اشو آف دي ڊي … فاطمه ڦرڙو ڪيس ڪٿي پهتو؟ سوشل ميڊيا سوال اٿاري ڇڏيو، انصاف جو مطالبو

0
36

  فاطمه ڦرڙو ڪيس ڪٿي پهتو؟ سوشل ميڊيا تي سوال اٿاريو ويو ۽ فاطمه ڪيس ۾ انصاف جو مطالبو ڪيو ويو، ان حوالي سان حسين مسرت پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته فاطمه جنسي زيادتي ۽ قتل بابت ڪجھه سوال، فاطمه ڪيس جي جاچ ڪٿي پھتي ؟ اسد شاھ جي ڊي اين ڪڏھن ظاھر ٿيندي ؟ رپورٽ ڪڏھن ايندي؟ پوليس ۾ حنا شاھه ۽ فياض شاھه کي گرفتار ڪرڻ جي صلاحيت ۽ ھمٿ نه آھي؟ اسد شاھه جو موبائل ڊي ڪوڊ ٿيو يا نه؟ جنهن تي رفيق ملاح لکيو ته لڳي ٿو فاطمه به وسري ويندي، فضل انڍڙ لکيو ته افسوس، گندا ڪم ان ڪري پيا ٿين جو نظام گندو آھي. تحفظ ڏيڻ وارا ادارا پاڻ بدامني ۾ ملوث آھن. انصاف ڏيڻ وارا ظالمن جا سرپرست ۽ مددگار آھن. قوم کي باقاعده اھڙين ڌرين سان وڙھڻو پوندو . دلدار علي لکيو ته ھمت ڪيو آواز اٿاريو نه ته ردي جي ٽوڪري ۾ ويندي رپورٽ، سڪندر علي خاصخيلي لکيو ته ڪجھه نه ٿيندو اسان جو سماج جا وڪامي چڪو آهي ھتي طاقتور ور ماڻهون وٽ پيسو آ سڀ خريد ٿي ويندو آهي بند ڪمرن ۾ اسان سنڌي قوم جو پيسن جو ٻوليون لگنديون آھن انڌن گونگن جو سماج آهي ڪا اميد ڪنهن ۾ نه آ قانوني نالي ڪجھه نه آھي ھتي اسان ڀلي بک مرون پر انصاف ته ڏيو پر نه قانون خود وڪامي ويندو آهي، محمد عالم مغل لکيو ته هي معاملو دٻجڻ نه گهرجي، نيلم احمد بشير به ردعمل ڏنو، ارشاد هادي لکيو ته سڄو ڪم پئسي سان روڪيو ويندو آهي. اسحاق ساگر ڀٽي لکيوته پوليس ڳري رشوت عيوض پيرن جي ونگارو بڻيل آهي، بااثر ڌريون معصوم فاطمه جي ڪيس تان ڌيان هٽائڻ لاءِ هٿرادو نوان اشو پيدا ڪري رهيا آهن، سنڌ جو شعور هنن جي سازشن کي ناڪام ڪري فاطمه ڦرڙو کي سزا ڏيارڻ لاءِ جدوجهد جي ميدان ۾ رهن، سارنگ سنڌي لکيو ته موبائل ڊي ڪوڊ نه ٿيندو، ڪامورن جا چهرا ان ۾ آهن، شفقت علي قاضي لکيو ته بس پئسي جو ڪمال آ ڪيئن ڪوڊ کلي، سنجي ڪمار لکيو ته نه چاھيندا تي ڪوڊ کلي، اختر علي لکيو ته ڪوڊ نٿو کولڻ ڏي، اياز سنڌي لکيو ته ڪا خبر ناهي عوام جو توجھه انهي ڪيس تان هٽجي ويو آهي، شاهد سومرو به ردعمل ڏنو، ڊاڪٽر صاحب اوڏ لکيو ته همت ته اٿن پر غريبن لاءِ جي ڪو طاقتور آهي ته پوءِ انهن لاء ٻيو معيار اٿن. ڇو ته پوليس آفيسر طاقتور جا سهولتڪار بڻيل آهن. هيترو به نه ٿئي هان جي سول سوسائٽي رڙ ڪوڪ نه ڪري هان. هان به ڪوشش اٿن ته ڪيس کي سرد خاني حوالي ڪيو وڃي. نجمه پنهور لکيو ته سنڌ پوليس ۽ قانون کي ڪجهه به ڏسڻ ۾ ڪونه پيو اچي ته ڇا ڪن غريبن جي نياڻي کي ايڏو بيدردي سان ماريو ويو، ايڏي ويساهه گهاتي ڪنهن ملڪ ۾ ڪونه هوندي، زاهده ڏاهري به پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته فاطمه ڪيس جي جاچ ڪٿي پھتي ؟ اسد شاھه جي ڊي اين ڪڏھين ظاھر ٿيندي ؟  رپورٽ ڪڏھن ايندي ؟ جنهن تي نياز گاد لکيو ته اسد شاھه جي ڊي اين اي رپورٽ ڪونه ايندي، عارف کوکر لکيو ته سوشل ميڊيا تي ڪافي حد تائين ماٺ ميٺ آھي وري آواز اٿارڻ لاءِ ھڪ آواز ٿيڻو پوندو، الهداد خان رند به ردعمل ڏنو، ساجد علي ميراڻي لکيو ته فاطمه سان انصاف نه ٿيو، سجاد حسين ڪلوڙ لکيو ته غريب مسڪينن کي انصاف ملڻ تمام مشڪل آهي، سعيده سحر سولنگي لکيو ته وڪيل به پ پ جا آهن، عبد سنڌي لکيو ته هي قتلستان آهي، بشير لاشاري لکيو ته ھي نياڻي انصاف جي منتظر آهي، سهيل ڪلوڙ لکيو ته فاطمه سان انصاف ڪيو وڃي، مبين اڄڻ لکيو ته پئسي سان ھر شي وڪامي وئي