻي فقط منگي ماڙي ۾ ئي معمولي ايراضي جي ڪجھه جهنگ بچيل آھي باقي ٻيو ڪٿي به ٻيلو نظر ڪونه ايندو. اھي زمينون سالن کان آباد پيون ٿين. اڪثر زمين ۾ ڪمند جا فصل آھن جن ۾ سڀ کان گهڻي ايراضي پنجاپ جي ھڪڙي وڏي سرمائيدار کي ڪافي عرصي کان وٺي ٺيڪي ۾ مليل آھي. اھو مشينن جي مدد سان ڪمند پوکائيندو آھي ۽ ڪمند جي سيزن ۾ سندس اجگر جيڏا وڏا وڏا ٽرالا ڪٽيل ڪمند پنجاپ کڻي ويندا آھن ۽ ڳوٺن جي جڳاڙي ٺھيل روڊن جو ھر سيزن ۾ ستيا ناس ڪري ڇڏيندا آھن. ٻي نمبر تي وڏيري جا قبضا ٿيل آھن جنھن پنھنجي نالي تي ديھون ۽ يونين ڪائونسلون به ٺاھي ڇڏيون آھن ۽ ھر ڀيري پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي ايم پي اي به چونڊبو آھي. اھي سموريون زمينون 1992ع تائين گهاٽن ٻيلن سان ڀريل ھيون. 1992ع ۾ ڌاڙيلن خلاف ٿيل فوجي آپريشن جي بھاني سمورا ٻيلا ڪپرائي ڇڏيا. پويان خالي زمين وڏيرن جي قبضو ڪرڻ لاءِ ڇڏي ويئي. انھن ڪوڙا دستاويز ٺھرائي زمينن جا کاتا پراڻين تاريخن ۾ بدلائي زمينون پنھنجي نالي ڪرايون.
اھو ته صرف سنڌ جي ھڪڙي ننڍڙي تعلقي اندر ٻيلي جي زمين جي لٽمار جو احوال آھي جنھن جو مان پاڻ ئي اکين ڏٺو مشاھدو ڪندو رھيو آھيان. ھيڏي ساري سنڌ جي حشر جو اندازو توھان پاڻ ڪريو.
برڪت نوناري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته چون ٿا ته ٻيلن ۾ هونئن ئي ڌاڙيل آهن، پاڪستان جي سڀ کان وڏي ڇانگا مانگا ٻيلي ۾ ڌاڙيل پيدا نٿا ٿين. ايشيا جي سڀ کان وڏي ٻيلي ڪيرالا ۾ ڌاڙيل نٿا ٿين. سنڌ ۾ جيڪي ٻيلا بچيا آهن اهي هڪ هڪ يوسي جيترا به نه بچيا آهن پر اتي ڌاڙيل به ٿين ٿا ۽ انهن ڌاڙيلن وٽ روس جرمني ۽ افغانستان جا جديد هٿيار به پهچي وڃن ٿا. ڀلا مٽياري ۽ ڄامشوري ۾ هن وقت ڪهڙا ڌاڙيل آهن ؟ سکر جو الف ڪچو ته روهڙي ۽ سکر سٽي جي شهري علائقن جي وچ ۾ هئو، سکر جو بچل شاھه مياڻي به ڪپي ڪٽي کائي ويا. حيدر آباد جو مياڻي ٻيلو ڪپي ڪٽي بلڊرن کي اربين رپين ۾ وڪرو ڪيو ويو. باقي بچيو ڪشمور، سنڌ جي لکين هيڪٽرن تي مشتمل ٻيلي کاتي جي زمين صرف چند هزار ايڪڙن تي بچي آهي اها به وڪڻي ڇڏي. اڪبر علي ميمڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچيءَ پورٽ ٽرسٽ جي 52 ھزار ايڪڙ کان پوءِ مٽياري ۽ ڄامشورو ضلعي جي هڪ لک کان وڌيڪ ايڪڙ زمين ٻاهرين ڪمپنين حوالي ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن، مٽياري ۽ ڄامشورو ضلعي جي ٻيلي کاتي جي زمين غير ملڪي ڪمپنين کي ڏيڻ لاءِ مشهور اخبارن ۾ 3 ڀيرا اشتهار ڏنا ويا. ٻن ڪمپنين جا نمائندا وزٽ لاءِ به پهتل . ذوالفقار رستماڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته 86 هزار ٻيلي کاتي جي زمين: مٽياري ۽ ڄامشوري ضلعن جي 86 هزار ايڪڙ ٻيلي کاتي جي زمين، ملڪي يا غير ملڪي ڪمپنين کي 44 سالن جي لاءِ ليز تي ڏيڻ جي بدران اتان جي مقامي بي زمين هارين، ڳوٺاڻن، مالوند مارو خاندانن ۽ ننڍن زميندارن کي ڏني وڃي ۽ سنڌ جي واسطيدار محڪمي جي رهنمائي ۽ سرپرستي هيٺ ڀاڄين ۽ گاهه پٺي پوکڻ سان گڏ و گڏ وڻڪار ۽ ٻيلن جي واڌ ويجهه جي لاءِ پابندي سان استعمال ڪرڻ کي يقيني بنايو وڃي ته جيئن وڌندڙ فضائي، آبي ۽ زميني گدلاڻ ۽ موسمي مسئلن کي منهن ڏيئي سگهجي. ۽ ان مقصد جي لاءِ ملندڙ غير ملڪي امداد جي مدد سان تمر جي ٻيلن جو تحفظ به ڪري سگهجي ته وڏي پيماني تي وڌائي ماحول کي ڪنهن نه ڪنهن حد تائين انسان دوست پڻ بنائي سگهجي. ملڪي ۽ غير ملڪي ” ميگا جاگيرداري ” نامنظور نامنظور. ذوالفقار ڪولاچي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اڃان تڪراري ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ مان جان نه ڇٽي آهي ته ڄامشورو ۽ مٽياري جي ٻيلي کاتي جي هزارين ايڪڙ زمين پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت نيلام ڪئي پئي وڃي انهي جو مقصد سڌرڻ جو امڪان هڪ فيصد به ڪونهي.مظهر حسين ڪهيري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هاڻ وري ڄامشوري ۽ مٽياري جي لکين ايڪڙ ٻيلي کاتي جي زمين به پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ تحت ڏيڻ جا اشتهار جاري ڪيا پيا وڃن. اک کوليو.