اشو آف دي ڊي … ماهه رنگ بلوچ جو ڪراچي بابت بيان: سنڌ واسين جو شديد ردعمل

0
25

 بلوچ اڳواڻ ماهه رنگ بلوچ چيو آهي ته ڪراچي بلوچستان ۽ بلوچن جو سڀ کان وڏو شهر آهي جنهن تي سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ڏنو ويو، ان سلسلي ۾ مجاهد حسين سيد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته افسوس ! نياڻي کي مليل عزت ۽ اجرڪ جي عظمت راس نه آئي، جنهن تي نجم جتوئي لکيو ته قبلا معاملو تمام پراڻو آھي بلوچن ھميشه ڪراچي ، جيڪب آباد ۽ ڪشمور تائين دعويدار آهن بلوچن کي سندن تاريخ وري ٻيھر پڙھڻ کپي ، نواب خير بخش مريءَ سان به اھا ڳالھ ٿيل آھي جنھن واضح طور تي موقف ڏنو ھئو ته في الوقت اسان جو ساڳيو دشمن آھي جنھن کي گڏجي شڪست ڏينداسين ۽ بلوچستان ۽ سنڌ جون موجوده سرحدون آھن اھي برقرار رکنداسين جيڪو ان معاملي تي ڳالھائيندو اھو رياست جو پگھاردار سمجھو ويندو اھو سنڌين ۽ بلوچن سڄڻ ناھي ….

                         فقير جبل سنڌي لکيو ته هن ٽائيم ائين چوڻ سهي ناهي هن ٽائيم هو به مظلوم اسين به مظلوم، شاهزيب امير چنا لکيو ته ڪراچي سنڌ جو ڪيپيٽل آهي، ڪراچي سنڌين جو آهي، ماجد سمون لکيو ته ماھ رنگ کي سنڌي ميڊيا مٿي تي کنيو ھاڻي اصل رنگ ٿي ڏيکاري، جنهن تي عرفان علي شاهه لکيو ته جنهنکي گهڻي عزت ڏيندئو اهو ڳيچي ۾ پوندو آهي، ڪرڪيٽر ڏهاڻي به ايئن ئي ڪيو،

امداد سومرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته آمريڪي ۽ انڊين پراڪسيز کي سنڌين جي جذبات جو خيال ڪرڻ گهرجي…. اسان ھر مظلوم سان گڏ بيھون ٿا ته ان جو مطلب اهو ناهي ته ڪير به اچي اسان جي ڌرتي تي وارثي جو اعلان ڪري….ڪراچي، سنڌ آهي ۽ سنڌ ڪراچي آهي… جنهن تي هادي بخش لکيو ته ماهه رنگ بلوچ کي شهيد بينظير ڀٽو وانگي نياڻي سمجهي سندس عزت ڪئي آ سو هو سنڌ اچي گهمي ڦري رهي سگهي ٿي پر سنڌ جي وارثي صرف سندس ڪمزور ذهينت جي نشاندهي ڪري ٿي باقي ٻيو ڪجھه نه،

