اشو آف دي ڊي … مريم نواز جي 100 ڏينهن جي ڪارڪردگيءَ: پنجاب حڪومت کي پئسن عيوض ورتل تعريفون ڳچيءَ ۾ پئجي ويون: فنڪارن ۽ سوشل ميڊيا انفلوئنسرز جي راءِ

0
19

 پنجاب جي وزيراعليٰ طور مريم نواز جي مدي جا 100 ڏينهن مڪمل  ٿيڻ تي مريم نواز جي حق ۾ اخبارن، ٽي وي چينلز ۽ سوشل ميڊيا تي مشهوري مهم شروع ڪئي وئي، سوشل ميڊيا تي وڊيوز ۽ وي لاگز هلرايا ويا. مختلف فنڪارن ۽ انفلوئنسرز پاران مريم نواز جي حمايت ۾ وڊيوز ۽ مواد شيئر ڪيو ويو، جنهن بعد حڪومت سان گڏ اهي پاڻ به تنقيد جو شڪار ٿي ويا.

ان حوالي سان ڪيترن ئي انفلوئنسرز ۽ پي ٽي آءِ جي حمايتن الزام هنيو آهي ته اهي وڊيوز پنجاب حڪومت وڏي پئماني تي پئسا ڏئي مشهوري مهم طور ٺهريا آهن، سوشل ميڊيا تي ڪيترائي صارف ڄاڻايل فنڪارن ۽ سوشل ميڊيا تي انفلوئنسرز کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن ۽ انهن جي ڊرامن جو بائيڪاٽ ڪرڻ ۽ ان فالو ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن.

موجوده ڊجيٽل دور ۾، انٽرٽينمنيٽ، ميڊيا ۽ سياست هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. لکين پوئلڳن سان گڏ اداڪار ۽ سوشل ميڊيا انفلوئنسرز انهن جي پوئلڳن تي اهم اثر رکن ٿا ۽ ڪنهن به قسم جي سياسي بيانيي يا عوامي راءِ کي جوڙڻ يا بگاڙڻ جو هٿيار بڻجي ويا آهن

مختلف پليٽ فارم جهڙوڪ انسٽاگرام، ٽوئيٽر، ٽِڪ ٽاڪ ۽ يوٽيوب انهن مشهور شخصيتن کي روايتي ميڊيا کان هٽي سڌي ريت عوام سان جوڙن ٿا، بهرحال، فنڪارن ۽ انفلوئنسرز لاءِ سوشل ميڊيا تي ڪنهن به پارٽيءَ جي سياسي بيانيي لاءِ پنهنجي پسند يا ناپسند جو اظهار ڪرڻ آسان ناهي ۽ انهن جي تبصرن کي سخت تنقيد جو منهن به ڏسڻو پئجي سگهي ٿو. ڪيترن ئي فنڪارن کي ماضي ۾ پنهنجا سمورا سوشل ميڊيا پروفائيل هٽائڻا پيا.

ان سلسلي ۾ سڀ کان اهم شيءِ شفافيت آهي يعني انهن شخصيتن لاءِ ضروري آهي ته هو پنهنجن فالورز کي خبر ڏين ته وڊيو پيڊ مواد آهي يا نه. اهڙي صورت ۾ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا واقعي فنڪارن ۽ انفلوئنسرز کي پنجاب حڪومت پاران ان مشهوري مهم لاءِ استعمال ڪيو ويو يا اها سندن ذاتي راءِ هئي؟

فنڪارن ۽ انفلوئنسرز ۾ ڪير ڪير شامل هو ۽ وڊيوز ٺاهيون؟

پنجاب حڪومت جي ان مشهوري مهم ۾ ياسر حسين، عائشه عمر، صبور علي، صنم سعيد، عروه حسين، ميڪال ذوالفقار، صبا فيصل، آئمه بيگ ۽ جنيد اڪرم جهڙا ڪجهه بلاگرز انهن ۾ شامل آهن، جن پنجاب حڪومت جي مختلف قدمن کي ساراهيو.

اداڪارا سجل علي پنجاب ۾ تعليم جي شعبي ۾ سڌارن جي تعريف ڪندي چيو آهي ته ڊجيٽل اسڪلز سيکارڻ جي سڄي پاڪستان ۾ ضرورت آهي. اداڪارا ۽ ماڊل عائشه عمر مريم نواز جي اقليتن جي تحفظ ۽ وڻ پوکڻ جي قدمن کي ساراهيو آهي.

