ڪئنال رٿا ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي خلاف سوشل ميڊيا تي به جدوجهد ڀرپور انداز ۾ جاري آهي، سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته رڳو ڪئنال رٿا رد ناهي ڪرائڻي پر ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبو به ختم ڪرائي ان منصوبي لاءِ ڏنل زمينون به واپس ڪرائڻيون آهن. ان حوالي سان ايڊووڪيٽ امر حسيب پنهور پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ھڪ ڳالھه ياد رکو ڪارپوريٽ فارمنگ ڪئنالن کان وڌيڪ خطرناڪ منصوبو آھي، درياءَ کانسواءِ ڪيتريون ئي رياستون قائم آھن، ليڪن زمين نه ھوندي ته اسانجو حال فلسطين وارو ھوندو.ان لاءِ 6 ڪئنالن سان گڏ ڪارپوريٽ فارمنگ به اسان لاءِ اھم مسئلو آھي. جنهن تي ذيشان انڍڙ لکيو ته ادا ست ڪروڙ سنڌي عوام جو نظرون ٻٻرلوءِ ۾ آهن جيستائين جدوجهد ڪامياب نٿي ٿئي  تيستائين جدوجهد جاري رھي. مظهر رند لکيو ته سئو سيڪڙو متفق، بس ٽرمينالاجي ۾ واڌارو ڪيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي قبضو، سفير حسين ڪربلائي لکيو ته ڌرڻو زمينن جي رد ٿيڻ کان سواءِ ختم نه ٿيندو، ھي فقط ڌرڻو ناھي پر سنڌي قوم جو مڪمل ويساهه ۽ اعتماد آ اگر ائين ڌرڻو ختم ٿي ويو ته سنڌي قوم ۾ وري ڪڏھن اعتماد پيدا نه ٿيندو، امجد لغاري لکيو ته ڌرڻو ايستائين ختم نه ٿيڻ گهرجي جيستائين ڪئنالن سان گڏ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ليز ٿيل زمينون رد نٿيون ٿين. سومرو عظيم لکيو ته اڄ سنڌ اکين سان ڏسي پئي ته سنڌ کي ٻاهرين دشمن جي ضرورت ناهي جڏهن ته اسان وٽ پ پ دشمن جي روپ ۾ موجود آهن جيڪي ازل کان سنڌ سان دوکي جي رسم ادا ڪندا اچن پيا. اسد جروار لکيو ته بلڪل زمينن جي مالڪي ضروري آهي نه ته اھي قبضو ڪري ميرپور خاص وانگر اتي به ڌاريا آباد ڪندا، ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي اھو ثابت ٿي چڪو آهي ته سنڌ جو ڪوئي مسيحا ناهي بلڪه عوام ئي پنهنجو مسيحا پاڻ آهي. شڪيل ڇڄڙو، رخسانه هاليپوٽو، زنگيجو ستار، برڪت نوناري، علي رند، جميل احمد، ساحل سمير، عاقب علي، مير عابد، نادر حسين سنڌي، علي رضا چاچڙ، انعام الله پنهور، خليل الرحمان ابڙو، نجم جتوئي، انتظار رند،ايم مٺل کوسو، حنيف چانڊيو، ايڊووڪيٽ نورالدين ڪٽوهر، واجد ميراڻي، عمران علي چاچڙ ۽  ٻين به ڪئنال رٿا ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي کي رد ڪيو. سنديش ڪمار پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌو، اسان جي ماءُ، گويا دل جي ڌڙڪن، جنهن جو هر موج محبت جو گيت ۽ تاريخ جو سُر آهي. هن جي پاڻيءَ ۾ نه رڳو زندگي لهرائي ٿي، پر اسان جي ثقافت، ورثي ۽ خوابن جو عڪس به جھلڪي ٿو. سنڌوءَ جي ڪنارن تي اُڀريل سائي فصلن کان وٺي، شاعرن جي دلين ۾ اُٿلندڙ جذبات تائين، هوءَ سڀ کي پنھنجي آغوش ۾ لڪائي، سڪون بخشي ٿي. هن جي خاموش وهڪرن ۾ صدين جا راز ۽ اسان جي سڃاڻپ جو آواز سمايل آهي. سنڌو، اسان جي ماءُ، نه رڳو درياءَ، پر اسان جي روح جو ساگر، اسان جي عزت، اسان جو ابدي عشق آھي. علي دوست چانڊيو تصوير شيئر ڪندي لکيو ته روادار سنڌ، ٻه نيشنلسٽ عالم مولانا سيف الرحمان درويش ۽ مولانا اياز قمي صاحبان، درياءَ شيعه سُني جا ويڇا به دفن ڪري ڇڏيا آهن. عامر جوڻيجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عامرنواز وڙائچ پاران تحفي ۾ مليل سونو تاج جيڪو سومرا برادري جي معززين طرفان پارايو ويو هو، اهو تاج ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهن جي پهرين ڏينهن کان خدمت ڪندڙ پيرڳوٺ واسي سيد هارون شاهه راشدي کي اعزازي طور پارايو ڇاڪاڻ سيد هارون شاهه راشدي پنهجي گهرواري جا زيور وڪڻي ڌرڻي ۾ موجود ماڻهن جي خدمت پئي ڪئي، قومي جذبي کي سلام،  رفيق ملاح مانجهند وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته هي اٿوو منهنجي سنڌ سوچڻ وارو سوچيو هن ديس جي واسين جو پاڻي بند ڪندئو، ٻٻرلوءِ ڌرڻي سبب بيٺل گاڏين جي ڊرائيورن جي خدمت ڪندڙ منهنجيون شهزاديون سلامت هجو بابلا، نثار کوکر وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته هي نياڻيون وارهه جهڙي ڏورانهين علائقي مان نڪري ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ پهتيون آهن. جيڪي سندن وس م آهي سو ڌرتيءَ جي مالڪي ڪندڙ وڪيلن ۾ ورهائين پيون. هي نياڻيون ته ٽرڪ ڊرائيورن کي به ڪجهه کائڻ پيئڻ لاءِ ڏين پيون.. انسان دوست ٽيم پنهنجي نياڻين سميت پهتل آهي… ان جذبي کي ڪو غاصب ڪو به غدار ڪو به شڪست نٿو ڏئي سگهي…

