سنڌ ۾ قومپرستن کي اليڪشن ۾ شڪست کانپوءِ سوشل ميڊيا تي نئون بحث شروع ٿي ويو، قوم کي ميارون ڏنيون ويون اتي وري قومپرستن لاءِ سڌاري جون تجويزون به ڏنيون ويون، ان حوالي سان دودو چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پنجاب اسٽيبلشمينٽ جو فيصلو رد ڪيو ۽ اسان سنڌ وارن پنج هزار وڏيرن جي ٺهيل گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو فيصلو قبول ڪيو…غريب سنڌي عوام کي برياني تي ووٽ ڏيڻ جا طعنا هڻڻ بدران اچو ته ان حقيقت کي به تسليم ڪريون ته سنڌي قوم جي فڪري رهبرن سائين جي ايم سيد ۽ رسول بخش پليجي اليڪشني نظام کي ڍونگ قرار ڏئي ان کان ڪنارا ڪشي ڪئي، جنهن ڪري سنڌ ۾ جيڪو متبادل سنڌ دوست اليڪشني ڪيڊر پيدا ٿئي ها، اهو نه ٿئي سگهيو، هيٺين ۽ وچولي سنڌ دوست طبقي کي مسلسل اليڪشني نظام جي پريڪٽس ۾ رکجي ها ته هي نتيجا نه اچن ها، جيڪي اڄ آيا آهن.. جنهن تي فاضل رشيد چانڊيو لکيو ته ھاڻي سنڌين تي ترس کائڻ بيوقوفي آهي..زارا چانڊيو سائل پيرزادو به پوسٽ سان اتفاق ڪيو، ابوالحسن لطيفي به ردعمل ڏنو، محبوب علي کوسو لکيو ته سنڌ ۾ رهندڙ سردارن ڀوتارن سنڌ سان ظلم ڪيو، سچل ڀٽي لکيو ته وڏيرن سان گڏ انهن جا واٺا به آهن، نثار لغاري لکيو ته سنڌ جي وڏيري ۽ ڪرپٽ مڊل ڪلاس جو اسٽيبلشمينٽ سان بارگينگ وسيلي مفاد حاصل ڪرڻ واري ڪمپني جو نالو پ پ آھي، پپو هاليپوٽو لکيو ته سنڌ ۾ انقلاب تاحيات ڪونه ايندو، ابرابر جسڪاڻي لکيو ته قوم کي معيار ۽ مهڻا نه ڏيڻ گهرجن، اسان جو ماڻهو اڃان برادري سسٽم ۾ ڦاٿل آهي برادري سسٽم کان ۽ ذاتي مفادن کان ماڻهن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ پنج سال نئين سر جدوجهد لاءِ مليا آهن …هار ۾ به جيت سمجهو، عاشق علي لکيو ته اسان غلامي جا عادي ٿي ويا آهيون، صلاح الدين سومرو لکيو ته اسان ايندڙ نسل تائين غلام آهيون، خدا بخش بليدي لکيو ته توهان جهڙو باشعور ماڻهو اها ڳالهه ڪري ته حيرت ٿئي ٿي، اسٽبلشمينٽ ڪڏهن ناهي هارائيندي اها گيم عام ماڻهو جي سمجهه کان ٻاهر آهي، منظور حسين لکيو ته جي ڊي اي جي گڏيل اتحاد پاران پ پ جھڙي مضبوط جماعت خلاف ڪا حڪمت عملي تيار ٿيل نه رھي… ورڪ لاءِ خود پير پاڳارو به وڏن شهرن تائين نه نڪتو. اميدوارن جھڙوڪر پنهنجي مڙسي سان ورڪ ڪئي… منظم نه ھئا. لڳي ٿو دال ۾ ڪو اڇو ھو. سنڌ ۾ پ پ کي ڪليئر لائين ڏني وئي.. سنڌ ۾ اتحادن جو اثر نه پئي نظر آيو. جنهن ڪري عوام /ووٽر کي پنهنجي حق ۾ ڪري نه سگھيا.. عوام به ڏک سور تڪليفون دردبدريون.. گيس بجلي مھانگائي کي وساري پ پ اميدوارن جي ڪارڪردگي جانچڻ بنا ووٽ ڏئي ڇڏيا.