پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي سزا معطلي، کيس آزاد ڪرڻ جي حڪم بعد سوشل ميڊيا تي خوشي جو ماحول پيدا ٿي ويو پر اتي ئي وري جڏهن اها خبر سامهون آئي ته سائفر ڪيس ۾ گرفتار رهندي ته ڏک وارو ماحول به نظر آيو، ان حوالي سان شهزانه جميل شيخ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عمران کي اٽڪ جيل اندر ئي ايف آءِ اي سائفر ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو، جج دلاور کيس سزا ٻڌائي هئي ٻيو جج ابوالحسنات هو جنهن به سزا ڏني، عمران جو جوڊيشل رمانڊ اهڙي قانون تحت منظور ڪيو ويو جيڪو صدر اڃا تائين منظور ئي ناهي ڪيو، عمران جيڪو اڳ ئي جيل ۾ آهي ان کي ٻئي ڪيس ۾ رمانڊ ئي نٿو ڏئي سگهجي، سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪري وڌيڪ 10 کان 14 ڏينهن جو رمانڊ وٺڻ جو امڪان آهي. سيد سجاد علي شاهه لکيو ته شڪر الحمدالله عمران جي سزا معطل ڪئي وئي، عرفان علي اوڍاڻو وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته توشا خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي سزا معطل ڪرڻ جي خوشي ۾ رتي ديري ۾ مٺائي وئي، عبدالرزاق بروهي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عمران جي سزا معطل، هاءِ ڪورٽ کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، لياقت ابڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ھاءِ ڪورٽ اسلام آباد توشا خانه ڪيس مان عمران خان جي سزا معطل ڪري ، کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو، لال بخش فدا چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عدالت عمران جي سزا معطل ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.مجيب ٽوٽاڻي به اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي، ايڊووڪيٽ راءِ هريجن لکيو ته عمران جي سزا معطل ٿي وئي، خدا ڏنو شاهه پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عمران خان جي قيد , ڏنڊ ۽ نا اهلي واري سزا کي اسلام آباد هاء ڪورٽ معطل ڪري ڇڏيو، لطف مهر وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته عمران خان جي سزا معطل ٿيڻ بعد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي وڪيلن جا عمران خان جي حق ۾ نعرا هنيا، نصرالله لاشاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪپتان اڄ سرخرو ٿي ويو، اسلام آباد هاڻ ڪورٽ عمران خان جي توشا خانه ڪيس ۾ ٻڌايل سزا معطل ڪري کيس ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو سندس وڪيل فيصلي جي ڪاپي کڻي اٽڪ جيل روانا ٿي ويا، محمد خان لنڊ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عدالت عمران کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ملاح آفتاب وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته قيدي نمبر 804 کي اٽڪ کان اسلام آباد لاءِ روانو ڪيو ويو آهي، رشيد سومرو به خوشي واري پوسٽ شيئر ڪئي، نورالدين پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان جي سزا معطل ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو..! ربنواز مستوئي به اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي. ڌڻي بخش مگسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عدالت عمران خان جي سزا معطل ڪندي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، سڀني کي مبارڪون هجن، مختيار علي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عمران خان جي سزا معطل مبارڪون هجن خان جي سپورٽن کي، نه وڪيو نه جهڪيو نه غلامي قبول ڪيائين نه جلاوطني قبول ڪيائين نه ته ڪيسن جي خوف کان چڱا ڀلا اسپتال داخل ڪرائي ڪوڙا سرٽيفڪيٽ ٺھرائي ڀڄي ويا، نور شريف پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عمران خان جي صرف سزا معطل ٿي آهي، انھي جو مطلب اهو ناهي آهي ته عمران خان توشا خانه ڪيس مان بري ٿي ويو آهي، اھو ڪيس باقاعدي سان ھلندو ۽ ھر پيشي تي ھن کي ڪورٽ ۾ حاضر رھڻو آهي، باقي ٻيا کوڙ ڪيس آهن جن ۾ به شايد گرفتار ڪيو ويندو، سو وقت کان اول نه مٺائي ورھائڻ گھرجي نه کائڻ، عمران خان جي سياست بلڪل زيرو مان شروع ٿيندي جنهن ۾ ڍير ساريون ڏکايون موجود آهن، عامر پاريچو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته توشا خانه ڪيس، عمران خان کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشا خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي ٻڌايل سزا معطل ڪري ڇڏي آهي، عمران خان کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، اياز کوسو، نياز لاشاري، سني بروهي، ظفر مغيري، اظهر علي اميراڻي ۽ ٻين به عمران بابت پوسٽون شيئر ڪيون.