اشو آف دي ڊي … مزدور ڪم تي، سڀ آفيسر موڪل تي ؟ سوشل ميڊيا تي پورهيتن کي ڀيٽا، بنيادي حق ڏيڻ، اجرت وڌائڻ جو مطالبو

0
32

  مزدورن جي عالمي ڏينهن تي مزدورن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، سوشل ميڊيا تي مزدورن جي حقن لاءِ آواز اٿاريو ويو، مطالبو ڪيو ويو ته مزدورن جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن، کين بنيادي حق فراهم ڪيا وڃن، اهو به چيو ويو ته مزدورن جو ڏينهن آهي پر اهي ڪم تي آهن ۽ آفيسر موڪل ملهائي رهيا آهن. مزدورن جي اجرت وڌائڻ جو به مطالبو ڪيو ويو. شڪاگو جي شھيدن کي سرخ سلام پيش ڪيو ويو، ان حوالي سان سائل پيرزادو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هو اڄ به مزدوري تي آهن، مزدورن جي عالمي ڏينهن تي کين سرخ سلام، جبار ڪابورو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مزدورن جي عالمي ڏينهن تي مزدورن جا حق غصب ڪندڙ موڪل ڪندا ۽ مزدور ساڳي مزدوري ڪندا، امير حسن پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مزدور جدوجهد جو ڏينهن آهي، هن دور جو سنڌي هاري، مزدور زندگي جي سڀني تڪليفن کي ڀوڳي ٿو، سرڪار طرفان نه روزگار جو تحفظ، نه گهر، نه ئي صحت ۽ تعليم جي سهولت آهي، جاويد علي چانگ لکيو ته محنت ڪش مزدورن ۽ ڪڙمين کي سرخ سلام، حر هاشم هنڱورجو لکيو ته جنهن ملڪ ۾ ڀتو وصول ڪرڻ لاءِ فيڪٽري ۾ مزدورن کي باھ ڏئي ساڙيندڙ سياسي جماعت وفاق ۾ حڪومت ڪندي هجي اتي مزدور ڊي ملهائڻ هڪ ڊرامو آهي، خادم سيال لکيو ته بلڪل اهو سچ آھي، حڪمران مزدورن جي مزدوري ۽ ٻيون سهولتون ڏيڻ بجاءِ پريس رليز جاري ڪندا يا وري اي سي وارن هالن ۾ ويهي تقريرون ڪري فرار ٿي ويندا، ڪيهر شوڪت لکيو ته مزدورن جي عالمي ڏينهن تي مزدورن جا حق غصب ڪندڙ موڪل ڪندا ۽ مزدور ساڳي مزدوري ڪندا، نديم چانڊيو پوسٽ شيئر ڪئي ته مزدور جي عالمي ڏينهن تي سڀ مزدور ٿيو وڃن، باقي ڏينهن ۾ مزدورن کي ھٿ به ڏيڻ پسند نٿا ڪن..!دنيا ڍڳي جي سڱ تي نه پر مزدور جي ڪلھي تي بيٺل آهي، مزدورن جي عالمي ڏينهن تي سڀني مزدورن کي نمي سلام، شوڪت علي حيدري پوسٽ شيئر ڪئي ته ‏هن دور ۾ حق حلال جي روزي ڪرڻ منهنجي نظر ۾ بهترين عبادت آهي، هنن مزدورن جون تصويرون سوين چمچن، واٺن جي سيلفين کان هزار ڀيرا بهتر آھن. سهيل احمد تنيو پوسٽ شيئر ڪئي ته جبر سهندو آهيان، مجبور آهيان مان، ڇو ته مزدور آهيان مان، اياز کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اسين وطن جا مزدور هاري نڪي جيئون ٿا نڪي مرون ٿا، هٿن ۾ ڪوڏر مٿي تغاري نڪي جيئون ٿا نڪي مرون ٿا، سنڌ ۾ ته مزدور تڪليف جي زندگي گهاري ٿو سرمائيداري نظام نامنظور، محمد رفيق بلوچ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پَھِرِين مَئي مزدورن جو عالمي ڏِھاڙو! مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ملڪ جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪندڙ مزدور جو اهم ڪردار آهي. مزدور ئي پاڪستان ۽ اسان جي سماج جا اصل هيرو آهن سڀني مزدورن کي سلام، طارق ميتلو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مزدورن جي عالمي ڏينهن تي موڪلون وري آفيسرن کي ڇو؟ واجد علي لکيو ته خبر نه اٿو اسان جي ملڪ جو قانون ئي ابتو آهي..برڪت نوناري پوسٽ شيئر ڪئي ته اڄ مزدورن جو عالمي ڏينهن آهي. اڄوڪي ڏينهن تي سموري بيوروڪريٽن، سرڪاري آفيسرن ۽ سرمائيدارن کي موڪل آهي. اڄوڪي ڏينهن تي به ڪارخانن، بٺن، ريڙهن ۽ روڊن رستن تي مزدور پنهنجي ٻچن جي روزي روٽي لاءِ پگهر ۾ ڇل آهي. جنهن تي صمدالله لکيو ته سامراج ۽ سرمائيدار مزدور کي اھڙو تت پيڙھيو آھي جو ھو بس ماني ڳڀو پورو ڪرڻ لاءِ سڄي زندگي لوڙي ٿو ، ھن کي سوچڻ جو وقت ناھي ھن کي اھا خبر ئي ناھي ته اسانجو عالمي ڏينھن به آھي ته پوءِ مزدورن جو عالمي ڏينهن ملھايون ڪنھن لاءِ ٿا. مشاهد حسين لکيو ته مزدور موڪل ڪندو ته سندس ٻچا بک تي ھوندا، نديم جان مهر پوسٽ شيئر ڪئي ته پورهيت مزدور جو استحصال ڪرڻ وارا پاڪستان جا ٺڳَ حڪمران عالمي ڏينهن تي مزدورن سان همدرديءَ جو اظهار پيا ڪن. اصغر سومرو پوسٽ شيئر ڪئي ته هتي نظام ڪيئن هلي ٿو اڄوڪو ڏينهن( مزدورن جو عالمي ڏينهن)انجي هڪ جهلڪ آهي. صاحب سڀ موڪل تي گهر ويٺا آهن ۽ سندن خدمت ۾ ڊرائيور، بورچي، گارڊ، چوڪيدار وغيره  سڀ پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ مصروف آهن.!! سعيده گوپانگ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اڄ صبح کان ئي مزدور مزدوري لاءِ نڪتل ته ڪي روڊن جي ڪنارن تي ويٺل نظر آيا، ۽ اڄ انھن مزدورن جو عالمي ڏينھن آھي. سنڌو نواز گهانگهرو پوسٽ شيئر ڪئي ته هن جي نالي تي موڪل ٿيندي، پاڻ هو ڪم تي ويندو، منهنجي ديس ۾ اڄ مزدور جو ڏينهن ملهايو ويندو، ماجد تنيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هِي ڳُوڻين جھڙي کنھري پوشاڪَ پَاتل، اَسان جي لاءِ حَقير ۽ سَخت ڪم ڪندڙ ماڻھو جن جون اَکيُون ڏَرا ڏِنل، دماغَ جا سَادا، جن جون خواهشُون پَست پيل، جسم جا گَدلا، ماڻھو کين ڇا به سمجهن، اڄ دُنيا ۾ سَڀ کان وڌيڪ پاڪُ ۽ بي داغُ ماڻھو اُهي ئي آهن. پاڻ کي پاڪ پوِتر سمجهندڙ ڊِگها جُبا پھريندڙن کان ته اُهي غريبَ هَاري ۽ مزدُور وڌيڪ پاڪُ ۽ سَڳورا آهن….!! رحمت الله ملاح پوسٽ شيئر ڪئي ته ڀريل بازار مان اڪثر خالي موٽي ايندو آهيان، ڪڏهن خواهش ناهي هوندي ڪڏهن پئسا ناهن هوندا. غلام رحيم بليدي پوسٽ شيئر ڪئي ته ڪيئن چوان ته ٿڪجي پيو آهيان مان، نه ڄاڻ ڪيترن جو حوصلو آهيان مان. غلام قادر جتوئي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پورھيت جو عالمي ڏينھن پورھيت ڪم ڪندي گذاري ٿو کيس خبر ئي ناھي ته دنيا ۾ سندس ڏينهن به ملھائجي ٿو. ايڊووڪيٽ سجاد ڪانڌڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هي هوٽلن، گيراجن، دڪانن ، اسٽورن، بٺن ۽ زمينن تي ڪم ڪندڙ “ڇوٽو” دراصل پنهنجي گھرن جا وڏڙا هوندا آهن_ جن جي پگهر سان سندن گھرن جو چرخو هلندو آهي. اخلاق جوکيو پوسٽ شيئر ڪئي ته پورهيتن جو عالمي ڏينهن : پورهيتن کان سواءِ باقي سڀني جي موڪل جو ڏينهن، اياز حيدر پتافي پوسٽ شيئر ڪئي ته شڪاگو جي شھيدن کي سرخ سلام پيش ڪريون ٿا. شهزادي راءِ به مزدورن جي ڏينهن جي حوالي سان پوسٽ شيئر ڪئي.