اداڪارا عروه حسين عورتن جي تحفظ لاءِ شروع ڪيل منصوبن کي ساراهيو جڏهن ته صنم سعيد صحت جي شعبي ۾ ڪيل سڌارن جهڙوڪ مفت دوائون ۽ ايئر ايمبولينس، ٽراما سينٽر وغيره کي ساراهيندي نظر آئي.

ياسر حسين صاف پنجاب مهم ۽ ميڪال ذوالفقار 64 ارب جي ڪسان پيڪيج، ڪسان ڪارڊ ۽ سولر پينلز جي ڳالهه ڪئي. جڏهن ته عائشه، ياسر ۽ ميڪال پنهنجي وڊيوز تي تبصرا بند نه ڪيا.

اهڙي قسم جي اشتهاري مهم ڪا نئين ڳالهه ناهي، ماضي جي حڪومتن به عوام تائين پيغام پهچائڻ لاءِ انفلوئنسرز کي استعمال ڪيو آهي، ان مقصد لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت به هڪ سوشل ميڊيا سيل قائم ڪيو هو، جنهن ۾ ’سوشل ميڊيا انفلوئنسرز ‘ کي استعمال ڪيو ويو جيڪي انٽرن شپ ۽ معاوضي جي بنياد تي ڀرتي ڪيا ويا.

اهو پيڊ مواد هو ۽ ٻئي پيڊ مواد وانگر ورتو

اداڪارا صبا فيصل به انهن فنڪارن ۾ شامل آهي جن وڊيوز ٺاهيون. هوءَ پنجاب حڪومت طرفان ڪسان ڪارڊ ۽ زرعي سڌارن جي ڳالهه ڪري رهي آهي ۽ مريم نواز جو شڪريو ادا ڪري رهي آهي.بي بي سي سان ڳالهائيندي اداڪارا صبا فيصل تصديق ڪئي ته پنجاب حڪومت جي پرفارمنس وڊيوز ’پيڊ پروموشن‘ آهن. هن چيو زراعت واري حصي تي مون کي وڊيو ٺاهڻ لاءِ چيو ويو ۽ اهو پيڊ مواد هو، ان کان اڳ به مريم نواز لاءِ مون وڊيو ٺاهي هئي پر سمجهه ۾ ڳالهه نه آئي ته هن ڀيري ايترو گوڙ ڇو آهي،  مون کي گاريون ڏنيون ويون ته پئسا وٺي اهڙو ڪم ڪريو ٿا

صبا فيصل چيو ته اسان فنڪار ماڻهو آهيون ۽ جيڪڏهن مان پنهنجي باري ۾ ڳالهائيندس ته مان تمام غير جانبدار آهيان ۽ هڪ فنڪار کي غير جانبدار هجڻ گهرجي ڇو ته اسان جو فن سڀني لاءِ آهي. هوءَ چوي ٿي ته ”مون 11 سالن تائين پي ٽي وي تي خبرون پڙهيون ۽ ان دور ۾ ٽي ڀيرا پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت آئي ۽ ٽي ڀيرا مسلم ليگ ن جي حڪومت آئي.

صبا  چيو ته ان وقت مان اها وڊيو ٺاهڻ نه پئي چاهي ۽ تمام گهڻو چيو ۽ ان کان اڳ صبور علي ۽ ميڪال ذوالفقار جي وڊيو به ڏٺي هئي ان ڪري مون به ڏٺو ته  اهڙو ڪم ڪيو وڃي پنجاب ۾ ٿي رهيو آهي، ٿيڻ گهرجي.هن چيو ته مان اهو نه ٿي چئي سگهان پر اهو پيڊ مواد هو ۽ مون ان کي ٻين پيڊ مواد وانگر ورتو، مون اهو نه سوچيو ته ڪو ان تي اهڙو ردعمل ايندو، ان وڊيو کي ڊيليٽ ڪرڻو پيو. پر پئسن جي ڪري ٻيهر وڊيو اپلوڊ ڪئي.

مريم نواز جي 100 ڏينهن جي ڪارڪردگي بابت آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ پنجاب حڪومت فنڪارن جو سهارو ڇو ورتو ۽ ان حڪمت عملي پٺيان ڪهڙي سوچ هئي؟

پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري ان ڳالهه کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته اهو مواد پئسا ڏئي هلرايو ويو،  هن چيو ته فنڪارن پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي ۽ جيڪي به مٿن پيڊ مواد جا الزام لڳائي رهيا آهن انهن کي پهريان اعتراف ڪرڻ گهرجي ته اهي به پيڊ مواد ٺاهي رهيا آهن.

