وفاقي وزير علي امين گنڊاپور پاران ڀٽو کي غدار، نواز شريف کي ڦورو ۽ مريم نواز کي ڊاڪو ناني قرار ڏيڻ واري بيان بعد سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو، ان سلسلي ۾ ٽائيم نيوز ٽي وي جي فيس بوڪ پيج (TheTimeNews.TV) تي شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي مظفر علي لکيو ته هن غلط ٻولي ڳالهائي آهي، آغا عقيل پٺاڻ لکيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هڪ عظم ليڊر هو، شاهد ڏاهري لکيو ته باقي هنن پاڻ ملڪ کي گهٽ لٽيو آهي؟ لال ڏنو خاصخيلي لکيو ته ڀٽو بهترين انسان هو پر پ پ سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، رياض احمد لکيو ته ڀلي پ پ سان لک اختلاف هجن پر پ پ جو گندي کان گندو ماڻهو به گنڊاپور کان لک دفعا بهتر آهي، هو ڀٽو خلاف غلط ٻولي پيو ڳالهائي، امداد علي شر لکيو ته گنڊاپور ڪريل سياستدان آهي، عمران علي ٿهيم لکيو ته ڀٽو جهڙا ليڊر صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن، شهاب الدين صوفي لکيو ته هن جي ايتري اوقات ئي ناهي ته ڀٽو خلاف ڳالهائي، شبير سهتو لکيو ته هن کي خبر ئي ناهي ته ڀٽو جي ڪري پاڪ چين دوستي، ايٽمي طاقت، 73 ع جو آئين، 90 هزار فوجي آزاد ڪرائڻ ڀٽو جا ڪارناما آهن، انور اسماعيل مڱريو لکيو ته ها واقعي ڀٽو غدار هو جنهن ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو، حسين احمد لکيو ته گنڊاپور پاڻ وري ڪهڙو کير سان ڌوتل آهي، حاجي احمد نواز جمالي لکيو ته علي امين گنڊاپور کي جوتو هڻندڙ جيالو نڪتو، مسعود نواز بروهي لکيو ته ڪجهه ڳالهيون سچيون آهن، فرحان بلوچ لکيو ته ڀٽي ڪرسي جي ڪري مجيب الرحمان جي اڪثريت جي لتاڙ ڪري ڪرسي ورتي، ثناءُالله لکيو ته ڀٽو نه هجي ها ته پاڪستان ايٽمي طاقت نه هجي ها، حمادالله ڪنڀر لکيو ته وزيراعظم ڪابينا ۾ اهڙا ماڻهو ويهاري ڇڏيا آهن جن کي ڳالهائڻ جو ڍنگ به ناهي، ڪفايت عباسي لکيو ته هنن کان ٻيو ڪم نٿو ٿئي صرف گاريون ڏين ٿا. دلدار خاصخيلي لکيو ته جنهن ملڪ کي ايٽمي قوت بڻايو اهو غدار ڪيئن ٿي سگهي ٿو، معظم ڀٽو ۽ غلام مرتضيٰ سومرو لکيو ته ڀٽو عظيم انسان هو، فيضان علي لکيو ته ان جي ڳالهين تي ڌيان نه ڏيو، عبدالرحمان چاچڙ لکيو ته وزيراعظم کان مطالبو ٿا ڪريون ته ان وزير خلاف ڪارروائي ڪري.