اشو آف دي ڊي … ميرپورماٿيلو ۾ نينگر سان مولوي جي بدفعلي واري واقعي خلاف سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل

0
42

 ميرپورماٿيلو ۾ نينگر سان مولوي جي بدفعلي واري واقعي خلاف سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ڏنو ويو، ان حوالي سان عبدالله بوهڙ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هن مولوي جي ٻار سان زيادتي ڪندي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي پوءِ ايس ايچ او قابل ڀيو هن کي گرفتار ڪري ڇڏي ڏنو، سوشل ميڊيا تي زبردست ردعمل بعد رات جو مولوي کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو پر ٻار جي وارثن موجب ٻار ڪالهه کان غائب آهي ان جو ڪو به پتو ناهي.  جنهن تي اڪرم خان لکيو ته سزا ملڻ گهرجي پر فرد خلاف ڪارروائي سان ڇا ملندو مسئلا هلندا رهندا، بلال احمد لکيو ته ٻين کي سزا ٿئي يا نه ٿئي پر هن مولوي کي جبڀل تان ڪيرائڻ واري شرعي سزا ڏيڻ گهرجي يا پٿر هڻي مارڻ جي سزا ڏني وڃي وفاق المدارس جو اهو ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ هجڻ گهرجي ۽ اهو سڀني مسلڪن تي لاڳو ٿيڻ گهرجي؟ عائشه ڌاريجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اڄ انسان ٿيڻ تي نفرت ٿي رهي آهي اهڙا عالم دين آهن ته پوءِ توهان ڏسيو ڇا ڪجي ؟ سوشل ميڊيا تي رکندي ڪراهت اچي پئي ته اڄ جي انسان کان جانور ڇا شيطان به پناه گهرندو هوندو ، ميرپورماٿيلو جو معروف عالم دين مولانا محمد عظيم سومرو صاحب نينگر کي پنهنجي حوس جو نشانو بڻايو، جوابدار گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي نه ته سماج ۾ مسئلا وڌاندا، ڪٽوهر نويد لکيو ته جيڪڏهن اسلامي سزا لاڳو هجي ها ته شايد اهڙا ڪيس نه ٿين ها، ياسين رند نينگر جي والد جو وڊيو بيان شيئر ڪندي لکيو ته منهنجي ڇوڪري سان زيادتي به ٿي آهي ۽ هاڻي اغوا به ٿي ويو آهي، شهزادي حسين پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ميرپورماٿيلو جو مولوي محمد عظيم سومرو جنهن نينگر کي پنهنجي حوس جو نشانو بڻايو ھي عالم دين نه آهن عوام پاڻ اکيون کولي باقي ھن ملڪ ۾ نه قانون آ نه قانون جي حڪمراني آهي، فضا پتافي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هي واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي پر ڪوئي نئون واقعو ناهي بنا ڪنهن تعليم، ڊگري ۽ چونڊ جي جنهن کي وڻي مولوي ٿي وڃي ٿو، مدرسن جي ڪا به نگراني جو ڪو به نظام ناهي، ڪيترائي معاملا سامهون ايندا آهن. خليفو قادر عثمان پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پنهنجي ٻارڙن کي ھنن جي حوالي نه ڪريو کين گھر ۾ ئي ديني تعليم ڏيو، مدرسن ۾ معصوم ٻارن سان جنسي زيادتيون معمول بنجي چڪيون آھن، اسان جا علماء اڪرام ھن وحشيت تي خاموش آھن. اھڙن وحشين کي ڪورٽن جي حوالي ڪرڻ بدران گرفتار ڪري سرعام شھر جي چوڪ تي ڦاھي تي لٽڪايو وڃي ته جيئن ماڻھو عبرت حاصل ڪن ۽ وري ٻيو ڪير اھڙي جرئت نه ڪري سگھي. منير احمد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ايس ايچ او چوي ٿو ته مولوي ان ڳالھه جي ترديد ڪري ڇڏي چوي ٿو ته ٽئي سال اڳ منھنجو زمين جو مامرو ھيو ھي تصوير ايڊٽ ڪئي وئي آھي ان ڇوڪري جيترا منھنجا پوٽا آھن باقي مان نيڪ نمازي آھيان قران پاڪ تي قسم کڻي اھا ڳالھه ڪيان ٿو، فلڪ شير اوڏو وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته ڇوڪري جا وارث چون ٿا ته  ميرپور ماٿيلي واري مولوي ڇوڪري سان زيادتي ڪئي آھي ۽ ڇوڪرو گم آھي، ايس ايڇ او ميرپور ماٿيلو مولوي کان پئسا وٺي غلط بياني ڪئي ته وڊيو ايڊٽ ٿيل آھي، مولوي سان گڏ پوليس ايس ايچ او کي به گرفتار ڪيو وڃي. سنجر قادر، لالا مشتاق علي رند، برڪت جهنڊير ۽ ٻين به ان واقعي بابت پوسٽون شيئر ڪيون. امر سنڌو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڌو آھي ته زاني ملي جو ڀائيوار ايس ايچ او قابل ڀيو معطل ٿي ويو آھي. سنڌي سوشل ميڊيا تي ٻار سان عالم سڳوري جي جنسي ڏاڍائي وارو فوٽو ھلي پيو. خدا جي واسطي نينگر جي شناخت ته لڪايو، ڪا ته ايٿڪس سکو.