هي اٿيا ته تخت نه رهندا

هي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جنهن بابت ڄاڻايو ويو آهي ته هي شخص ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ پنهنجي نياڻين سميت آيو آهي. ان حوالي سان مختلف پوسٽون شيئر ڪيون ويون آهن. جيڪي هيٺ ڏجن ٿيون.

ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ هن ماڻهو کي ڏسي يقين اچي ويو شعور هجڻ لاءِ مهانگا سوٽ، وڏيون ڊگريون هجڻ لازمي ڪونهي، سنڌ جا هي ڦاٽل ڪپڙن وارا پورهيت ماڻهو جي جاڳيا ته حڪمرانن جا تخت اونڌا ڪري ڇڏيندا. (خالده منير جي پوسٽ)

ھن شخص کان پڇيو ويو ته: عامر نواز وڙائچ صاحب جن کي ته سونا تاج پھرايا وڃن ٿا وڏا وڏا ماڻھو ھن سان ملڻ لاءِ آيا آھن تون مسڪين ڪيئن آيو آھين ؟ سادو ماڻھو جواب به سادو پر سڀني تي وزني، چيائين: سنڌ ۽ وڪيل صاحبان جي ڌرڻي ۾ مڙئي تعداد وڌائڻو آهي، ايئن چئي آڱر سان اشارو ڪندي چيائين سامھون ويٺل معصوم نياڻين سميت آيو آھيان جن جا ڪپڙا ڦاٽل آھن مھرباني ڪري انھن جي تصوير نه ڪڍجو. اهو شخص ننڍڙين سميت اسان جي ڪيمپ ۾ موجود ھو جنھن کي اسان وس آهر مدد ڪري خاصخيلن جي ڳوٺ ڇڏي آيا آھيون ھن جي سڄي ويڙھي سان ساڳي ئي پوزيشن آھي. (نواب الدين وڪيل جي پوسٽ)