عظميٰ بخاري چيو ته حڪومت وڊيوز ٺاهڻ لاءِ انهن اداڪارن يا سوشل ميڊيا انفلوئنسرز سان نه رابطو ڪيو ۽ نه ئي ڪو معاوضو ڏنو. هنن جيڪو ڏٺو ان جي باري ۾ وڊيو ٺاهي. عظميٰ بخاري چيو ته تنقيد اهي ڪري رهيا آهن جن جو وزيراعظم صبح جو سڀ کان پهرين ٽِڪ ٽاڪرز سان ملاقات ڪندو هو. اداڪار به هن ملڪ جو حصو آهن ۽ جيڪڏهن کين ڪجهه بهتر نظر اچي ته انهن کي ڳالهائڻ جو حق آهي“.ان کان اڳ به اهي اداڪار ۽ فنڪار عمران خان جي حڪومت بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندا رهيا آهن ته هن ڀيري ايتري تڪليف ڇو آهي؟

“حڪومت سان ڪم ڪريو، پر ھڪ طريقو هوندو آھي.”

سوشل ميڊيا تي اهڙيون وڊيوز به شيئر ڪيون پيون وڃن جن ۾ مختلف فنڪار ۽ انفلوئنسرز اها دعويٰ ڪري رهيا آهن ته پنجاب حڪومت پاران پنج کان 10 لک رپيا معاوضي عيوض مريم نواز جي ڪارڪردگي بابت تعريفي وڊيو ٺاهڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو

انهن وڊيوز ۾، اداڪار ۽ ويلاگرز جيڪي مبينا طور تي آڇون رد ڪندڙ آهن اهي آڇون قبوليندڙن مٿان تنقيد ڪري رهيا آهن ۽ تعريفي وڊيوز ٺاهيندڙن کي پئسن تي وڪامندڙ فنڪار قرار ڏئي رهيا آهن.د

اهڙو ئي هڪ ولاگر حمزه ڀٽي دعويٰ ڪري ٿو ته هن کي مسلم ليگ ن طرفان پروموشن لاءِ ڪال آئي، جنهن ۾ هن کي اهو به مشورو ڏنو ويو ته هو تبصرا بند ڪن، جنهن کان انڪار ڪري ڇڏيو ، ڇاڪاڻ ته ’مان اهو آهيان جيڪو وڪاميو ناهيان‘. حمزه پاران بعد ۾ اهڙي پوسٽ هٽائي وئي،

انهن مان ڪيترن ئي اداڪارن ۽ وي لاگرز کي سخت تنقيد کانپوءِ ڄاڻايل وڊيوز کي ڊليٽ ڪرڻو پيو.

مسٽا پاڪي جي نالي سان مشهور سوشل ميڊيا انفلوئنسر بلال حسن ان سڄي صورتحال کي پي آر ڊزاسٽر جو نالو ڏنو، هن کلندي چيو ته جنهن به هن پينل کي چونڊيو آهي، هن ڪراچي مان 80 سيڪڙو مشهور شخصيتن کي ڇو چونڊيو؟. اسان کان هتي پنهنجي حڪومت نه پئي سنڀالجي، پنجاب جي ڳالهه ڪري رهيا آهن.

بلال حسن دعويٰ ڪئي ته آئون انهن انفلوئنسرز ۾ شامل آهيان جن سان مشهوري مهم لاءِ رابطو ڪيو ويو پر مون انڪار ڪيو

انسٽاگرام تي پوسٽ ڪيل هڪ وڊيو ۾، بلال ڳالهه ڪري ٿو ته مواد ٺاهيندڙن کي حڪومتن سان گڏ ڪم ڪرڻ گهرجي يا نه.

هن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن مان اها 100 ڏينهن جي وڊيو ڪريان ها ته چوان ها، ”ڇا توهان مون کي ٻه هفتا ڏيندا ته مان پنجاب ۾ گهمي عام ماڻهن سان ڳالهائي سٺو ۽ خراب ڏيکاريان، هن چيو ته ڪم جو به هڪ طريقيڪار هوندو آهي. منزه انوار…(بي بي سي تان ورتل)