بهار علي ڪپري لکيو ته هن اليڪشن ۾ ثابت ٿيو ته پنجابي ۽ پٺاڻ بهادر ۽ آزاد ماڻهو آهن، اسان غلامي پسند آهيون، باغي ٿهيم لکيو ته اھيو سنڌين جو فيصلو آھي ڪونه، اليڪشن ڪميشن جي ڪميشن جو فيصلو آھي، حضور بخش لکيو ته سنڌين جي ڪجهه وقت کانپوءِ روئڻ کي ٻڌجو، علي غلام لکيو ته ھاڻ پاڻ وارا سنڌي چوندا جاڳ ڀٽائي گھوٽ توکي سنڌڙي پئي سڏ ڪري، پير بخش ٻٻر لکيو ته پ پ وارن کي سنڌ اليڪشن ڪميشن اڳ ۾ ئي تير تي ٺپا ھڻي ھزارين بيلٽ پيپر موڪليا جيڪي لياري کان دادو ضلعي تائين مخالف اميدوارن پڪڙي پڌرا ڪيا، عزيز راج پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مقابلا سنڌ ۾ به سٺا ٿيا، پ پ وارن وڏا زور لڳائي سيٽون کٽيون، ھارايل اميدوار پنج سال عوام سان رابطي ۾ رھن ضرور ڪامياب ٿيندا، اسد ممتاز رڏ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بلاول سان لاھور ۾ ائين ٿي آھي، جئين اياز پليجي سان حيدرآباد ۾ .اخلاق بخاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اگر پ پ ۽ آزاد اميدوار گڏ ٿين ٿا ته چئني صوبن ۾ اتحادي حڪومت ٺاهي سگهن ٿا. اگر نون ليگ ۽ آزاد اميدوار گڏ ٿين ٿا ته ڪي پي ڪي، پنجاب، بلوچستان ۽ وفاقي حڪومت ٺاهي سگهن ٿا. سموري گيم جا مين پلر آزاد اميدوار نظر اچڻ لڳا. مومل پنهور لکيو ته قومپرستن سٺي ورڪ ڪئي انهن سٺو مقابلو ڪيو مقابلو ڪرڻ تي کين مبارڪباد ڏيان ٿي،کين ايندڙ وقت لاءِ اڃان وڌيڪ تياري ڪرڻ گهرجي اڃان تائين هو عوام جو اعتماد پوري طرح حاصل ناهن ڪري سگهيا کين عوام جو اعتماد حاصل ڪرڻو پوندو، شانل کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اڄ مارڪيٽ ۾ هلڻ وارو پيغام، هارجي وڃڻ شڪست ناهي، وڪامجي وڃڻ وڏي ۾ وڏي شڪست آھي، پنهنجي نظريي تي ڄمي بيھي رھڻ اھا توھان جي ڪردار جي فتح ھوندي، محسن خاصخيلي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ واسين کي تبديلي قبول ناھي، اياز پليجو، زين شاھه ڇا ڇا نه ڪندا آهن؟؟ ھر محاذ تي قوم جي ڳالھه پوءِ به قوم کي اھي نظر نه ايندا آھن، جميل گاد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته قوم هنن سنڌ دوست ليڊرن کي هارائي پنهنجي تباهي جي ڪاغذ تي ٺپو هنيو آھي،نئين صف بندي ٿيڻ ڏيو ڏسو ڪيئن ٿا پ پ وارا سنڌ کپائن ! پوءِساڳيا لفظ سنڌين جي زبان تي هوندا ته قومپرست ڪٿي آھن !؟ رشيد سڌايو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ليڊر ماتم ناهن ڪندا، انقلاب لاءِ ميدان سجائيندڙ کي ليڊر چئبو آھي، ڏسون ته سنڌ ۾ ليڊر ڪير ٿو ثابت ٿئي، گذريل ڪالھه تي ماتم نه کپي، سنڌ کي انقلاب کپي.