ڏھاڪن کان اسان جي قيادتن انھن پورھيت ۽ ھاري طبقي جي جاڳرتا لاءِ ڪوبه منظم ڪم ڪونه ڪيو آھي،اڃا به ائين چئجي ته اسان جي اوليتن ۾ اھي شامل ئي ڪونه آھن ته غلط نه ٿيندو.انقلاب جو بنيادي جز ئي اھي ماڻھو آھن.(سارنگ وحيد)

اي دنيا وارئو گواھه رھجو سنڌ جي روڊن تي کربين رپين جي ماليت جون شاندار ڪوچون، ٽرڪون ۽ ٽرالر بيٺا آھن، ڪنھن کي رھنڊ به ناھي آئي، اھڙو پرامن ديس ۽ قوم دنيا ۾ ڪٿي آھي ؟ سا سنڌ ئي آھي سا سنڌ ئي آھي. (جاويد حالتي جي پوسٽ)

ٻٻرلوءِ ڌرڻي سبب 12 هزار گاڏيون، 2500 آئل ٽينڪر ۽ ھڪ هزار ڪمرشل گاڏيون ڦاسي ويون،

گذريل ٽن ڏينهن کان روزانو 20 لک ڊالرز جو نقصان ٿي رهيو آھي.(انڙ عبدالسلام جي پوسٽ)

8 ڏينهن لڳل ڌرڻي سبب پاڪستاني معيشت کي 500 ارب رپين جو نقصان ٿي چڪو آهي. (عرفان علي گوپانگ)

وطن  کان  سِر  مَٿي  نه  آ

وطن کان سِر مَٿي نه آ.

اکيون اَٿئي  ته  پاڻ  ڏِس،

اُٿي   آ   سنڌ   هاڻ   ڏِس،

هُڳاءُ   ڏِس، جواڻ   ڏِس،

سِراڻ  ڏِس، تِکاڻ   ڏِس،

رَکين ٿو  ڪَن  ته  گوڙ  ٻُڌ،

چَوي  پيو  ڇا  اروڙ   ٻُڌ ؟

وطن  لئه  هِي  وِلوڙ  ڏِس،

ڪَٺا   ٿيا  ڪروڙ   ڏِس،

سنڌوءَ  جي  هر  پُڪار  تي،

ٽِڙيا   گُلاب  گهوٽ   ڏِس،

وطن جي سَڏ  جي موٽ ڏِس،

پُٺيان  ڇَڏياسين  موڙ  ڏِس،

ڪِرن پيا  تُنهنجا ڪوٽ  ڏِس،

قهر  جي  ڪُک  مروڙ  ڏِس،

ڏِسين  ته  رُت  تَتي  به  آ،

تڏهن  ته  سنڌ  مَتي  به  آ،

هِي  عشق  بيقرار   ڏِس،

خزان  ۾   ٿِي  بهار  ڏِس،

چوي  پيو  اڄ  ٻَچو   ٻَچو،

ڪو  گھاٽ   گَهر  مَٿي نه  آ،

وطن  کان  سِر  مَٿي  نه  آ.

(فيس بوڪ تان ورتل)

اسين جل کي مڃڻ وارا…

اسان جي وِرد ۾، تسبيح ۾، گيتن ۾، ڀَڄنن ۾!

رهي سنڌو، ڪھي سنڌو، وهي سنڌو ئي سنڌين ۾.

اهو مرشد به آ، محبوب آ، موليٰ به آ سڀ جو

اسين سنڌي ازل کان ئي رهون سنڌوءَ جي چرڻن ۾.

سوا سنڌ جي، اسان جا شانَ توڙي مانَ سڀ ڪوڙا !

سوا سنڌوءَ جي هوندي ڌوڙ بس ڳوٺن ۽ شهرن ۾.

هجي آذان ڀل عربي، انهيءَ ۾ ساءُ سنڌي آ،

ڀلي سنڌيءَ ۾ ناهن، سنڌ ئي مھڪي ٿي ويدن ۾.

سَتيم شِيوَم به سنڌ آهي، ۽ سنڌو سُندرم آهي!

اسان جل کي مڃڻ وارا، اسان مٽيءَ جي مستن ۾.

نديءَ ڄاوا، نديءَ پاليا، نديءَ جا لاڏلا آهيون!

ڀلي ڀٽ تي، ڀلي سيوهڻ، ڀلي جيئندا هجون سن ۾.

(فيس بوڪ تان ورتل)