نصرالله جمالي لکيو ته ڪراچي اسان جي رڳ ۾ سمايل آهي ڪراچي عظيم سنڌ جو قديم شھر آھي جڏھن ته لسٻيلو، ڊيرا مراد جمالي، سبي ۽ اوسته محمد به سنڌ پرڳڻي جا شھر آهن.ستار سروهي لکيو ته سنڌ سنڌين جي آهي ۽ ڪراچي سنڌ جي ماٿي جو جهومر، عبدالهادي سومرو لکيو ته ڪراچي سنڌ جي دل آهي ۽ دل ئي رهندي، اختيار احمد ڪلهوڙو لکيو ته اسان کي فخر آھي ته اسان پنج هزار سال پراڻي سنڌو تهذيب جا وارث آهيون . سنڌ سموري دنيا جي تهذيبن جي ماءُ آهي. سنڌ وطن آهي . جيئي سنڌ جيئي لطيف، ذوالفقار سولنگي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته منھنجي خيال ۾ ماھه رنگ ھيئن چوڻ چاھيو آ ته ڪراچيء ۾ وڌ ۾ وڌ بلوچ رھن ٿا ، مثال طور اگر ڪراچي جي آبادي ٽي ڪروڙ آ ته اگر ڏھه سيڪڙو بلوچ ھجن ته به ٽيھه لک ٿيا ، جيڪي ڪوئيٽا سميت ڪٿي به ناھن، درمحمد پٺاڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مائي ماھه رنگ جي ھڪڙي غلط بيان هزار واندن اديبن کي فيس بوڪ تي زنده رهڻ جو جواز پيدا ڪري ڏنو آهي، کين موضوع ملي ويو، ماڻڪ ايس ڪنگراڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچي سنڌ آهي ۽ سنڌ تي قبضي جا خواب گهڻن ڏٺا آهن، ڊاڪٽر ماهه رنگ پهريان ڪوئيٽا کي آزاد ڪرائي، ڪراچي جو فڪر نه ڪري، سنڌي ۽ بلوچن وچ ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، جنهن تي جاويد علي رند لکيو ته ھي ڪراچي تي َبضو ڪونه ڪرڻ چاھي ٿي ،ڪراچي ۾ پھريان ئي مھاجر، پنجابي، پٺاڻ، ھزارھ وارا، برمي ۽ بنگالين جو ھولڊ آھي ۽ ھن کي جيڪي چيلينج آھن انھن کي منھن ڏيڻ لاءِ پنھنجي جماعت وارن کي ھڪ ڪرڻ لاءِ بيان ڏئي پئي، اسلم خواجه پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بلوچن جي حق آزادي لاءِ پنهنجي سموري حمايت باوجود مان ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ جي ڏنل ان بيان جي ڪڏهن حمايت نٿو ڪري سگهان جنهن ۾ هن ڪراچي کي بلوچستان جو شهر قرار ڏنو آهي، ورثا پيرزادو به اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي جنهن تي جاويد بوزدار لکيو ته شايد هنن کي تاريخ اها ٻڌائي وئي آهي جنهن تي هنن به ڳنڍ ٻڌي آهي. اهو به احساس نه اٿن ته ان سان هو پاڻ کي نقصان ڏيندا. ڪراچي ته ڇا هنن کي هڪ سوت به نه ملندو. اهو نه وسارڻ گهرجي ته سنڌ سبي، قلات، لسٻيلي تائين رهي آهي. انعام الله شيخ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچي ۾ سنڌين جي موجودگي ڪنهن کي نه ٿي وڻي،تنهنڪري سندن تڪليف سمجھه جوڳي آ. ماهه رنگ پهرين ڪوئيٽا کي پٺاڻن کان وٺي،پوءِ ٻي ڳالهه ڪري.برڪت نوناري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته  پوري بلوچستان ۾ صرف چاليھه لک بلوچ آهن صرف ڪراچي شهر ۾ ويھه لک بلوچ رهن ٿا، جيڪڏهن ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ چوي ٿي ته پوري دنيا ۾ بلوچن جو سڀ کان وڏو شهر ڪراچي آهي ته ان حقيقت کان انڪار ڪيئن ڪري سگهجي ٿو؟ ڪابل ۾ صرف پنج لک پٺاڻ رهن ٿا، پشاور ۾ صرف ست لک پٺاڻ رهن ٿا، صرف ڪراچي شهر ۾ اسي لک پٺاڻ رهن ٿا ته پوءِ توهان ان حقيقت جو انڪار ڪيئن ڪري سگهو ٿا؟ ممبئي مهاراشٽر جي گادي جو هنڌ آهي جنهن ۾ مراٺي صرف ٽيھه سيڪڙو رهن ٿا، حيدر آباد دکن تلنگانا جي گادي جو شهر آهي جنهن ۾ تيلگو صرف ويھه سيڪڙو آهن. چندي ڳڙھه هرياڻا ۽ پنجاب جي گادي جو گڏيل شهر آهي جنهن ۾ پنجابي پندرهن سيڪڙو ۽ هرياڻوي ڏھه سيڪڙو آهي پر هندي سٺ سيڪڙو آهي. ڪنهن به ملڪ يا صوبي جي گادي جي ڪنٽرول جو مدار سياسي طاقت تي هوندو آهي. بدقسمتي سان ڪراچي شهر جي سياست ۾ سنڌين جي ڪا به سياسي تنظيم ڪونهي. مختيار عباسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بلوچ قوم پرست ماھه رنگ چوي ٿي ته ڪراچي بلوچن جو وڏي ۾ وڏو شھر آھي !! ماھه رنگ جو اھو بيان بلوچ شائونزم جي ترجماني ڪري ٿو،اسان جا ڪيترائي دوست اڃا ھن ڳالھه کي نه پيا سمجھن ڊاڪٽر ماھه رنگ بلوچ جو بيان سڀ ڪجھه شعوري عمل جو حصو آھي، ماه رنگ بلوچن جي هڪ نئين سوچ جي عڪاسي ڪري رهي آھي،  انهي بيان جي مذمت ڪجي ٿي،

ڪراچي مھاجرن جو وڏي ۾ وڏو شھر آھي: الطاف حسين سال 1988

ڪراچي پختونن جو وڏي ۾ وڏو شھر آھي: شاھي سيد سال 1990

ڪراچي بلوچن جو وڏي ۾ وڏو شھر آھي:  ماھه رنگ بلوچ 2025

ھي اھي بيان آھن جيڪي مخلتف وقتن تي ايندا رهيا آھن

اسان جا سياسي طور نابالغ دوست پنھنجي مفادن خاطر مٿين ليڊرن کي سپورٽ ڪندا رھيا آھن، افسوس جو مقام ته اھو آھي جو ڪالھه بلوچ اڳواڻ ماھ رنگ بلوچ جي بيان کي به ڪجھه سنڌي سپورٽ ڪري رھيا آھن ، مون کي تڪليف الطاف حسين ، شاھي سيد يا ماھه رنگ بلوچ تي ناھي ، مون کي افسوس انھن معصوم ۽ سياسي طور نابالغ سنڌي دوستن تي آھي جيڪي ماھه رنگ بلوچ جي طرفداري ڪري رھيا آھن، آخري سٽون ، ڪن کولي ٻڌو!! ڪراچي ڪالھه به سنڌين جو وڏي ۾ وڏو شھر ھيو ڪراچي اڄ به سنڌين جو وڏي ۾ وڏو شھر آھي ۽ ھميشه رھندو.